Wednesday 1 November 2017

سنڌي ڪنهن کي ڪوٺجي ؟؟؟

سنڌي هئڻ جي سِڌي سنواٽي وصف معلوم ڪرڻ جي پٺيان ڪارڻ ڪهڙا آهن هر ايندڙ ويندڙ جي وات تي پهريون سوال اهو ڇا لاءِ هجي ٿو؟ پٺاڻن جي مُلڪ رَسي کانئن ايئن پُڇيو آهي ڪنهن؟ پنجابين کان؟ راجسٿان پهچي اُتان جي رهواسين کان؟ مُلڪ کان ٻاهر نهارجي ته چيني ماڻهوءَ يا جپانيءَ کي تنهن طرح جي کوٽ کوٽان سان منهن سامهون ٿيڻو پيو آهي ڪڏهن؟ ايمانداريءَ سان جائزو وٺجي، سبب آڏو رکيا آهن. ورهاڱي کان اڳ اهڙي قسم جي تشريح جي گهرج محسوس ئي نه ٿي. 47ع جي ڀونچال ۾ اسان ٽوٽا ٽڪرا بڻجي، يَڪ ڌرمي گروهه رهجي وياسين. دل گُهرئي مذهب جا مڃيندڙ وڌيڪ ۽ تاريخي، نسلي ۽ لِساني سڃاڻپ سانڍيندڙ قوم بنهه نَه هئڻ برابر. اصولي طور، سياسي پنڊتن کي لوڪ لاءِ سَو پيغام عام ڪرڻ کپي ها، جنهن منجهه مذهبي سڃاڻپ سنڀاليندي تازي ڄاول رياست سان وفا جي وچن کي پاڻي ڏيڻ جي ڳالهه هجي ها. تيئن ڪين ٿيو، نڪور ۽ اوپري ڀڳت ۾ پاڻ نئين سنڌ جي ڳولها ڪندي هر نَٿُو خيري کي ڀاڪر پائي، ڀاءُ ڪوٺڻ لڳاسين. ويل چئجي جڏهن سنڌيت ۾ نسب جو خاتمو آيو، ڪجهه ورهيه پهريان تائين جن طرف کيرٿر کان پرانهين ۽ روهي جي برپٽ سان لاڳاپيل لِڇَ جي پس منظر ۾ ڏٺو ٿي ويو. عرب خون جي رڳن ۾ گردش ڪرڻ تي ناز هئن. سي راتئون رات موهن جي دڙي جي وارث هئڻ جي هام هڻڻ لڳا. هندوستان کان پُهتل همراهن جو ته قصو ئي ڌار ڄاڻو.
سنڌيت جي وضاحت ۾ ضرور ڪي جَهول آهن جن ڪارڻي ڌرتي ڌڻي هُجڻ جي اسان جي اڌيڪار تي آڱريون کڄن پَيون. ٻاهران رَسيل اجنبي ارواحن جي لوڌ جي هتي مستقل رهائشي ٿيڻ بعد ڄاڻايل سوال جي اهميت کي زورائتو ٽيڪو مليو آهي، ڪوئي مڃي نه مڃي، ڌاري آبادڪاري جو حمايتي تَازِي لازمي طرح ان نُڪتي کي اُٿاريندو. 73ع جي آئين کي ڀَل سوني پاڻيءَ سان لکو. پٺاڻ، پنجابي، سرائيڪي سَيٽلر سنڌ مان اُٿندڙ سادات، ٻَروچ سِرائي دانهوڙ کي خُود وانگر هجرت ڪري ايندڙ آدميءَ جي اعتراض جيتري وُقعت ڏيندي دير ڪين لڳائيندو. صوبائي ڪابينا جي مگسي وزير جي تازو ايم ڪيو ايم مامري تي اسيمبلي فِلور تي ڪيل تقرير ياد ڪريو ۽ نه وساريو ته وڏو ڀاڻهنس بلوچستان جو چيف منسٽر ۽ گورنر رهي چُڪو آهي. مگسي صاحب جي سنڌيت سَندي هَامَ مان هَوَا نڪرندي ڪيترو وقت خرچ ٿيندو؟ ڪهڙي حال ۾ به، هتان جي ڏاهپ سنڌي هُئڻ جي تُز وصف ڏيڻ کان ڪن لاٽار پاري عياشي گهڻو سمئه ماڻڻ جاري رکي نه ٿي سگهي. قومي ايڪي کي بچائڻ وارو بهانو ڪيستائين ڪم ايندو؟ نيشن هُوڊ جي معراج تي نه وري اهڙي روش سانڍي پُهچي ٿو سگهجي. صاف لفظن ۾ سنڌيت جا معيار مقرر هئڻ جي غير موجودگي پِڻ هتي ڊيموگرافي جي لاڳاتار بگاڙ جو سبب ڄاڻجي.قسمين قسمين نَسلي ۽ سماجي پس منظر رکندڙ اوپرن انسانن جي سنڌ ڏانهن اڻکٽ آمد کي ٻُنجو ڏيڻ واسطي ڌرتي ڌڻي هجڻ جي چِٽي ۽ ابهام کان خالي وضاحت جي گهرج اوس پوندي. سندس قانوني ۽ اخلاقي حَقَ محفوظ ڪرڻ خاطر. صوبي جو مستقل رهواسي ڪير آهي؟ هَر اُهو نَه جيڪو هتي ملڪيت خريد ڪري، جُڳاڙ وسيلي ڊوميسائيل پي آر سي ٺهرائڻ ۾ سڦل ٿي وڃي. سنڌ اندر پراپرٽي وٺڻ فقط اُن کي ڏجي جنهن وٽ پيڙهه جي بُنيادن تي شهريت جو اڃا ڪو ٻيو ثبوت هُجي. قانون سازي کپي ٿي. پُختي سياسي ارادي جي طلب آهي.

No comments:

Post a Comment