Tuesday 31 October 2017

*ازل کان نشاني تي رهندڙ سنڌ يونيورسٽي* ذلفي ناٿن شاهي


سنڌ يونيورسٽي، جنهن کي اسان مادر علمي به سڏيندا آهيون، عام ماڻهن لاءِ ته هي شايد هڪ تعليمي ادارو ئي آهي، پر هن اداري جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته سوين ڪردار نظر ايندا، جن جي شعور جو جنم سنڌ جي هن مادر علمي ۾ ٿيو، سنڌ يونيورسٽي مسلسل مختلف سازشن جي گهيري هيٺ رهي آهي، قومپرست سياست ۽ شاگرد سياست جي عروج کان وٺي استاد سياست جي نعرن تائين، سنڌ يونيورسٽي اندر شاگردن جي پراسرار قتل عام کان جنسي حراسان ڪرڻ وارا معاملا شروعات کان ئي لامارا ڏيندا رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي سنڌ جو اهو تعليمي ادارو آهي، جتي توهان ۽ اسان جي ڀينرن، امڙين ۽ نياڻين تعليم پرائي پنهنجي روشن مستقبل ڏانهن سنهري وک کنئي، هن وقت به ڪيترائي اهڙا ماڻهو ملڪ توڙي دنيا اندر اعليٰ عهدن تي ويٺل آهن، جيڪي سنڌ يونيورسٽي مان پڙهي نڪتا، جڏهن ته سنڌ جا ڪيترائي امر ڪردار به سنڌ جي هن عاليشان اداري سان وابسطه رهيا آهن، سنڌ جو هر ٽيون ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي ريت هن اداري سان وابسطه رهيو آهي، اڄ به سوين هزارين اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي سنڌ جي عاليشان اداري کي ياد ڪري اکين جا لڙڪ نه روڪي سگهندا آهن، ڇو ته انهن جي زندگيءَ جون خوبصورت گهڙيون هن اداري سان لاڳاپيل آهن، يونيورسٽي واري زندگي ۾ انسان گهڻو ڪجهه ڏيندو ۽ پرائيندو آهي، گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ جي مادر علمي اندر ٿيندڙ ڪجهه ميڊيائي سرخين ۾ رهيا آهن، جن جي ڪري سنڌ يونيورسٽي کي تمام گهڻو ڀوڳڻو پيو ۽ هن وقت به ڀوڳي رهي آهي، تازو ئي ٿيندڙ نائلا رند وارو معاملو به سڀني جي اڳيان آهي، جيڪو اڃا وسريو ئي نه هيو ته مٿان وري سپريم ڪورٽ جو ليٽر پهتو، جنهن ۾ انگريزي شعبي جي شاگردياڻين پاران ڪجهه استادن تي کين جنسي حراسان ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن، اهيا خبر سنڌ سميت پوري دنيا ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، جنهن کان پوءِ ائين ٿيو جو سنڌ جي تعليمي ادارن سان نفرت ڪندڙ توڙي ٻاهر ويهي واءِ واءِ ڪرڻ وارن کي ڳالهائڻ جو هڪ نئون موضوع ملي ويو، جن بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي سنڌ يونيورسٽي ڏانهن پنهنجي حملن جي توپ سڌي ڪري ڏني ۽ سوشل ميڊيا جهڙي مقدس پليٽ فارم تي ويهي سنڌ جي هن تعليمي اداري مٿان هوائي فائر ڪيا، جنهن سان سنڌ يونيورسٽي جي ساک کي تمام گهڻو نقصان پهتو، هن وقت سنڌ جو هر پيءُ، جيڪو شايد پنهنجي نياڻي کي سنڌ جي هن عاليشان اداري ۾ پڙهائڻ جو خيال پنهنجي دل ۾ رکي ويٺل هيو، ان به دل ئي دل ۾ اهو طئه ڪيو ته نه بابا، سنڌ يونيورسٽي سندس نياڻي لاءِ محفوظ ادارو ناهي، هي اهو ادارو ناهي، جتي سندس نياڻي تعليم حاصل ڪري ۽ هو پنهنجي ڳوٺ ۾ سڪون سان ويهي ڪري ان جي مستقبل بابت سوچ ويچار ڪري ته جڏهن سندس نياڻي سنڌ جي عاليشان اداري مان تعليم حاصل ڪري ايندي ته هو کيس دنيا جي وڌيڪ جديد ترين ۽ سونهري زندگي ڏانهن وٺي ويندو، هن وقت اهي والدين پنهنجي نياڻين کي هن اداري ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ هرگز به راضي ناهن ۽ والدين جي اهڙن فيصلن، يا ائين کڻي چئجي ته سندن ٽٽل ارمانن جو سمورو ڪريڊٽ انهن روشي خورن ڏانهن وڃي ٿو، جن بنا ڪنهن سوچ سمجهه تي سنڌ يونيورسٽي مٿان حملا ڪيا.
سنڌ يونيورسٽي جي متاٿر ٿيل ساک کي بحال ڪرڻ لاءِ انتظاميا طرفان سيف سنڌ يونيورسٽي جي عنوان هيٺ ريلي ڪڍرائي وئي، جنهن ۾ مختلف ڪئمپس جي پي وي سيز، ڊائريڪٽر، چيئرمينن، سميت آفيسرن، استادن، شاگردن، شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ شاگردن توڙي شاگردياڻين جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان هيو، جيڪي مسلسل “سنڌ يونيورسٽي، محفوظ يونيورسٽي، قدم وڌايو وائيس چانسلر، اسان توهان گڏ آهيون، ناڪام ٿينديون ناڪام ٿينديون، سازشون ناڪام ٿينديون جا نعرا هڻي رهيا هئا، جنهن مان اهو تاثر مليو ته شاگرد چاهين ٿا ته چند معاملن جي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي ساک نه نقصان نه پهچايو وڃي، ريلي کان هڪ ڏينهن اڳ وي سي ڊاڪٽر فتح محمد برفت سان ٿيل ملاقات ۾ به ڊاڪٽر برفت جو اهو ئي چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو، جيڪي نه ٿا چاهين ته سنڌ جا تعليمي ادارا ترقي ڪن يا جيڪي نياڻين جي تعليم ۾ رڪاوٽ بڻجڻ چاهين ٿا، اهي سنڌ يونيورسٽي خلاف منگهڙت سازشون ڪري رهيا آهن، پر کين ڪامياب ٿيڻ نه ڏيبو، ان ئي ڏينهن الزام هيٺ آيل استاد فدا چانڊيو اوچتو منهنجي منهن چڙهي ويو، جنهن سان منهنجي دعا سلام ته نه ٿي سگهي، پر دوستن ٻڌايو ته فدا هڪ خوش طبعيت ماڻهو آهي، پر سموري معاملي بعد کيس منجهيل منجهيل ڏٺو وڃي ٿو، الزام هيٺ آيل ان شخص جي حالت ٻڌائي رهي هئي ته هو هن وقت ڪيترو ته پريشان آهي، ڪهڙي خبر ته انهن ليٽرن ۾ ڪيتري صداقت آهي، ڇا واقعي ائين آهي به يا نه، ان باري ۾ ڪا به راءِ ڏيڻ لاءِ هي مناسب وقت ناهي، ڏٺو وڃي ته دنيا اندر ڪٿي به اهڙو قانون موجود ناهي، جنهن ۾ ائين چيل هجي ته الزام هيٺ ماڻهو کي سزا ڏني وڃي، ان جي تصوير سوشل ميڊيا تي رکي ان لاءِ غير اخلاقي زبان  استعمال ڪئي وڃي، يا اخبارن ۾ ان جي تصوير لڳائي وڏين پٽين سان ان جي خبر شايع ڪئي وڃي، پر اسان پاڪستان ۾ رهون ٿا، ان ڪري شايد اسان جي وڏي بدقسمتي اها آهي ته هتي قانون ته موجود آهن، پر انهن قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪير متحرڪ ناهي، سوشل ميڊيا تي ٿيل گند ۾ اهم ڪردار اسان جي انهن پڙهيل لکيل ماڻهن جو آهي، جيڪي پاڻ کي سنڌ سنوارڻ جو ٺيڪيدار سمجهن ٿا، جن جو ڪم صرف سوشل ميڊيا تي ويهي وڏا وڏا نعرا هڻڻ آهي، عملي طور تي ڪڏهن به اهي ماڻهو متحرڪ ناهن رهيا، نه ئي ڪڏهن ڪنهن ناانصافي تي ميدان عمل ۾ نظر آيا آهن، پر انهن ماڻهن جنسي حراسان وارن الزامن هيٺ آيل استادن جي تذليل ۾ ڪا به ڪثر ناهي ڇڏي، هن وقت جڏهن اڃا اهي الزام ثابت ئي ناهن ٿيا، پر پوءِ اسان جي معاشري ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل جاهلن انهن کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو، جن اهو به نه سوچيو ته هڪ استاد، جيڪو معاشري جو قابل عزت ۽ معتبر فرد هوندو آهي، ان جي لاءِ جيڪڏهن اسان ڪجهه به لکون ٿا، ته ان انهن استادن تي ڪيترو خراب اثر پوندو، مان سمجهان ٿو ته هن وقت سموري معاملي ۾ ڪير به ايترو پريشان نه هوندو، جيترو پريشان اهي استاد آهن، جن تي الزام آهن، ڇو ته انهن جو سمورو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، معاشري انهن ماڻهن کي خراب نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، خبر ناهي ته هو هن وقت ڪيترين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ممڪن آهي ته هو مڪمل طور مايوسي جو شڪار به هجن، هي استاد شايد هن وقت ڪٿي به اٿڻ ويهڻ جهڙا ناهن رهيا، توڙي جو انهن تي لڳايل الزام اڃا الزام ئي آهن، مٿان وري سپريم ڪورٽ وٽ پهتل خط سان لاڳاپيل شاگردياڻين به ان خط کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، پر پوءِ به اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته اسان انهن ٽن ماڻهن جي ڪري سنڌ جي عاليشان اداري مٿان چٿرون ڪيون وڃن، سوشل ميڊيا تي ويهي لکون ته سنڌ يونيورسٽي جنسي حراسمينٽ جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جا وارث سڏرائيندر، جيڪي چون ٿا قوم جي مسئلن جو حل صرف ۽ صرف انهن وٽ ئي آهي، ڇا انهن جي دل و دماغ ۾ ايترو به خيال نه آيو ته هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان سان سنڌ جي عاليشان اداري تي ڪهڙا اثر پوندا؟؟ اهڙا اسڪينڊل اڳ به ٿيندا رهيا آهن، پر ان وقت جي استاد يونين ڪهڙا ڦاڙها ماريا، انهن شاگردياڻين جي حقن لاءِ ڪهڙي جنگ وڙهي، ان وقت شاگردياڻين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ليڊر، جن کي پڇ ٻڌي مهري ڪيو ويو، انهن ڇا ڪيو، انهن جي ڪردار کا به سموري سنڌ واقف آهي، هن وقت جڏهن سنڌ يونيورسٽي سک جو ساهه کڻي رهي آهي، ته ٻيهر اهڙن مسئلن کي هٿي وٺرائي سنڌ يونيورسٽي جو نالو بدنام ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن توهان قوم سان مخلص آهيو ته عملي طور تي ميدان ۾ اچو ۽ ڪجهه ڪري ڏيکاريو، باقي ڪمري اندر ويهي سوشل ميڊيا تي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري سنڌ جي نوجوان کي گمراهه نه ڪيو، بهتر اهو آهي ته توهان هن نازڪ معاملي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي سموري معاملي جي هر پهلو کان جانچ ٿيڻ جو انتظار، پوءِ جيڪڏهن ڪا ناانصافي ٿئي ٿي ته توهان ان لاءِ آواز اٿاريو، جيڪي استاد ملوث هجن توهان بيشڪ انهن کي وچ چوراهي تي بيهاري ڦاسي ڏئي ڇڏيو، توهان کي ڪير به نه روڪيندو، باقي ائين ويهي هوائي حملا ڪري سنڌ جي باقي بچيل ادارن جي ساک خراب نه ڪيو، ان ۾ قوم جي ڀلائي آهي، سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا لاءِ به اهو ئي بهتر رهندو ته هو يونيورسٽي اندر سمورن معاملي کي واچ ڪري، يونيورسٽي جي سمورن معاملن تي نظر رکي ۽ ڪوشش ڪري ته جيئن ٻيهر اهڙا واقعا جنم نه وٺن، جنهن سنڌ جي عاليشان اداري مٿان حملا ٿين.

وتايو فقير - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

وتايو فقير (1768ع – 1831ع)
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
وتايو فقير، اصل هندو نسل مان هو. سندس پتا امر سنگ اجواڻي هو، جيڪو تاجپور (پنجاب) جو رهاڪو هو. سندس ماتا جو نالو رڪمڻي ٻائي هو. مائٽ کيس پيار وچان ”وتو“ ڪري ڪوٺيندا هئا. سندس جنم وسپت ڏينهن، تهه سياري جي 12 جنوري 1768ع تي ٿيو هو. ڪن سببن ڪري سنڌ ۾ لڏي آيا، جتي نصرپور ۾ ٺڪاڻو ٺاهي ويٺا.

ظاهري طرح تي وتائي کي ننڍپڻ کان وٺي ڪا به تعليم ڪا نه ملي هئي، مگر ڌڻيءَ سڳوري سندس ذهن ۽ ذڪاءُ اهڙو ته تيز ڪيو هو؛ جو وڏن عالمن کي به شهه ڏيئي ٿي ڇڏيائين. هو طنز جي اوٽ ۾ اهڙا ته عالمانه گفتا بيان ڪندو هو، جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا هئا. سندس سادگيءَ مان ماڻهو اڪثر چريائپ جو اندازو لڳائي، ساڻس ٽوڪ طور ڳالهائيندا هئا. مگر پاڻ انهن کي اهڙو ته منهن تي معقول جواب ڏيندو هو، جو ڏندين آڱريون ڏئي هليا ويندا هئا.
سندس طبيعت ننڍپڻ کان ئي فقيراڻي هئي؛ جنهن ڪري اسلام لاءِ کيس وڏي عزت هئي. ستت ئي عمرڪوٽ مان سندس شادي به ٿي. ٿورن ڏينهن بعد سندس پتا پرلوڪ پڌرايو. پوءِ ته پاڻ، ماءُ ۽ زال سميت مسلمان ٿيو. جيئن ته پاڻ اصل نالي ”وتو“ سان مشهور هو؛ ان ڪري پاڻ کي ”وتايو فقير“ سڏائڻ لڳو . سندس جيون ساٿي گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو. پوءِ پاڻ کي اڪيلو پئي ڀانيائين. البته پوڙهي والده جي خدمت کي افضل عبادت ڪري ڄاتائين. زندگيءَ جا 63 ورهيه دم کڻي، والده کي وڇوڙو ڏئي، اربع ڏينهن 22 ذوالحج 1247هه مطابق 19 جون 1831ع تي ٽنڊوالهيار (حيدرآباد) ۾ وفات ڪيائين. کيس شهر کان ٻاهر ٽن ميلن جي مفاصلي تي ابدي ننڊ ۾ آرامي ڪيو ويو آهي.
وتايو، سچ پچ هڪ لاطمع انسان هو. پئسي سان سندس ڪا نه پئي. سندس تعليم جو طريقو به بالڪل نرالو هو. کلندي کلندي عام انسانن کي اهڙا ته دانائيءَ جا سبق سيکاريندو هو، جو سڄي حياتي سندن دل تان ميسارجي نه سگهيا. اسان کي سينه به سينه طنز و مزاح جي اوٽ ۾ ڪافي نقل ياد آهن، جن کي جيڪڏهن يڪجاءِ ڪجي، ته هوند هڪ ضخيم ڪتاب تيار ٿي وڃي. نموني طور هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:-
”پاڻ هڪ ڀيري گڏهه تي چڙهي ڀر واري ڳوٺ ڏانهن پئي ويو. واٽ تي گڏهه گوهي ڪري، ڦيرائي پٽ تي کڻي اڇلايس. هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي، گڏھ ڏانهن گهوري چيائينس ته؛ ”بس، وڌيڪ تو کي چوڻ مناسب ناهي. ڇاڪاڻ جو جيڪو تو لاءِ منهنجي زبان تي تري آيو هو، سو تون ته اڳ ئي آهين، باقي ڇا چئي ٻڌايانءِ!“
[مطلب ته ارڏي جي ارڏائي ظاهر ڪرڻ مان ڪو به سود نه ٿو سري، ڇاڪاڻ جو ڏنگيءَ هلت واري مان ڪڏهن به چڱائيءَ جي توقع ڪري نه ٿي سگهجي].

حوالا
(1) – امرسنگ اجواڻيءَ کي ٻيا ٻه پٽ: ورايو، وسايو ۽ ورائي ٻائيءَ نالي هڪ نياڻي به هئي.
(1) – چون ٿا ته سندس مڱ عمرڪوٽ ۾ رهندي هئي. هڪ ڏينهن جيئن ئي پاڻ عمرڪوٽ کان وڃي نڪتو، ته پريان ڪجهه عورتون کوهه تي پاڻيءَ جا گهڙا ڀري رهيون هيون. مڄاڻ ڪا انهن ۾ سندس مڱ به موجود هئي. عورتن کيس چريو ڄاڻي، مڱ کي منهن ۾ ڏيئي کيڪار ڪرائي؛ جنهن جي جواب ۾ پاڻ مشڪي چيائينس، ته ”چريا کريا ضرور آهيون، مگر سڃاڻون سڀ کي ٿا!“ اهو جواب ٻڌي عورتون وٺي ڀڳيون.
(2) – ان وقت سندس عمر 37 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. سندس اسلامي نالو ”طاهر“ رکيو ويو هو.

قلندر لعل سيوهاڻي - ولي محمد طاھرزادو

قلندر لعل سيوهاڻي
”اچي حاضر حسيني ٿيءُ، قلندر لعل سيوهاڻي!“

ولي محمد طاھرزادو
سنڌ جي قديمي شهرن مان سيوهڻ هڪ اهڙو آڳاٽو شهر آهي، جنهن تي ماضيءَ جي لڙاٽيل پردن پوڻ سببان، اڄ تائين ڪا به اهڙي تسلي بخش ثابتي نٿي ملي، ته هن جو بنياد ڪڏهن پيو ۽ هن پنهنجي اوج ۽ اقبال جي دور ۾ زماني جا ڪهڙا لاها چاڙها ڏٺا، ۽ پنهنجن ۽ پراون جي هٿان سيني تي ڪهڙا زخم سَٺا؟ سنڌ جي تاريخ جي پردن تي سيوهڻ جي قدامت جي ثابتي، بهرحال سڪندر يونانيءَ جي حملي کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو عيسوي سن کان 336 سال اڳ سڄي دنيا فتح ڪرڻ جي خيال سان بي انداز لشڪر وٺي، ايران، شام، فلسطين ۽ مصر کي لتاڙي، سنڌ ۾ پهتو. هو سنڌ ۾ ڪجهه عرصو، هن شهر جي دلفريب فضا کان متاثر ٿي، هتي رهي پيو ۽ پنهنجو هڪ يادگار قائم ڪرڻ جي خيال کان اڳوڻي قلعي جي مرمت ڪرائي، موٽي وطن ڏانهن اُسهيو.

سڪندر جي حملي کان پوءِ سيوهڻ ڪيرن انقلابن سان روشناس ٿيو. زماني جي ڏنگيءَ چال هن کي ڪڏهن به دائمي طور پنهنجن جي هٿن ۾ رهڻ ڪين ڏنو. هڪ حملي آور جي چنبي مان لُڇي ڦٿڪي، اڃا هن پنهنجي جان مس ٿي آزاد ڪرائي، ته ائين ئي ڏسندي ڏسندي ڪنهن ٻئي جو ٿي ٿي ويو. ائين هلندي هلندي آخر هن جي اوج ۽ اقبال جا ترانا جيڪي ڏيهان ڏور ٻڌبا هئا، سي آهستي آهستي ختم ٿيندا ويا ۽ هي سڄو شهر برباديءَ واري گوشئه گمناميءَ ۾ رهجي ويو. بهرحال هن شهر زماني جي هيٺانهين ۽ مٿانهين ان گذرندي، ڇهين صدي هجريءَ ۾ هڪ بزرگ ۽ اهل الله، سيد عثمان بن ڪبير الدين مروندي، جنهن جي نسب جو سلسلو تيرهين پيڙهيءَ ۾ امام جعفر صادق رحه سان ملي ٿو، سنڌ جي هن شهر ۾ آيو ۽ سيوهڻ کي پنهنجي ابدي آرام گاهه بنائڻ جو ارادو ڪيائين. سيد عثمان مروندي اڳتي هلي قلندر شهبا جي لقب سان مشهور ٿيو. هن هجري 583 ڌاري آذربائجان علئاقي ۾ تبريز کان چاليهه ميل اُلهندي طرف مروند نالي هڪ ڳوٺڙيءَ ۾ جنم ورتو. پر ڪڏهن تذڪري نگارن جي راءِ آهي ته مروند افغانستان ۾ هڪ ڳوٺڙو آهي، جڏهن ته هن سان قلندر شهباز جي پيدائش جو ڪوبه تعلق نه آهي. ڇاڪاڻ ته هن جو جنم آذربائجان ۾ ٿيو، جتي مروند نالي هڪ ڳوٺڙو اڄ به موجود آهي. اهڙيءَ ريت مروند جي بجاءِ مرند ئي صحيح سمجهڻ گهرجي. اهڙو ساڳيو اختلاف پيدائش جي تاريخ بابت پڻ آهي.
قلندر شهباز ننڍيءَ عمر ۾ اعليٰ ذهانت جو مالڪ هو. ستن سالن جي عمر ۾ سارو قرآن شريف حِفظُ ڪرڻ انهيءَ ڳالهه جو عين ثبوت آهي. حافظ ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي کيس ان دور جي مشهور عالمن ۽ بزرگن وٽان وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو. اهڙيءَ ريت هو پنهنجي اباڻي وطن کي الوداع چئي، مشهد ۽ عراق ۾ امام رضا ۽ ٻين بزرگن جون زيارتون ڪري، مديني پاڪ ۽ ڪربلا معليٰ کان ٿيندو مڪران پهتو. مڪران جي عالمن ۽ صوفي بزرگن، هن کي علمي چاهه ۽ فيض جي حاصلات لاءِ آماده ڏسي، پنهنجي خاص مريديءَ جي حلقي ۾ آندو ۽ پوءِ ڪافي عرصي گذرڻ بعد قلندر شهباز کي تبليغ ڪرڻ جي خيال سان هندستان ڏانهن روانو ڪيو. ان وقت هندستان ۾ سلطان غياث الدين بلبن جي حڪومت هئي ۽ سندس طرفان شهزادو محمد ملتان ۾ گورنر هو. هندستان پهچڻ کان پوءِ قلندر شهباز ملتان ۾ بهاءُ الدين زڪريا جي خانقاهه ۾ اچي رهيو. شهزادو  محمد، بهاءُ الدين زڪريا جو معتقد هو، انهيءَ وسيلي سان شهزادي محمد جي قلندر شهباز سان شناسائي ٿي. شهزادي محمد جو قلندر شهباز سان تعلق، جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. چون ٿا ته قلندر شهباز ملتان ۾ گهڻو عرصو شهزادي محمد ۽ ملتان جي بزرگن سان رهاڻيون ڪيون. شهزادي محمد جي خواهش ٿي ته قلندر شهباز دائمي طور ملتان ۾ رهائش اختيار ڪري، ۽ هن انهيءَ خيال سان کيس هڪ جدا خانقاهه جوڙائي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. پر اڳتي هلي قلندر شهباز اهڙو ارادو ترڪ ڪري آخري عمر ۾ ملتان کي الوداع چئي، سيوهڻ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي.

تذڪري نگارن جي راءِ آهي، ته سيوهڻ ۾ قلندر شهباز پنهنجي زندگيءَ جو رڳو آخري هڪ سال گذاريو. انهيءَ حساب سان پاڻ هجري650 يعني هڪ سو ٻارهن ورهين جي عمر ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي هوندائين. قلندر شهباز جي ميلي کي وڏي اهميت حاصل آهي. سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي ميلا ۽ ملاکڙا ٿيندا رهن ٿا، پر هن ميلي جو نمونو ئي ٻيو آهي. هر سال شعبان مهيني جي تاريخ 18 کان 20 تائين هزارين ماڻهو سنڌ، بلوچستان، مڪران، افغانستان ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تان ڪشالا ڪري هتي اچي گڏن ٿين ٿا. ٽئي ڏينهن صبح کان وٺي شام تائين نغارن جي ڌم ڌمان لڳي پئي هوندي آهي. درگاهه تي صبح ۽ شام سارو ڏينهن ڌمالون پيون وڄنديون آهن. هر فن ۽ رنگ جا ماڻهو هن موقعي کي ڏسڻ ايندا آهن. سنڌ جي ٻين ميلن ۾ واپار کي وڏي اهميت حاصل آهي، پر هتي ايئن نه آهي. ٽئي ڏينهن صبح کان شام تائين راڳ ۽ ساز جو چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي. شام جو ملاکڙو لڳندو آهي، جو خاص ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

ٻهراڙيءَ جي عورت جي جيءَ ۾ جهاتي

جنهن بن ڪانه سري اي سرتي!
جيءَ جيءَ تي جنهن جو جادو

”ڇا لکي ساجن؟
اون هون، اون هون
اي لکي سنڌو.“
شيخ اياز جون پروليون پڙهي دل چوي ٿي ته پرولي ان جي نانءُ ڪجي، جيڪا ’اسم ذات‘ جيان، نالو ۽ صفت رکي ٿي، پر نظر نه ٿي اچي هو وجود به رکي ٿي، پر موجودگيءَ جي مڃتا کان محروم ئي ٿي رهي.
هن جو اس ۾ سڙڻ ٻين لاءِ ڇانورو بڻجي ٿو...!
هن جي بک ٻين لاءِ ڍؤ ٿي بڻجي....!
هن جو موت ٻين کي زندگي
ٿو بخشي....
هن جو قيد ٻين لاءِ آجپو آهي.
هن جون ڀوڳنائون ٻين جون حاصلات آهن....!
ڳالهه سماجي اڳواڻ يا ڪنهن سياسي ليڊر جي نه پئي ڪئي وڃي. ڳالهه آهي، ان هستيءَ جي جيڪا سماج جي سيني ۾ دل بڻجي ڌڙڪي ٿي، جيڪا سماج جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙي ٿي، جيڪا سماج کي سڌو ڪري بيهارڻ ۾ پٺ جي ڪنڊي جيان اهم آهي. ها ڳالهه ان هارياڻيءَ جي پيا ڪريون، جيڪا زمين ۾ خواب پوکي ٿي ۽ اوجاڳا لڻي ٿي. هوءَ غريب هارياڻي رونبي کان وٺي ڪٽائي تائين هر مرحلي ۾ پنهنجو رت ست ڏي ٿي. رونبي، گُڏ، دڙاتي، چونڊائي ۽ ڪٽائي دوران هن جا هٿ، هٿ نه پر گهيڙا ۽ رنبا بڻجي ٿا وڃن، هن کي سڄي ڏينهن جي پورهيي جي صلي ۾ راهڪي جي نالي تي چند داڻا اَن جا پيٽ ڀرڻ لاءِ مس ٿا ملن. اقوام متحده جي هڪ رپورٽ مطابق اسان جي غذائي جنسن جي پوکائيءَ ۾ 60 سيڪڙو حصو غريب هاري عورتن جو آهي. سماج ۾ ان غريب هاري عورت جو ڪم مڃتا نٿو ماڻي، ڇو ته جتي عورت جو عورت هجڻ ئي هڪ جرم هجي، اُتي غريب هارياڻي کي مڃتا ڪير ڏيندو؟ پر هي چند سٽون ان مڃتا جي نانءُ آهن، جيڪا 15 آڪٽوبر 2010ع تي اسلام آباد ۾، ٻهراڙيءَ جي عورت کي ڏني ويئي هئي، 15 آڪٽوبر اقوام متحده پاران ٻهراڙيءَ جي عورتن جو عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. پاڪستان جي سماجي تنظيمن پاران سالانا ڪانفرنس 15 آڪٽوبر 2010ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان عورتن کي گهرايو ويو هو ته هو PODA جي پليٽ فارم تان پنهنجا مسئلا ٻڌائين ۽ انهن مسئلن جو سندن نظر ۾ جيڪو حل هجي اهو به شيئر ڪن.سڄي پاڪستان جي رنگا رنگ ثقافت جو مجموعو بڻجندڙ ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس جي سڄي سونهن عورتن جي ذهني سجاڳيءَ ۾ هئي. جن عورتن ڪڏهن هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين اڪيلي قدم نه کنيو هو، اُهي عورتون دعوت نامي تي ملڪ جي هر صوبي مان گروپ ٺاهي پهتيون. هنن جيڪي مشورا ڏنا، اهي ڪن پڙهيل لکيل دانشورن ۽ اقتصاديات جي ماهرن کان گهٽ نه هئا.
درد استاد آهي، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون تربيت ڪندڙ هجن ٿيون. هر انسان وقت جي بٺيءَ ۾ سڙي ڪندن بڻجي ٿو. ڀوڳنائن جعطا ڪيل شعور ڪنهن تعليمي اداري جو محتاج نه آهي، جيڪا عورت سج جي ساڙيندڙ ڪرڻن کي منهن ڏيئي ٿي، اها يقينن اهو چاهيندي ته سندس ڌيءَ اهو ڏينهن نه ڏسي. هوءَ ضرور ڪنهن نه ڪنهن چانورن جو بندوبست ڪندي؟ ساڳي طرح جن غريب هاري عورتن، غربت ۽ محنت جا ڏينهن گذارڻ جي دوران وري تباهه ڪن ٻوڏ جا ستم سٺا آهن، انهن جو شعور سڄاڻ ڌرين کي به شرمائي ٿو. اڄ خيبر پختونخواهه جي ٻهراڙيءَ جي عورت اهو سوال ٿي پڇي ته سياستدانن وڙهي بحث ڪري صوبي جو نالو مٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، پر ٻڌايو ته ان سان خيبر پختونخواهه جي عورت جي سماجي ۽ معاشرتي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ گلگت، بلتستان جي عورت، جيڪا ڪنهن به زرعي يونيورسٽي جي طالب علم نه رهي آهي، پر اها چوي ٿي ته گلگت، بلتستان ۽ اسڪردو ۾ پوکجندڙ فروٽ اتي جي فروٽن کان وڌيڪ آهي، ان کي ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ۽ ماڻهن کي Food Preservation جي تربيت ڏني وڃي. گلگت بلتستان ۾ پٽاٽن جي پيداوار سٺي ٿي ٿئي، ان ڪري اتي پٽاٽا ۽ چپس ٺاهڻ جا ڪارخانا لڳايا وڃن. اها خواهش به خيبر پختونخواهه جي عورتن جي هئي ته هنن کي امداد ڏيئي فقير نه بنايو وڃي، پر روزگار جا ذريعي ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن. بلوچستان جي پسمانده علائقن جون عورتون به اهو ڄاڻن ٿيون ته نفسياتي مسئلن جو هجڻ بيمارين کي جنم ٿو ڏيئي. ٻارن جي گهڻائي عورتن جي صحت جي تباهي آهي، ان ڪري هنن جي خواهش هئي ته حڪومت عورتن جي صحت لاءِ سنجيده قدم کڻي.
ٻهراڙيءَ جي جفاڪش عورت، پنهنجي وس کان وڌيڪ محنت ڪري ٿي، ٻنين ۾ پنهنجي همت محنت ۽ پورهيي جا جهنڊا اڀا ڪرڻ بعد به هوءَ گهر ۾ چپ ڪري نٿي ويهي. ٻهراڙيءَ جي عورت ’آرام‘ جي لفظ کان واقف ئي نه آهي. هن جي واندڪائيءَ جي وندر به پورهيو آهي، هو پنهنجي سوچ جي نفاست ۽ روح جا رنگ ڪپڙي تي مشتمل ٿي ڪري بنا ڪنهن آرٽ جي اسڪول ۾ تربيت وٺڻ جي هو عقل کي حيران ڪندڙ شاهه پاران تخليق ٿي ڪري، اهو ڀرٿ هجي، رلين جو ڪم هجي، ڪروش جي ڪاريگري هجي، دٻڪيون، وچڻيون ۽ تڏا ٺاهڻ جو فن هجي، هوءَ هر ميدان جي کٽڻهار آهي. هن جي اندر جو حسن، جنهن ويل انڊلٺي رنگن جو ويس ڍڪي، رلين، گجن، گُلن جو روپ ڌارڻ ڪري سامهون اچي ٿو ته دنيا لاءِ ان جو ملهه ڪٽڻ ڪٺن ٿي ٿو وڃي. صرف هوءَ غريب عورت ان ملهه کان واقف ٿئي ٿي، ان ڪري ئي بلوچستان جون عورتون چون ٿيون ته عورتن جي هٿ جي هنرن جي مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. حڪومت جي سرپرستي انهن هنرن کي دنيا ۾ مشهور ڪري سگهي ٿي. بلوچستان جون عورتون اهو ڄاڻن ٿيون ته پسمانده علائقن ۾ گهريلو صنعت جو فروغ، عورتن جي سماجي ۽ معاشي صورتحال کي تبديل ڪندڙ ثابت ٿيندو. پنهنجي تڪليفن کي ساهه سان سانڍيندڙ عورت، ٻچن ٻارن لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيندڙ، پاڻ ڌڪا کائي پنهنجن ٻارن لاءِ رستا آسان ڪندڙ، ڦٽين چونڊڻ ويل، رئي جي هڪ پلئه ۾، پورهيي جا گل رکندڙ ۽ ٻئي پلئه ۾ پنهنجي ٻار کي لڪائيندڙ، لاباري محل ٻار کي پٺيءَ سان ٻڌندڙ عورت گهر جي پالتو جانورن کي به پنهنجي گهر ڀاتيءَ جيان مان ڏيندڙ هجي ٿي. مينهن هجي، ڍڳي هجي، ٻڪري هجي، هن کي کارائڻ، پيارڻ، وهنجارڻ، گهمائڻ هر ڳالهه ڄڻ ته هن جي زندگيءَ سان وابسته هجي ٿي. گهر جي فرد وانگيان هن کي جانورن جي ضرورتن جي به پروڙ هجي ٿي. کارائڻ، پيارڻ کان علاوه هن جي آرام جو خيال رکڻ به ڄڻ ته هن جي ذميواري هجي ٿي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هوءَ مالڪيءَ جي حق کان محروم آهي. هوءَ مينهن ڍڳيءَ جو کير ڏهي سگهي ٿي، وڪڻي سگهي ٿي، صبح جانورن کي چارو ڏيئي، کير ڏهي وري بار مٿي تي کڻي ڳوٺ کان ٻاهر يا اندر وڪڻڻ وڃي سگهي ٿي، پر ان آمدنيءَ تي اختيار کان محروم آهي. پنجاب جي عورت ان منفي اڻ برابري واري رويي خلاف آواز بلند ڪيو آهي. پنجاب جي عورت مالڪي وٺڻ واري رستي تي پهريون قدم کنيو آهي. هو ان ڀوڳنا جي سفر کي مختصر ڪرڻ جي اڇا رکي ٿي. هن اعلان ڪيو ته گهر جا مال مويشي، ڍور عورت جي نالي ڪيا وڃن، انهن جي مالڪي عورت کي ڏني وڃي ۽ جتي ضرور محسوس ٿئي، سرڪار گهريلو جانورن جي پرورش لاءِ عورتن کي جديد معلومات ۽ تربيت فراهم ڪري، زماني جا سرد و گرم حالات برداشت ڪري، ڏکن ڏاکڙن جون منزلون اڪري، سماج جا ستم سهي، پنجاب جي عورت جو شعور اها گواهي ٿو ڏي ته انتظامي ادارن ۾ عورتن جي غير موجودگي مسئلن کي وڌائيندڙ هجي ٿي. بي قرار ٿي، هُن اهو نعرو هنيو آهي ته حڪومت جي هر انتظامي ادارن ۾ ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان پوءِ قائم، ٿيندڙ بحاليءَ جي ادارن ۾ عورتن کي مردن جي برابر شريڪ ڪيو وڃي. صدين جي پيڙا ڀوڳيندڙ عورت جو شعور صبح جي روشن اڀرندڙ سج جيان شفاف ۽ اجرو آهي، جيڪو سماج تي ڇانيل تعصب جي ڪاراڻ کي ڪٽڻ جي جاکوڙ ٿو ڪري ۽ انهن راهن جي نشاندهي ڪندڙ ثابت ٿيندو، جيڪي غربت ۽ بدحالي جي خاتمي طرف وڃن ٿيون. غربت ۽ بدحاليءَ جو خاتمو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ان جي پاڙن کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان غربت جون پاڙون سماج جي منفي اڻ برابريءَ واري رويي ۾ موجود آهي. نفرتن جو خاتمو غربت جو خاتمو ثابت ٿي سگهي ٿو.
پشپا ولڀ جون سٽون آهن ته:
آئون ئي لڪشمي، آئون ئي سرسوتي
>آئون ئي ورکا آهيان
جي سچ پڇو ته
ڏاڍ جي ڀوت کي ناش ڪندڙ
آئون ئي ڪالي آهيان
ٻاهر ته ڄڻ
راهه جي ڌوڙ آهيان
رات جي ڪاري چادر
۽ ڏينهن جو چلهه ۽ چوڪو آهيان!
آئون اڇن ڪپڙن ۽ پٽڪي واري
بوٽ، ڪوٽل پاتل
ماڻهوءَ جي پويان
>ٻانڌڻي پڙي ۾
کهنڀي اوڍيلپيرن اڀراڻي
ويندڙ ڪولهڻ آهيان!
ها اها ئي پراچين سمي کان مرد جي پويان پيرن اگهاڙي ڊوڙندڙ ڀڄندڙ ڪولهڻ، جنهن ويل اسٽيج تي بيهي مائيڪ تي ڳالهائي ٿي ته، چوي ٿي ته، سڄي پاڪستان جي عورتن لاءِ ڪيٽل فارم ٺاهيا وڃن ۽ بنا پارٽي ۽ منصب جي تفريق جي سڀني کي هڪجهڙا موقعا ڏنا وڃن، ڳوٺن ۾ ڪليڪٽو ايگريڪلچر فارم ٺاهيا وڃن ۽ مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا وڃن. صدين کان پيڙائن جو سفر ڪندڙ سنڌي عورت کي جنهن مهل پنهنجي ڏکن جو ادراڪ ٿئي ٿو ته هن جا حواس گواهي ٿا ڏين ته هوءَ اهڙيءَ سلوڪ جي مستحق نه آهي ته پوءِ ذهني سجاڳيءَ جا در ائين کُلن ٿا جو سماج به ڪجهه تبديليءَ بابت سوچڻ تي مجبور ٿي ٿو وڃي. عورتون به پنهنجا ڏک دنيا جي آڏو ٻڌائين ٿيون، جن کي ٻوڏ جي هاڃن سان گڏوگڏ تعصب جي روين کي به منهن ڏيڻو پيو. ذات پات جي ڄار ۾ ڦاٿل سماج انهن کي مڪليءَ جي قبرستان ۾ به پناهه وٺڻ نه ڏني ۽ رليف جي شين کان انهن کي محروم رکيو ويو.

اڄ جي سنڌي عورت هر ضلعي ۾ هڪ مثالي شهر اڏڻ جي خواهش رکي ٿي، هوءَ حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته اهڙو شهر هجي، جتي بهترين جديد تعليمي سهولتن سان ڀرپور اسڪول هجي. هڪ مثالي جديد اسپتال هجي، جنهن ۾ عورتن جي گائني جي مسئلن ۽ نفسياتي مسئلن کي حل ڪيو وڃي، عورتن جو مناسب علاج ۽ انهن کي صحت ۽ تندرستيءَ بابت مناسب مشورا ڏنا وڃن، لاتعداد ننڍيون ننڍيون، وڏيون وڏيون معنائون رکندڙ خواهشون آهن، جيڪي مضبوط پس منظر رکن ٿيون، ڪابه خواهش، ڪو بي ربط سوچن تي مشتمل خواب نه آهي. ڏکن تڪليفن، پيڙائن عورتن کي سيکاريو آهي، هن جي تربيت ڪئي آهي. هن جي امتحان گاهه به سماج آهي، تربيت گاهه به سماج آهي ۽ وري هوءَ ان سماج جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ جي سوچ به رکي ٿي. مڃتا ماڻڻ جي رستي تي قدم رکندڙ جفاڪش ٻهراڙيءَ جي عورت جي سجاڳيءَ زماني جي هر چئلينج کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن جي خواهش ۽ سوچن کي سماج ۾ رائج ٿيڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي. صرف سماجي شعور جا اها دروا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن تي صنفي اڻ برابريءَ جا تالا لڳل آهن، جيڪي هر مثبت سوچ کي اندر داخل ٿيڻ نٿا ڏين. ’سامي‘ شايد انهن لاءِ ئي چيو آهي ته:
پٿر پوڄا ڪن، رام نه ڏسن روح ۾
پنڊت ڄاڻي پاڻ کي، ڪرمن منجهه پچن
>جهاتي پائي گهر ۾، سامي ڪين ڏس
>چريا سي چئجن، جن مرهم نه رکيو من جو.