Tuesday 31 October 2017

*ازل کان نشاني تي رهندڙ سنڌ يونيورسٽي* ذلفي ناٿن شاهي


سنڌ يونيورسٽي، جنهن کي اسان مادر علمي به سڏيندا آهيون، عام ماڻهن لاءِ ته هي شايد هڪ تعليمي ادارو ئي آهي، پر هن اداري جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته سوين ڪردار نظر ايندا، جن جي شعور جو جنم سنڌ جي هن مادر علمي ۾ ٿيو، سنڌ يونيورسٽي مسلسل مختلف سازشن جي گهيري هيٺ رهي آهي، قومپرست سياست ۽ شاگرد سياست جي عروج کان وٺي استاد سياست جي نعرن تائين، سنڌ يونيورسٽي اندر شاگردن جي پراسرار قتل عام کان جنسي حراسان ڪرڻ وارا معاملا شروعات کان ئي لامارا ڏيندا رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي سنڌ جو اهو تعليمي ادارو آهي، جتي توهان ۽ اسان جي ڀينرن، امڙين ۽ نياڻين تعليم پرائي پنهنجي روشن مستقبل ڏانهن سنهري وک کنئي، هن وقت به ڪيترائي اهڙا ماڻهو ملڪ توڙي دنيا اندر اعليٰ عهدن تي ويٺل آهن، جيڪي سنڌ يونيورسٽي مان پڙهي نڪتا، جڏهن ته سنڌ جا ڪيترائي امر ڪردار به سنڌ جي هن عاليشان اداري سان وابسطه رهيا آهن، سنڌ جو هر ٽيون ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي ريت هن اداري سان وابسطه رهيو آهي، اڄ به سوين هزارين اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي سنڌ جي عاليشان اداري کي ياد ڪري اکين جا لڙڪ نه روڪي سگهندا آهن، ڇو ته انهن جي زندگيءَ جون خوبصورت گهڙيون هن اداري سان لاڳاپيل آهن، يونيورسٽي واري زندگي ۾ انسان گهڻو ڪجهه ڏيندو ۽ پرائيندو آهي، گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ جي مادر علمي اندر ٿيندڙ ڪجهه ميڊيائي سرخين ۾ رهيا آهن، جن جي ڪري سنڌ يونيورسٽي کي تمام گهڻو ڀوڳڻو پيو ۽ هن وقت به ڀوڳي رهي آهي، تازو ئي ٿيندڙ نائلا رند وارو معاملو به سڀني جي اڳيان آهي، جيڪو اڃا وسريو ئي نه هيو ته مٿان وري سپريم ڪورٽ جو ليٽر پهتو، جنهن ۾ انگريزي شعبي جي شاگردياڻين پاران ڪجهه استادن تي کين جنسي حراسان ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن، اهيا خبر سنڌ سميت پوري دنيا ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، جنهن کان پوءِ ائين ٿيو جو سنڌ جي تعليمي ادارن سان نفرت ڪندڙ توڙي ٻاهر ويهي واءِ واءِ ڪرڻ وارن کي ڳالهائڻ جو هڪ نئون موضوع ملي ويو، جن بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي سنڌ يونيورسٽي ڏانهن پنهنجي حملن جي توپ سڌي ڪري ڏني ۽ سوشل ميڊيا جهڙي مقدس پليٽ فارم تي ويهي سنڌ جي هن تعليمي اداري مٿان هوائي فائر ڪيا، جنهن سان سنڌ يونيورسٽي جي ساک کي تمام گهڻو نقصان پهتو، هن وقت سنڌ جو هر پيءُ، جيڪو شايد پنهنجي نياڻي کي سنڌ جي هن عاليشان اداري ۾ پڙهائڻ جو خيال پنهنجي دل ۾ رکي ويٺل هيو، ان به دل ئي دل ۾ اهو طئه ڪيو ته نه بابا، سنڌ يونيورسٽي سندس نياڻي لاءِ محفوظ ادارو ناهي، هي اهو ادارو ناهي، جتي سندس نياڻي تعليم حاصل ڪري ۽ هو پنهنجي ڳوٺ ۾ سڪون سان ويهي ڪري ان جي مستقبل بابت سوچ ويچار ڪري ته جڏهن سندس نياڻي سنڌ جي عاليشان اداري مان تعليم حاصل ڪري ايندي ته هو کيس دنيا جي وڌيڪ جديد ترين ۽ سونهري زندگي ڏانهن وٺي ويندو، هن وقت اهي والدين پنهنجي نياڻين کي هن اداري ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ هرگز به راضي ناهن ۽ والدين جي اهڙن فيصلن، يا ائين کڻي چئجي ته سندن ٽٽل ارمانن جو سمورو ڪريڊٽ انهن روشي خورن ڏانهن وڃي ٿو، جن بنا ڪنهن سوچ سمجهه تي سنڌ يونيورسٽي مٿان حملا ڪيا.
سنڌ يونيورسٽي جي متاٿر ٿيل ساک کي بحال ڪرڻ لاءِ انتظاميا طرفان سيف سنڌ يونيورسٽي جي عنوان هيٺ ريلي ڪڍرائي وئي، جنهن ۾ مختلف ڪئمپس جي پي وي سيز، ڊائريڪٽر، چيئرمينن، سميت آفيسرن، استادن، شاگردن، شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ شاگردن توڙي شاگردياڻين جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان هيو، جيڪي مسلسل “سنڌ يونيورسٽي، محفوظ يونيورسٽي، قدم وڌايو وائيس چانسلر، اسان توهان گڏ آهيون، ناڪام ٿينديون ناڪام ٿينديون، سازشون ناڪام ٿينديون جا نعرا هڻي رهيا هئا، جنهن مان اهو تاثر مليو ته شاگرد چاهين ٿا ته چند معاملن جي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي ساک نه نقصان نه پهچايو وڃي، ريلي کان هڪ ڏينهن اڳ وي سي ڊاڪٽر فتح محمد برفت سان ٿيل ملاقات ۾ به ڊاڪٽر برفت جو اهو ئي چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو، جيڪي نه ٿا چاهين ته سنڌ جا تعليمي ادارا ترقي ڪن يا جيڪي نياڻين جي تعليم ۾ رڪاوٽ بڻجڻ چاهين ٿا، اهي سنڌ يونيورسٽي خلاف منگهڙت سازشون ڪري رهيا آهن، پر کين ڪامياب ٿيڻ نه ڏيبو، ان ئي ڏينهن الزام هيٺ آيل استاد فدا چانڊيو اوچتو منهنجي منهن چڙهي ويو، جنهن سان منهنجي دعا سلام ته نه ٿي سگهي، پر دوستن ٻڌايو ته فدا هڪ خوش طبعيت ماڻهو آهي، پر سموري معاملي بعد کيس منجهيل منجهيل ڏٺو وڃي ٿو، الزام هيٺ آيل ان شخص جي حالت ٻڌائي رهي هئي ته هو هن وقت ڪيترو ته پريشان آهي، ڪهڙي خبر ته انهن ليٽرن ۾ ڪيتري صداقت آهي، ڇا واقعي ائين آهي به يا نه، ان باري ۾ ڪا به راءِ ڏيڻ لاءِ هي مناسب وقت ناهي، ڏٺو وڃي ته دنيا اندر ڪٿي به اهڙو قانون موجود ناهي، جنهن ۾ ائين چيل هجي ته الزام هيٺ ماڻهو کي سزا ڏني وڃي، ان جي تصوير سوشل ميڊيا تي رکي ان لاءِ غير اخلاقي زبان  استعمال ڪئي وڃي، يا اخبارن ۾ ان جي تصوير لڳائي وڏين پٽين سان ان جي خبر شايع ڪئي وڃي، پر اسان پاڪستان ۾ رهون ٿا، ان ڪري شايد اسان جي وڏي بدقسمتي اها آهي ته هتي قانون ته موجود آهن، پر انهن قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪير متحرڪ ناهي، سوشل ميڊيا تي ٿيل گند ۾ اهم ڪردار اسان جي انهن پڙهيل لکيل ماڻهن جو آهي، جيڪي پاڻ کي سنڌ سنوارڻ جو ٺيڪيدار سمجهن ٿا، جن جو ڪم صرف سوشل ميڊيا تي ويهي وڏا وڏا نعرا هڻڻ آهي، عملي طور تي ڪڏهن به اهي ماڻهو متحرڪ ناهن رهيا، نه ئي ڪڏهن ڪنهن ناانصافي تي ميدان عمل ۾ نظر آيا آهن، پر انهن ماڻهن جنسي حراسان وارن الزامن هيٺ آيل استادن جي تذليل ۾ ڪا به ڪثر ناهي ڇڏي، هن وقت جڏهن اڃا اهي الزام ثابت ئي ناهن ٿيا، پر پوءِ اسان جي معاشري ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل جاهلن انهن کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو، جن اهو به نه سوچيو ته هڪ استاد، جيڪو معاشري جو قابل عزت ۽ معتبر فرد هوندو آهي، ان جي لاءِ جيڪڏهن اسان ڪجهه به لکون ٿا، ته ان انهن استادن تي ڪيترو خراب اثر پوندو، مان سمجهان ٿو ته هن وقت سموري معاملي ۾ ڪير به ايترو پريشان نه هوندو، جيترو پريشان اهي استاد آهن، جن تي الزام آهن، ڇو ته انهن جو سمورو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، معاشري انهن ماڻهن کي خراب نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، خبر ناهي ته هو هن وقت ڪيترين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ممڪن آهي ته هو مڪمل طور مايوسي جو شڪار به هجن، هي استاد شايد هن وقت ڪٿي به اٿڻ ويهڻ جهڙا ناهن رهيا، توڙي جو انهن تي لڳايل الزام اڃا الزام ئي آهن، مٿان وري سپريم ڪورٽ وٽ پهتل خط سان لاڳاپيل شاگردياڻين به ان خط کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، پر پوءِ به اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته اسان انهن ٽن ماڻهن جي ڪري سنڌ جي عاليشان اداري مٿان چٿرون ڪيون وڃن، سوشل ميڊيا تي ويهي لکون ته سنڌ يونيورسٽي جنسي حراسمينٽ جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جا وارث سڏرائيندر، جيڪي چون ٿا قوم جي مسئلن جو حل صرف ۽ صرف انهن وٽ ئي آهي، ڇا انهن جي دل و دماغ ۾ ايترو به خيال نه آيو ته هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان سان سنڌ جي عاليشان اداري تي ڪهڙا اثر پوندا؟؟ اهڙا اسڪينڊل اڳ به ٿيندا رهيا آهن، پر ان وقت جي استاد يونين ڪهڙا ڦاڙها ماريا، انهن شاگردياڻين جي حقن لاءِ ڪهڙي جنگ وڙهي، ان وقت شاگردياڻين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ليڊر، جن کي پڇ ٻڌي مهري ڪيو ويو، انهن ڇا ڪيو، انهن جي ڪردار کا به سموري سنڌ واقف آهي، هن وقت جڏهن سنڌ يونيورسٽي سک جو ساهه کڻي رهي آهي، ته ٻيهر اهڙن مسئلن کي هٿي وٺرائي سنڌ يونيورسٽي جو نالو بدنام ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن توهان قوم سان مخلص آهيو ته عملي طور تي ميدان ۾ اچو ۽ ڪجهه ڪري ڏيکاريو، باقي ڪمري اندر ويهي سوشل ميڊيا تي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري سنڌ جي نوجوان کي گمراهه نه ڪيو، بهتر اهو آهي ته توهان هن نازڪ معاملي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي سموري معاملي جي هر پهلو کان جانچ ٿيڻ جو انتظار، پوءِ جيڪڏهن ڪا ناانصافي ٿئي ٿي ته توهان ان لاءِ آواز اٿاريو، جيڪي استاد ملوث هجن توهان بيشڪ انهن کي وچ چوراهي تي بيهاري ڦاسي ڏئي ڇڏيو، توهان کي ڪير به نه روڪيندو، باقي ائين ويهي هوائي حملا ڪري سنڌ جي باقي بچيل ادارن جي ساک خراب نه ڪيو، ان ۾ قوم جي ڀلائي آهي، سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا لاءِ به اهو ئي بهتر رهندو ته هو يونيورسٽي اندر سمورن معاملي کي واچ ڪري، يونيورسٽي جي سمورن معاملن تي نظر رکي ۽ ڪوشش ڪري ته جيئن ٻيهر اهڙا واقعا جنم نه وٺن، جنهن سنڌ جي عاليشان اداري مٿان حملا ٿين.

No comments:

Post a Comment