Saturday 9 February 2019

ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳِﻨﮅﻱ ۽ ﭘﭡﺎﮠ ﺟﻲ ﻧﻪ، ﭘﺮ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻨﮕﻴﻦ ﻻﻗﺎﻧﻮﻧﻴﺖ ﺟﻲ ﺁﻫﻲ !

ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﻗﺘﻞ ... ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳِﻨﮅﻱ ۽ ﭘﭡﺎﮠ ﺟﻲ ﻧﻪ، ﭘﺮ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻨﮕﻴﻦ ﻻﻗﺎﻧﻮﻧﻴﺖ ﺟﻲ ﺁﻫﻲ !
ﺍُﻥ ﮘﺎﻟﻬﻪ ۾ ﺗﻪ ڪﻮ ﺑﻪ ﺷڪ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺭﻳﺎﺳﺖ ﻳﻌﻨﻲ ” ﻣﻤﻠڪﺖ ﺧُﺪﺍﺩﺍﺩِ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ “ ۾ ﺳِﻨﮅﻱ ﻫِڪ ﻧﻨﮅﮢڪﻲ ﻣﺨﻠﻮﻕ ﺁﻫﻦ . ﺟﻴﺌﻦ ﭘﻴﭙﻠﺰﭘﺎﺭٽﻲ ﻭﻭٽ ڏﻳﮡ ﺟﻲ ﺑﺪﻭﻟﺖ ﻣﺴﺌﻼ ﺣﻞ ڪﺮﮠ ﺑﺪﺭﺍﻥ ﺳِﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺗڪﻠﻴﻔﻮﻥ ۽ ﻋﺬﺍﺏ ڏﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ﺗﻴﺌﻦ ﻭﺭﻱ ” ﭘﻴﺎﺭﻱ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ “ ﺟﻲ ﺭﻳﺎﺳﺖ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﺳِﻨﮅﻱ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺍُﻥ ڏﻭﻫﻪ ﺟﻲ ﺳﺰﺍ ڏﺋﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍُﻧﻬﻦ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﻦ ” ﻣﻤﻠڪﺖ ﺧﺪﺍﺩﺍﺩِ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ “ ﻻﺀِ ﻗﺮﺍﺭﺩﺍﺩ ﮀﻮ ﻣﻨﻈﻮﺭ ڪﺌﻲ ﻫﺌﻲ !
ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻫِﻲ ﺍﻧﺘﻘﺎﻡ ڪِﭥﻲ ﻭﭸﻲ ﺩﻧﮓ ڪﻨﺪﻭ، ﭘﺮ ﭘﺎﮠ ﻓﻲ ﺍﻟﺤﺎﻝ ﺍُﻧﻬﻦ ﺳُﻮﺭﻥ ۽ ڪﻠُﻮﺭﻥ ﺟﻲ ﭘﭽﺎﺭ ڪﺮﻳﻮﻥ ﭤﺎ، ﺟﻴڪﻲ ” ڏﻫﺎڙﻱ “ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﺗﻲ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﭘﻠﺌﻪ ﭘﻮﻥ ﭤﺎ، ۽ ﭘﻮﺀِ ﭘﺎﮠ ﻓﻘﻂ ﻣﺎﺗﻢ ﺋﻲ ڪﻨﺪﺍ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﭸﻮﻥ ﭤﺎ ! ﺭﻭﺯﺍﻧﻮ ﻣﻠﻨﺪڙ ﺍُﻧﻬﻦ ﺗڪﻠﻴﻔﻦ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﻗﺘﻞ ﺑﻪ ﻫڪ ﺍﻫڙﻱ ﺗڪﻴﻠﻒ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﭵﻲ ﺳِﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻲ ۽ ﻫﻴﺠﺎﻥ ۾ ﻭﺟﻬﻲ ﮀڏﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ﻫِﻦ ﺷﺨﺺ ﮐﻲ ﺍﻫڙﻱ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﻗﺘﻞ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺟﻮ ڪﻮ ﺑﻪ ﺑﺎﺷﻌﻮﺭ ۽ ﺑﺎﺿﻤﻴﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﺎﻣﻮﺵ ﻧﭥﻮ ﺭﻫﻲ ﺳﮕﻬﻲ . ﻣﺎﻥ ﭼﻮﺍﻥ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫِﻦ ﻣﻬﻞ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲﺀَ ﺟﻮ ڪﻮ ڏﻭﻫﻲ ﺭڪﺎﺭڊ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻫُﻮ ﻣﺒﻴﻨﻪ ﻃﻮﺭ ﭰﺮ ﺟﻲ ڪﻨﻬﻦ ﻭﺍﺭﺩﺍﺕ ۾ ﺑﻪ ﻣﻠﻮﺙ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫُﻦ ﮐﻲ ﻗﺎﻧﻮﻥ ۽ ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ﺍُﺻﻮﻟﻦ ﺟﻲ ﺣﺴﺎﺏ ﺳﺎﻥ ﻗﺘﻞ ﺋﻲ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ! ﺟﻴڪڏﻫﻦ ڪﻮ ﺑﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڪﻨﻬﻦ ﻭﺍﺭﺩﺍﺕ ۾ ﻣﻠﻮﺙ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ، ۽ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ﻭﻏﻴﺮﻩ ۾ ﺯﺧﻤﻲ ﭤﻲ ﭘﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍُﻫﻮ ﺋﻲ ڪﺎﻓﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ . ﺍﺋﻴﻦ ﺑﻠڪﻞ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍُﻥ ﺯﺧﻤﻲﺀَ ﮐﻲ ﻃﺒﻲ ﺍﻣﺪﺍﺩ ﻧﻪ ڏﺟﻲ، ۽ ﭜﺮﭘﻮﺭ ﺩﻫﺸﺘﮕﺮﺩﻱﺀَ ﺟﻮ ﻣﻈﺎﻫﺮﻭ ڪﻨﺪﻱ ﺍُﻥ ﮐﻲ ﻭﮄﻳڪ ﮔﻮﻟﻴﻮﻥ ﻫﮣﻲ ﭼﻴﭽﻼﺋﻲ ﭼﻴﭽﻼﺋﻲ ﻣﻮﺕ ﺟﻲ ﻧِﻨڊ ﺳُﻤﻬﺎﺭﻳﻮ ﻭﭸﻲ . ﻫِﻲ ﻫِڪ ﺍُﮔﻬﺎڙﻭ ﻗﺘﻞ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺟﻴﺘﺮﻱ ﺑﻪ ﻣﺬﻣﺖ ڪﺠﻲ، ﺳﺎ ﮔﻬٽ ﺁﻫﻲ، ۽ ﻫِﻲ ﺑﻴﻬﻮﺩﻩ ﺳﻤﺎﺝ ﺟﻮ ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﻟﻘﺎﺀُ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﭘﺎﮠ ﺑﺎﺭ ﺑﺎﺭ ۽ ﻫﺰﺍﺭ ﺑﺎﺭ ڏﺳﻨﺪﺍ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻴﻮﻥ، ۽ ﺗﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ڏﺳﻨﺪﺍ ﺭﻫﻨﺪﺍﺳﻴﻦ، ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﻫِﻦ ﻏﻠﻴﻆ ﺳﺴٽﻢ ۽ ڪﻮڙﻫﻪ ﻭڪﻮڙﻳﻞ ﺳﻤﺎﺝ ﮐﻲ ڊﺍﻫﻲ ﭘٽ ﻧﻪ ڪﻨﺪﺍﺳﻴﻦ !
ﺩﺍﺩﻭ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﺭﮐﻨﺪڙ ﻗﻮﻣﭙﺮﺳﺖ ڪﺎﺭڪﻦ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﻭﺍﺭﻭ ﻭﺍﻗﻌﻮ ﺍﺭﺑﻊ ﺗﻲ ﭘﻴﺶ ﺁﻳﻮ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺍﭲ ٽﻴﻮﻥ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺁﻫﻲ . ﻣﻠﻴﺮ ﺳﻤﻴﺖ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﺍُﻫﻲ ﺧﺒﺮﻭﻥ ﺁﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ ﺗﻪ ﻫِڪ ﻳﻮﺳﻲ ﻧﺎﻇﻢ ﻧﺎﻟﻲ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎﻥ ﭰﺮ ڪﻮﺷﺶ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﻫِڪ ﻣﺒﻴﻨﻪ ڏﻭﻫﺎﺭﻱ ﻣﺎﺭﺟﻲ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﺁﻫﻲ . ﺍﻫڙﻳﻮﻥ ﺧﺒﺮﻭﻥ ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ ۾ ﭘﮡ ﻟﮙﻴﻮﻥ، ۽ ﭘﻮﺀِ ﺟڏﻫﻦ ﻣﺎﺭﺟﻲ ﻭﻳﻞ ﺷﺨﺺ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭔُﮅﺍﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺗﻪ ﺍُﻫﻮ ڪﻮ ﭰﻮﺭﻭ ﻳﺎ ڏﻭﻫﺎﺭﻱ ﻧﻪ، ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﺤﺮﻳڪ ‏( ﺳﺮڪﻲ ﮔﺮﻭﭖ ‏) ﺟﻮ ڊﻭﻳﺰﻧﻞ ﺻﺪﺭ ﻫﻮ . ﻫِﻦ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺗﻲ ﻭڏﻱ ﻣﻬﻢ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﻣُﻮﻥ ﻓﻮﺭﻱ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺍُﻥ ﻣﻬﻢ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺁﺧﺮ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ، ۽ ﺍُﻥ ﻻﺀِ ﮔﻬﺮﺑﻞ ﺟﺎﭺ ڪﺮﮠ ﺑﻪ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺳﻤﺠﻬﻴﻢ ... ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﻣُﻮﻥ ﻣﻠﻴﺮ، ڪﺮﺍﭼﻲ، ﺩﺍﺩﻭ ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅﻥ ﺗﺎﻥ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺕ ﻭﺭﺗﻲ . ﻫِڪ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺻﺎﻑ ﭤﻲ ﺑﻴﭡﻲ ﺗﻪ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﻃﻮﺭ ﺟﻴﺌﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ڪﺎﺭڪﻦ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ۽ ﻫُﻦ ﺟﻮ ﮔڏﻳﻞ ﺟﺴﻘﻢ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﻫﻮ، ﭘﺮ ﭘﻮﺀِ ﺟڏﻫﻦ ﻗﻮﻣﻲ ﻣﺤﺎﺫ ٽُٽﻲ ﻭﻳﻮ ﺗﻪ ﻫُﻮ ڊﺍڪٽﺮ ﺻﻔﺪﺭ ﺳﺮڪﻲ ﺟﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻫﻠﻴﻮ ﻭﻳﻮ، ۽ ﺟﻴﺌﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﺤﺮﻳڪ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﺑﮣﺠﻲ ﻭﻳﻮ . ﻣﻮﻥ ﻓﻴﺲ ﺑڪ ﺗﻲ ﺑﻪ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﺳﺮﭺ ڪﻴﻮ، ﺟﺘﻲ ﻫُﻦ ﺟﻲ ﺁﺀِ ڊﻱﺀَ ﺗﻲ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻳﻢ ﺳﻴﺪ ۽ ﺑﺸﻴﺮ ﺧﺎﻥ ﻗﺮﻳﺸﻲ ﺟﻮﻥ ﺗﺼﻮﻳﺮﻭﻥ ﻧﻈﺮ ﺁﻳﻮﻥ . ﺳﻨﺪﺱ ” ڪَﻮﺭ ﻓﻮٽﻮ “ ﺗﻲ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻳﻢ ﺳﻴﺪ ﺟﻮ ﻗﻮﻝ ﻟﮑﻴﻞ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ ڪُﺠﻬﻪ ﻫِﻦ ﻃﺮﺡ ﺁﻫﻲ : ﺧُﺪﺍ ۽ ﻣﺬﻫﺐ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮ ﺫﺍﺗﻲ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﺁﻫﻲ . ﺧُﺪﺍ ﻭٽ ﺍﺳﺎﻥ ﺳِﮅﻭ ﺟﻮﺍﺑﺪﺍﺭ ﺁﻫﻴﻮﻥ، ﻧﻪ ڪﻲ ﺳﺎﻣﺮﺍﺟﻲ ﺍﻳﺠﻨٽ ﻣﻼ ﻣﻮﺩﻭﺩﻱ ﻳﺎ ﺍُﻥ ﺳﺎﻣﺮﺍﺟﻲ ﮔﺮﻭﻫﻪ ﺟﻲ ﻃﻔﻴﻞ ... ﻫَﺮ ﻫِڪ ﺳِﻨﮅﻱﺀَ ﮐﻲ ﻓﻴﺼﻠﻮ ڪﺮﮢﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫُﻮ ﺍﻭﻝ ﺑﻪ ﺳِﻨﮅﻱ ﺁﻫﻲ ۽ ﺁﺧﺮ ﺑﻪ ﺳِﻨﮅﻱ ﭤﻲ ﺭﻫﻨﺪﻭ - ﺍُﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﻫُﻮ ﺳﭽﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ، ۽ ” ﺣُﺐ ﺍﻟﻮﻃﻦ ﻣِﻦ ﺍﻻﻳﻤﺎﻥ “ ﺍُﻥ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﺪﻱ ڏﻱ ﭤﻮ !
ﺍﺭﺷﺎﺩ ﮐﻲ ﻣُﻮﻥ ﻓﻴﺲ ﺑڪ ﺗﻲ ﺍُﻥ ڪﺮﻱ ﺳﺮﭺ ڪﻴﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻫُﻦ ﺟﻲ ﭘﺮﻭﻓﺎﺋﻴﻞ ﻣﺎﻥ ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﺗﻪ ﻫُﻮ ڪﻬڙﻱ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻫﻮ . ﺑﻬﺮﺣﺎﻝ ! ﺳﻨﺪﺱ ﺳﭵﻲ ﺁﺀِ ڊﻱﺀَ ﺗﻲ ﻫﭥﻴﺎﺭ ﺟﻮ ڪﻮ ﺑﻪ ﻓﻮٽﻮ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻮ ﺍﭼﻲ، ۽ ﻧﻪ ﺋﻲ ﻭﺭﻱ ڪﺎ ﭔﻲ ﺍﻫڙﻱ ﺷﻲﺀِ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﺗﻪ ﻫُﻮ ڏﻭﻫﺎﺭﻱ ﺗﻪ ﭠﻬﻴﻮ، ﭘﺮ ﻣﺸڪﻮڪ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﺋﻲ ڪﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮ ! ﻫُﻦ ﺟﻲ ﺁﺀِ ڊﻱﺀَ ﺗﻲ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﺗﺼﻮﻳﺮﻭﻥ ﭔﺎﺭڙﻥ ﺟﻮﻥ ﭘﻴﻞ ﺁﻫﻦ، ﺟﻴڪﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﻫُﻦ ﺟﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺁﻫﻦ .
ﻫﺎﮢﻲ ﺍﭼﻮﻥ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺍُﻥ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺟﻲ ﺗﻔﺼﻴﻞ ڏﺍﻧﻬﻦ، ﺟﻴڪﻮ ﺍﺭﺑﻊ ﻭﺍﺭﻱ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻠﻴﺮ ﺟﻲ ﻣﻴﻦ ﻧﻴﺸﻨﻞ ﻫﺎﺀِ ﻭﻱ ﭜﻴﻨﺲ ڪﺎﻟﻮﻧﻲ ﻣﻮڙ ﺗﻲ ﭘﻴﺶ ﺁﻳﻮ . ﻫِﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﭤﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺪ ﺁﻫﻲ . ﻣُﮏ ﭼﻮڪ ﺗﻲ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﻧﺎﻟﻲ ﻫِڪ ﺷﺨﺺ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﺳﺮﻋﺎﻡ ﮔﻮﻟﻴﻮﻥ ﻫﮣﻲ ﺳﺨﺖ ﺯﺧﻤﻲ ڪﺮﻱ ﻭﮄﻭ . ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ڊﻱ ﺍﻳﻢ ﺳﻲ ﻣﻠﻴﺮ ﺟﻲ ﻳﻮﺳﻲ ‏( 05 ‏) ﭜﻴﻨﺲ ڪﺎﻟﻮﻧﻲ ﺟﻮ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ﺁﻫﻲ، ۽ ﻫُﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﻣﺴﻠﻢ ﻟﻴﮓ ‏( ﻥ ‏) ﺳﺎﻥ ﭔُﮅﺍﻳﻮ ﭘﻴﻮ ﻭﭸﻲ . ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﺍُﻥ ﻭﻗﺖ ﻭﻳﮕﻮ ﮔﺎڏﻱ ۾ ﺳﻮﺍﺭ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﺪﺱ ﭘٽ ۽ ﻫِڪ ﮔﺎﺭڊ ﺑﻪ ﻭﻳﭡﻞ ﻫﺌﺎ . ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭼﻮﮠ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫُﻮ ﺑﺌﻨڪ ﻣﺎﻥ 10 ﻟﮏ ﺭﭘﻴﺎ ڪﮃﺭﺍﺋﻲ ﺍﭼﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﭰﻮﺭﻥ ﮐﺎﻧﺌﺲ ﭰﺮ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﺌﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﺍﺭﺷﺎﺩ

ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲ ﻣﺎﺭﺟﻲ ﻭﻳﻮ . ﺍُﻥ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ
ﺟﻴڪﺎ ﻭڊﻳﻮ ﺳﻮﺷﻞ ﻣﻴڊﻳﺎ ﺗﻲ ﻭﺍﺋﺮﻝ ﭤﻲ ﺁﻫﻲ، ﺗﻨﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻏﻨڊﻩ ﮔﺮﺩﻱ ۽ ﺩﻫﺸﺘﮕﺮﺩﻱﺀَ ﺟﻮ ﭜﺮﭘﻮﺭ ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ . ﻣﻠﻴﺮ ﻣﺎﻥ ﭴﺎﮠ ﻭﭠﮡ ﺗﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫِﻲ ﺷﺨﺺ ﻧﻤﺎﺯ ﭘﺎﺑﻨﺪﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﭘڙﻫﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﮔﺎﺭ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ . ﺳﺨﺖ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﺑﺪﺗﻤﻴﺰ ۽ ڏﺍﮂﻣڙﺳﻲ ڪﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﻣﺒﻴﻨﻪ ﻃﻮﺭ ﺍﻟﻴڪﺸﻦ ۾ ﺑﻪ ﭘﺌﺴﻮ، ڏﺍﮂ ۽ ﺩﻫﺸﺖ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﻱ ﻭﻭٽ ﻭﭠﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ !
ڪﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻫُﺠﻲ، ﭘﺮ ﺍُﻥ ﺟﻲ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﻣُﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻﺀِ ﻫِﻲ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﺳﻨﮅﻱ ﻳﺎ ﭘﭡﺎﮠ ﻧﻪ، ﭘﺮ ﻧِﺞ ﻻﻗﺎﻧﻮﻧﻴﺖ ﺟﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﺎ ﺳِﻨﮅ ﭜﻮﮘﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ . ﻣﺎﻥ ﺍُﻫﻮ ﻧﭥﻮ ﭼﻮﺍﻥ ﺗﻪ ﺳِﻨﮅ ﻭﺍﺳﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﻳﺎ ﭘﭡﺎﮠ ﻇﻠﻢ ﻧﭥﺎ ڪﻦ، ﭘﺮ ﺍﺻﻞ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻧﺎڪﺎﺭﻩ ﻧﻈﺎﻡ ۽ ﺟﻬﻨﮓ ﺟﻲ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺒﺐ ﺍﻫڙﺍ ﻭﺍﻗﻌﺎ ﭘﻴﺶ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺭﻫﻦ ﭤﺎ . ﺩﻭﺳﺘﻦ ﭔﮅﺍﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫِڪ ﻃﺮﻑ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲﺀَ ﮐﻲ ﺳﺮﻋﺎﻡ ﮔﻮﻟﻴﻮﻥ ﻫﮣﻲ ﺯﺧﻤﻲ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ، ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﻃﺮﻑ ﮐﻴﺲ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ ﭘﻬﭽﺎﺋﮡ ﺑﺪﺭﺍﻥ ﭤﺎﮢﻲ ﺗﻲ ﻧﻴﻮ ﻭﻳﻮ، ﺟﺘﻲ ﺳِﻨﮅﻱ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﺍﻫﻠڪﺎﺭ ﭘﮡ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻫﺌﺎ، ﭘﺮ ﺳﭝﻨﻲ ﮔڏﺟﻲ ﻫُﻦ ﺟﻮ ﻗﺘﻞ ڪﻴﻮ . ﻫُﻮ ﺭﺕ ﺟﻮﻥ ﺍُﻟٽﻴﻮﻥ ڪﺮﻱ ﭤﺎﮢﻲ ﺗﻲ ﺋﻲ ﻣﺮﻱ ﻭﻳﻮ !
ﻣﻠﻴﺮ ﺟﻲ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﻣﻮﺟﺐ ڪُﺠﻬﻪ ﺳﺎﻝ ﺍﮖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺭﺍﻧﺠﻬﺎﮢﻲ ﺗﻨﻈﻴﻢ ﺟﺎ ﺑﺎﺿﺎﺑﻄﻪ ﭘﺮﻳﺲ ﺭﻟﻴﺰ ﮐﮣﻲ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻨﺪﻭ، ۽ ﺍُﻫﻮ ﻫُﻦ ﺟﻲ ﺭﻭﺯ ﺟﻮ ڪﻢ ﻫﻮ . ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ﻫُﻮ ڪﺠﻬﻪ ﺳﺎﻝ ﺍﮖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫڪ ڪُﻞ ﻭﻗﺘﻲ ﻗﻮﻣﻲ ڪﺎﺭڪﻦ ﻫﻮ، ۽ ﭘﻮﺀِ ﻣﻤڪﻦ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫُﻮ ڪﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ڪﻢ ﺳﺎﻥ ﻟﮙﻲ ﻭﻳﻮ ﻫُﺠﻲ . ﺑﻠڪﻞ ﺍﺋﻴﻦ، ﺟﻴﺌﻦ ﺳِﻨﮅ ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺗﺤﺮﻳڪ ” ﺗِﺘﺮ ﺑِﺘﺮ “ ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺍڪﺜﺮ ﻗﻮﻣﻲ ڪﺎﺭڪﻦ ڪﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ڪﻢ ﺳﺎﻥ ﻟﮙﻲ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ . ﻫِڪ ﺍﻫﻢ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫِﻲ ﺑﻪ ﭔُﮅﺍﺋﻲ ﭘﺌﻲ ﻭﭸﻲ ﺗﻪ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﮐﻲ ﻧﻪ ﺻﺮﻑ ﭘﻴٽ ۾، ﭘﺮ ﻭﺍﺕ ۾ ﺑﻪ ﻫِڪ ﮔﻮﻟﻲ ﻫﻨﺌﻲ ﻭﺋﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺍُﻫﻮ ﺳﺒﺐ ﺑﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺍﺭﺷﺎﺩ ڪُﺠﻬﻪ ﭔُﮅﺍﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ، ۽ ڪُﺠﻬﻪ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ . ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺟﻲ ﻭﺍﺭﺛﻦ ﺟﻮ ﭼﻮﮠ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫُﻮ ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﮔﻢ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫُﻦ ﮐﻲ ﺍﻏﻮﺍ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﻫﻮ، ۽ ﭘﻮﺀِ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﺳﺎﭤﻲ ﻫُﻦ ﮐﻲ ﻭﻳﮕﻮ ﮔﺎڏﻱﺀَ ۾ ﮐﮣﻲ ﺁﻳﺎ، ۽ ﮐﻴﺲ ﺍﮀﻼﺋﻲ ﮔﻮﻟﻴﻮﻥ ﻫﮣﻲ ﭰﺮ ﺟﻮ ڊﺭﺍﻣﻮ ﺭﭼﺎﺋﻲ ﮀڏﻳﻮ . ﻫِﻲ ﺳﭛ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ . ﻇﻠﻢ ﺍُﻫﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫِڪ ﺯﺧﻤﻲ ﺷﺨﺺ ﺳﻮﻳﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻭﭺ ۾ ﺗڙﭘﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ ۽ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﮐﻴﺲ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ ﻧﻪ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ . ﻫُﻦ ﮐﻲ ﺑﺪﺗﺮﻳﻦ ﻣﻮﺕ ﺟﻲ ﺭﺣﻢ ڪﺮﻡ ﺗﻲ ﮀڏﻳﻮ ﻭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻭڊﻳﻮ ڏﺳﻲ ﻧﭥﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ . ﻫِﻲ ﻇﻠﻢ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺑﻪ ﻧﺎﻗﺎﺑﻞِ ﻳﻘﻴﻦ ۽ ﻧﺎﻗﺎﺑﻞِ ﺑﺮﺩﺍﺷﺖ ﺁﻫﻲ !
ﻫِﻲ ﻫِڪ ﮐُﻠﻴﻞ ﺩﻫﺸﺘﮕﺮﺩﻱ ۽ ﮐُﻠﻴﻞ ڏﺍﮂﻣڙﺳﻲ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺩﻝ ﺻﺪﻣﻲ ۾ ﻭڪﻮڙﻳﻞ ﺁﻫﻲ . ﻫِﻦ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺟﻲ ﮔﻬٽ ۾ ﮔﻬٽ ﺑﻪ ﻋﺪﺍﻟﺘﻲ ﺟﺎﭺ ﭤﻴﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ . ﻫِﻲ ﺧُﻮﻥ ﻟُڙﻫﻲ ﻧﻪ ﻭﭸﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ، ۽ ﺍُﻥ ﻻﺀِ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﭘَﻬﺮﻳﻦ ﺫﻣﻴﻮﺍﺭﻱ ﺳِﻨﮅ ﺣڪﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﻋﺎﺋﺪ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ . ﻭڏﻭ ﻭﺯﻳﺮ ﻫِﻦ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ﺟﻮ ﻧﻮٽﻴﺲ ﻭﭠﻲ، ۽ ﭼﻴﻒ ﺟﺴٽﺲ ﺳﻨﮅ ﻫﺎﺀِ ڪﻮﺭٽ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻧﻮٽﻴﺲ ﻭﭠﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺩُﺭﺳﺖ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﺎﭺ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ، ۽ ﺍﺻﻞ ﺣﻘﻴﻘﺘﻮﻥ ﺳﺎﻣﻬﻮﻥ ﺍﭼﮡ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺫﻣﻴﻮﺍﺭﻥ ﺧﻼﻑ ڪﺎﺭﺭﻭﺍﺋﻲ ﺑﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ . ﻫِﻦ ﻭﻗﺖ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻮ ﮔﺮﻡ ﺁﻫﻲ، ﺍُﻥ ﺟﻲ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﻣُﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﻨﮃڙﻭ ﺳُﻮﺍﻝ ﻫِﻲ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺭﺣﻴﻢ ﺷﺎﻫﻪ ” ﭘﭡﺎﮠ “ ﺑﮣﺠﻲ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮﺀِ ﺭﻣﺸﺎ ﮐﻲ ڪﻬڙﻥ ﭘﭡﺎﮢﻦ ۽ ﭘﻨﺠﺎﺑﻴﻦ ﻗﺘﻞ ڪﻴﻮ؟ ﻋﺎﺑﺪﻩ ﻣﻼﺡ ﮐﻲ ڪﻬڙﺍ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺎﺭﻱ ﻭﻳﺎ ﻫﺌﺎ؟ ﮀﺎ ﺗﺎﻧﻴﺎ ﺧﺎﺻﺨﻴﻠﻲﺀَ ﮐﻲ ﺑﻪ ﭘﭡﺎﮢﻦ ﻗﺘﻞ ڪﻴﻮ ﻫﻮ؟ ۽ ﺭﺍﺟڪﻤﺎﺭﻱﺀَ ﺟﻮ ﺧُﻮﻥ ﺑﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮﻥ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﻫِڪ ﺷﺨﺺ ﺟﻮ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻱ ﻋﻤﻞ ﻫﻮ . ﻫِﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﺭﻫﺰﻥ ۽ ﻗﺎﺗﻞ ﻫﺮ ﻧﺴﻞ، ﻗﺒﻴﻠﻲ ۽ ﻗﻮﻡ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ . ﺍﭼﻮ ﺗﻪ ﻣﻌﺎﻣﻠﻦ ﮐﻲ ﻧﺴﻠﻲ ﺑُﻨﻴﺎﺩﻥ ﺗﻲ ﮐﮣﻲ ﻭﭸﻲ ﺧﺮﺍﺏ ڪﺮﮠ ﺑﺪﺭﺍﻥ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻲ ﻃﺮﻑ ﮐﮣﻲ ﻭﭸﻮﻥ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻗﺎﺗﻠﻦ ﮐﻲ ﺳﻮڙﻫﻮ ڪﺮﻱ ٽﻮڙﻫﻮ ﻭﺟﻬﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ، ۽ ﺳﻤﺎﺝ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺍُﻥ ﻃﺮﻑ ﻭﭠﻲ ﻭﭸﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ، ﺟﺘﻲ ﺳﭛ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻋﺰﺕ ۽ ﺁﺟﭙﻲ ﺳﺎﻥ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﺳﮕﻬﻦ.


@font-face { font-family :'mblateefiboldsattar'; src: url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mblateefiboldsattar.eot') format('eot'); src: url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mblateefiboldsattar.eot?#iefix') format('embedded-opentype'), url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mblateefiboldsattar.woff') format('woff'), url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mblateefiboldsattar.woff2') format('woff2'), url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mblateefiboldsattar.ttf') format('truetype'), url('http://font.sindhsalamat.com/fonts/mblateefiboldsattar.svg#mblateefiboldsattar') format('svg'); }

Thursday 1 November 2018

چیف جسٽس ثاقب نثار آسیہ بِيبِيءَ کي آزاد ڪرڻ جا هيٺيان سبب لکيا آهن .

چیف جسٽس ثاقب نثار  آسیہ بِيبِيءَ کي آزاد ڪرڻ جا هيٺيان سبب لکيا آهن .

1- واقعو 14 جون 2009 تي ٿيو . پر ان جي ایف آئي آر پنجن ڏينهن پڄاڻان 19 جون تي درج ڪئي وئي . جنهنجي ڪري مقدمو ڪمزور ٿي ويو.

2- هن ڪيس ۾  عیني شاهد معافیا بِيبي ۽ اسما بِيبِي آھن  جن گواهي ڏني ته آسیہ بيبي انهن آڏو توهِین وارا لفظ ڳالهايا ۔ ان موقعي تي 25 کان 35 تائين مايون موجود هيون . لیڪن انهن مان ڪابه شاهدي ڏيڻ ڪانه آئي۔

3- ٻنهي خواتین گواهن چيو ته آسیہ بِيبيءَ سان انهن جو پاڻي پيارڻ تي ڪوبه جھيڙو ڪونه ٿيو هو . جڏهن ته ٻين گواهن مڃيو ته هي جهيڙو پاڻي پيارڻ تان ٿيو هو۔

4- سڀ کان اهم ڳالھ اها هئي ته مختلف گواهن جي بیانن ۾  فرق ھو . جڏهن آسیہ بيبيءَ جو معاملو ڦهليو ته هڪ عوامي اجتماع سڏايو ويو .  جنهن ۾ آسیہ کان ڏوھ قبول ڪرايو ويو . یاد رهي ته  انهيءَ اقرارِ جرم تي ئي  ابتدائي عدالت  ملزمہ کي موت جي سزا ٻڌائي هئي۔  تنهنڪري هي  اجتماع بنیادي اهمیت رکي ٿو ۔ هڪ شاهد چيو ته ان اجتماع ۾ 100 ماڻھو شریڪ ٿيا . ٻي چيو ته  1000 هئا .   ٽئين گواھ هي تعداد 2000 ٻڌايو . جڏهن ته چوٿين  200 کان 250 ٻڌايو ۔ انهن بیانن جي فرق جي ڪري  شڪ پیدا ٿيا ۽  دنیا جي هر قانون مطابق شڪ جو فائدو ملزم کي ملندو آهي۔

5- ان عوامي اجتماع جي باري ۾ ھڪ گواھ چيو ته  هي اجتماع مختاراحمد جي گھر منعقد ٿيو هو ۔ ٻي چيو ته هي عبدالستار جي گھر ٿيو هو . ٽئين چيو ته هي اجتماع راڻا رزاق جي گھر ٿيو هو . جڏهن ته چوٿين گواھ جو بیان هو ته  اجتماع حاجي علي احمد جي اوطاق تي ٿيو هو۔

6- اجتماع ۾ آسیہ بیبيءَ  کي آڻڻ جي حوالي سان به گواهن جي بیانن ۾  تضاد ھو ۔ هڪ چيو ته کيس یاد ناهي ته ملزمہ کي ڪير وٺي آيو هو . ٻي چيو ته هوءَ پنڌ آئي هئي. ٽئين چيو ته هن کي موٽر سائیڪل تي وٺي آيا هئا۔

7- ان اجتماع جي وقت ۽ دورانیي جي باري ۾ پڻ گواھن جي بیانن ۾ اختلاف ھئا .

8- ملزمہ جي گرفتاريءَ جي  وقت بابت سب انسپيڪٽر محمد ارشد جي بیانن ۾ به فرق ڏٺو ويو۔

9- ملزمه کان ڏوھ جو اعتراف هڪ اهڙي مجموعي جي سامهون ڪرايو ويو جنهن ۾ سوين ماڻھو شامل هئا ۽ اهي کيس مارڻ لاءِ تيار هئا ۔ ان جي ڪابه قانوني حیثیت نه هئي۔ ان کي  نہ ئي رضاڪاراڻو بیان قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ نہ ئي  قانون جي مطابق سزاءِ موت جهڙي انتهائي سزا جي لاءِ اهڙو بیان قابل قبول ٿي سگهي ٿو۔

10- آسیہ بیبي قانون جي تحت جو بیان ڏنو ان ۾ هن  حضور پاڪ ﷺ ۽ قرآن پاڪ جي مڪمل تعظیم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هوءَ تفتیشي آفيسر اڳيان بائبل تي حلف کڻڻ لاءِ تیار آهي ته جيئن پنهنجي معصومیت ثابت ڪري سگهي لیڪن تفتیشي آفيسر ائين ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني۔


Friday 23 March 2018

سنڌي مضمون نويسي

مضمون نويسي به سنڌ ۾ انگريزن جي معرفت آئي. مضمون عام طرح سان هڪ درمياني طوالت واري نثري تحرير آهي. مضمون نثر جي هڪ اهڙي صنف آهي جنهن ۾ ڪنهن ادبي، فلسفيانه يا سماجي موضوع تي شخصي يا تاريخي نظر کان روشني وڌي وئي هجي. مضمون نگاريءَ ۾ انفرادي سوچ ۽ فڪر، ڪلام ۽ گفتگو جي انداز، ذاتي مشاهدي ۽ تجربن ۽ پنهنجي افتادِ طبع جو گهڻو دخل هوندو آهي

مضمون ۾ باقاعده ربط نه هوندو آهي. مضمون نگار ڪٿي ڪو واقعو بيان ڪندو آهي ته وري ڪٿي طنزو مزاج، ڪٿي ذاتي مشاهدو ته وري ڪٿي تخيلات ۽ منظرنگاريءَ ۾ گم ٿي ويندو اهي. مطلب ته سڀ هيلا استعمال ڪري مضمون کي وڌ کان وڌ دلچسپ بڻائيندو ويندو آهي. مضمون لکڻ دوران هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گهرجن

مضمون نثر ۾ هجڻ گهرجي
مضمون جي طوالت درمياني هجڻ گهرجي
مضمون جو تعلق موضوع جي خّارجي پهلو سان هجي
مضمون ۾ مضمون نگار جي شخصيت جو عڪس ظاهر هجڻ گهرجي
مضمون عام، سادي، سوادي ۽ دلچسپ ٻوليءَ ۾ هجي

سنڌي مضمون نگاريءَ جي تاريخ

سنڌي شاعريءَ جون سموريون صنفون گهڻو ڪري برصغير جي ٻولين کان متاثر آهن پر نثر جون لڳ ڀڳ سڀ صنفون مغربي ملڪن جي ادب کان متاثر آهن. سنڌي مضمون جي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو

پهريون دور (1861ع کان1900ع)

سنڌي مضمون نويسيءَ جي ابتدا 1861ع ۾ سنڌي صحافت جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٿي. پهرين سنڌي اخبار مرزا محمد صادق 1861ع ۾ جاري ڪئي. تنهن کانپوءِ ڪجهه ئي وقت ۾ ٻيون اخبارون نڪتيون جن ۾ سنڌي مضمون ڇپجڻ لڳا. ”سرسوتي مخزن“ ۽ ”جوت“ جا مضمون ”هيري جون ڪهاڻيون“ ۽ ”گُل ڦُل“ جي نالي سان شايع ڪيا ويا. مرزا قليچ بيگ هن دور جو نمايان مضمون نگار ۽ ترجمه نگار هو. هن دور جا مضمون گهڻو ڪري سماجي، اخلاقي، تعليمي ۽ سير سياحت تي مشتمل هئا

ٻيو دور (1900ع کان 1947ع)

سال 1900ع تائين ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون وجود ۾ اچي چڪيون هيون جنهن جي نتيجي ۾ مضمون نويسي ڪافي ترقي ڪئي ۽ هر قسم جا سنجيده، فلسفيانه ۽ طنزومزاح تي مشتمل مضمون لکيا ويا. هن دور جي مضمون نگارن ۾ شمس الدين بلبل، ڄيٺمل پرسرام، محمد هاشم مخلص، مولانا دين محمد وفائي، منگهارام ملڪاڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر داود پوٽو ۽ محمد اسماعيل عرساڻي شامل آهن. هن دور ۾ هيٺيان مشهور مضمونن جا مجموعا شايع ٿيا

چڻنگون_تيرٿ سنت
ادبي گنچو_نارائڻ داس ڀمڀاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻي
ادبي آئينو_ليکراج عزيز
ڳوٺاڻي چهر ۽ انار دانا_نارائڻ داس ملڪاڻي
سدا گلاب_لال چند امر ڏنو مل
درسِ عمل_عثمان علي انصاري

ٽيون دور (ورهاڱي کان اڄ تائين)

برصغير جو ورهاڱو سنڌي ادب تي تمام گهڻو اثرانداز ٿيو. ورهاڱي سبب جيڪي سنڌي هندوستان لڏي ويا سي نه فقط ناميارا اديب هئا پر سنڌي پريس پڻ انهن وٽ هئي. انهن جي وڃڻ جي ڪري سنڌ جي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. جيڪا بي سروساماني پيدا ٿي اُن کي سياسي ڪشمڪش ۽ معاشي بدحالي ويتر وڌائي ڇڏيو

ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب جي ٻين صنفن سان گڏوگڏ مضمون نويسيءَ جي صنف کي به نقصان رسيو. مضمون نگاريءَ جي بقا جا آثار تڏهن پيدا ٿيا جڏهن ڪجهه رسالا جهڙوڪ ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ شايع ٿيڻ لڳا. تنهن کانپوءِ ٻيا رسالا ۽ اخبارون پڻ سنڌي مضمون شايع ڪرڻ لڳا

هن دور جي شروعات ۾ محمد اسماعيل عرساڻي، ڪريم ڏنو راڄپر ۽ عطا حسين موسوي بهترين مضمون نگار هئا. تاريخي مضمونن ۾ چيتن ماڙيوالا نمايان هو. اُن کانپوءِ علي محمد راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ڪيترائي تاريخي مضمون لکيا

سنڌي مضمون ايڪيهين صدي عيسويءَ ۾

سنڌي مضمون نگاري ايڪيهين صدي عيسويءَ ۾ اڳ کان وڌيڪ ٿي رهي آهي پر بد قسمتيءَ سان انهن جو معيار ماضيءَ جهڙو ناهي رهيو. اڄڪلهه ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا سنڌي مضمون شايع ڪن پيا جن ۾ مان مکيه هي آهن

ماهوار سهڻي
ماهوار سوجهرو
ٽه_ماهي مهراڻ
عبرت ميگزين
روزاني ڪاوش، عبرت، هلال پاڪستان وغيره

Thursday 22 March 2018

انٽرنيٽ ڪڏهن ۽ ڪئين وجود ۾ آيو

”انٽرنيٽ جو باني ڪير آهي ۽ انهي کي ڇا جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي
اها ڄاڻ گهٽ ماڻهن کي هوندي، جڏهن ته انهي رابطن واري نظام کي ٺاهيندي،
30 سال ٿي چڪا آهن، انٽرنيٽ جو پهريون نالو ”آرپنيٽ“ هيو.
برطانيه سان تعلق رکندڙ ويلش سائنسدان ڊونلڊ ڊيوس مواصلاتي رابطي
”آرپنيٽ“ کي 1960ع ۾ ڊيزائين ڪيو هو، جنهن کي صرف آمريڪي دفاعي کاتي
جي رابطن لاءِ استمعال ڪيو ويندو هيو، جنهن کي وسيع ڪرڻ لاءِ
آمريڪي يونيورسٽين ۽ ريسرچ سينٽرن ۾ ان تي ڪم ڪيو ويو، خاص طور تي
يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۽ اسٽين فورڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاران
انهي نيٽ ورڪ کي جديد ۽ فعال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سن 1973ع ۾ ”انٽر پروٽوڪول ڪميونيڪيشن سسٽم“ کي وڌيڪ وسيع
۽ طاقتور ڪرڻ جو ڪم ٿيو جنهن کانپوءِ انهي مواصلاتي رابطي سان
ڪميونيڪيشن واري دنيا ۾ انقلاب اچي ويو، انٽرنيٽ جو نظام پهريان کان
موجود رابطن واري نظام جي ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هيو،
برطانوي سائنسدان ٽِم برنلي 6 سالن کانپوءِ انهي رابطي کي استعمال
ڪندي 1989ع ۾ ” انٽر لنڪ هائپر ٽيڪسٽ ڊاڪيومينٽس“ ايجاد ڪيو
جنهن بعد ۾ ” ورلڊ وائڊ ويب“ جو نالو ماڻيو، جڏهن ته 1983ع ۾ پهرين جنوري تي
انٽرنيٽ نظام کي باقائده طور استعمال ڪيو ويو هيو جيڪو هن وقت
سستو مواصلاتي رابطن وارو نظام بڻجي چڪو آهي،
۽ ڪروڙين ماڻهو انهي ذريعي پنهنجو ڪم ڪن ٿا.
ان حوالي سان پهرين جنوري کي ”فليگ ڊي“ جو نالو به ڏنو ويو.
جڏهن ته آمريڪي دفاعي کاتي مواصلاتي رابطن واري نظام
کي ”انٽرنيٽ پروٽوڪول ڪميونيڪيشن سسٽم“ ۾ تبديل ڪيو ويو،
پر انٽرنيٽ واري شروعاتي نظام ٺاهيندڙ ڊونلڊ ڊيوس کي پاڻ اها توقع نه
هوندي ته سندس ٺاهيل مواصلاتي رابطن وارو نظام اڳتي هلي ايترو
وسيع ۽ فائدي وارو ٿيندو ۽ ”آرپنيٽ“ ”انٽرنيٽ“ ۾ تبديل ٿي ويندو

Wednesday 21 March 2018

اياز سومري جو موت ۽ ڪجھ تلخ سوالَ…!پروفيسر ساجد سومري جو هي مضمون ضرور پڙهندا

.

هاڻي هاڻي خبر پئي اٿم ته پ پ جو اهم اڳواڻ اياز سومرو صاحب آمريڪا جي ڪنهن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

انا للالله وانا اليھ راجعون.

يقينن هڪ انسان جي وڇوڙي تي فطري طور ڏک پهچي ٿو.

پر سڀني انسانن جي موت پڄاڻان انهن جي سماجي رتبي ۽ عهدن جي اعتبار کان مخصوص ذميواريءَ واري خصوصي مسند جي ڪري سندن مشروط احتساب جو به سماج ۽ تاريخ اندر سوال اٿي ٿو.  جنهن تي قرآن شريف به زور ڏيندي نظر اچي ٿو ۽ لطيف سائين به چيو هو ته ؛

تنهين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري…!

ڪالھ مير هزار خان وقت کان اڳ بي موت مري ويو، اڄ اياز سومرو به بي موت مري ويو. پر سوال اهو اۡھي ته هي جاگيردار طبقي جا
پيرَ
ميرَ
وڏيرا
ڀوتارَ
منسٽرَ
ايم پي اي
۽ ايم اين اي آخر پنهنجي زندگيءَ ۾ وطن کي
قوم کي
انسان کي
ياد ڇو نه ٿا ڪن؟؟

هن مهل اسان اياز سومرو کي آخر ڪهڙي سبب جي ڪري سماج ۽ تاريخ ۾ ياد ڪريون؟؟

۽ سٺن لفظن ۾ آخر ڇا لئه ياد ڪريون؟؟؟

آخر ايازسومرو سماج ۽ تاريخ لاء اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏئي ويو ؟ جنهن سبب  کيس ياد ڪندي اسان جي اکين ۾ ڪي پاڻ مرادو لڙڪ تري اچن…!

ها هو گهر ڀاتين لاء ته ڪروڙين اربين روپيا ٺاهي ويو. ملڪيتون ٺاهي ويو. پنهنجي ڀائرن کي سياسي اثر رسوخ جي ڪري ايس پي بڻائي ويو. پر سنڌ کي آخر ڇا ڏئي ويو؟؟؟ ؟

سنڌي قوم کي ڇا ڏئي ويو؟؟؟

سماج ۽ تاريخَ کي ڇا ڏئي ويو؟؟؟؟؟

اسيمبلي ۾ ڪهڙي ڏينهن سنڌ جي قومي مسئلن تي ڪو هڪ به يادگار بل پاس ڪرائي سگهيو؟

جنهن کي ياد ڪندي اسان کيس ڪو سرخ سلام پيش ڪريون!

سالن کان هر دؤر جي هر ٽينئوئر واري اربين روپين جي بجيٽ مان ڪهڙو لاڙڪاڻي کي ڀلا پيرس بڻائي ويو؟  جو اسان کيس ڪو قومي سلام پيش ڪريون؟

ڪهڙي سنڌ جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن لاء ڪا هڪ دفعو به اسيمبلي ۾ يادگار تقرير ڪئي هئائين؟؟؟؟

ڪهڙي ڏينهن سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي چچريل لاشن تي ڪو ردعمل ڏيندي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪري ويو؟؟

پوري زندگي ۾ ڪهڙي ڏينهن سي پيڪ جي مخالفت ۾ ڪو مؤقف رکيو؟

ڪهڙي ڏينهن سنڌ اسيمبلي يا قومي اسيمبلي ۾ ڌارين جي آبادڪاري تي ڪو آواز اٿاريو؟؟؟

ڪهڙي ڏينهن بلاول ۽ زرداري آڏو ڪو سنڌ پرست عوام دوست مؤقف رکندي احتجاج ڪري اٿيو؟؟؟

ڪهڙي ڏينهن سنڌ جي پيٽ بکايل ٻارن لاء ڪو ڳڀي ماني لاء اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو؟؟

سنڌ جون مائرون ٻچن سميت خودڪشيون ڪنديون رهيون پر اياز سومري ڪهڙي ڏينهن اسيمبلي ۾ هيٺين پيڙهيل طبقي لاء ڪو خاص قانون ٺاهڻ لاء ڪو بل پيش ڪيو يا آواز اٿاريو؟؟؟

ٿر ۾ معصوم سنڌي نياڻيون پيئڻ جي پاڻي ڍڪ لاء تڙپن ٿيون ڪهڙي ڏينهن ايازسومري انهن لاء سنڌ حڪومت تي ڪو پريشر وڌو ته اگر ٿر ۾ پاڻي جو مسئلو حل نٿا ڪريو ته آئون استعفي ٿو ڏيان؟؟؟

يار اسان آخر ڪڏھن زندگي جو فلسفو سمجهندا سين؟؟؟؟
اسان آخر ڪڏھن هڪٻئي کي سچ چئي ڪو صحتمند سماج اڏيندا سين؟؟؟

اڄ روئڻ ٿو اچي ته صوبائي توڙي وفاقي اسيمبلي کان سينيٽ تائين اهڙو ڪهڙو ڪو هڪڙو سنڌ جو نمائندو آهي جنهن وٽ سنڌ جي ماڻهن لاء ڪو درد هجي ؟؟؟؟

جيڪو به ان اليٽ ڪلاس ۾ وڃي ٿو ته اهو اڳين ڀوتارن کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿو ثابت ٿئي.

اياز سومرو به ايئن مڊل ڪلاس مان مٿي ويو جيئن خورشيد شاھ ميٽر ريڊر مان وڏو ارب کرب پتي ليڊر ٿيو آهي جيڪو اڄ سنڌ جي نوجوانن کي ڇولا کپائڻ لاء بڪواس ٿو ڪري ته وڃي ڇولا ڪپايو نوڪريون ناهن .  ڇو پڻن جي جاگير آ ڇا سنڌ؟؟؟؟

ڪالھ مولا بخش چانڊيو موٽر سائيڪل تي چڙهي گهمندو هيو جيڪو اسان سان گڏ قاسم آباد ۾ وسڪيون پيئندو هيو اڄ اليٽ ڪلاس جو اهو سوئر ٿي ويو آهي جو کيس نه سنڌ ٿي نظر اچي ، نه وطن ٿو نظر اچي، نه انسان ٿو نظر اچي .نه ئي انسانن جو ڪو درد ئي کيس نظر ٿو اچي…!!

اڄ ان مولابخشّ چانڊئي سان مون جهڙي پراڻي اديب دوست جي ملاقات به ناممڪن آهي ته عام ماڻهو سان هي ٺڳ ڪيئن ملندو؟
۽ ڪهڙو عام ماڻهوء جو ڪم ڪندو؟

بس هنن ٺڳن جي اڳيان پويان سوين ڪرپٽ ٺيڪيدار ڪرپٽ آفيسر ۽ ڪرپٽ ٽينڊر ڪلارڪ موجود آهن ڇو ته هي سڀ گڏجي عوامي بجيٽ جو ٻيڙو ٿا ٻوڙن ۽ هرهڪ حراميء وٽ هر هڪ شھر ۾ الڳ الڳ بنگللا آهن پر مون جهڙو 19 گريڊ جو ماڻهو هڪ ڪمري جو گهر به نٿو وٺي سگهي. ته عام بيورزگار ماڻهو جو ڇا حشر هوندو؟؟؟؟

پر آخر ڇو؟؟؟؟

اهڙو ڪهڙو اسيمبلي ميمبر ٿيڻ تي ماڻهو جو مٿو خراب ٿو ٿي وڃي جو کائنس انسانيت موڪلائي ٿي وڃي .ايتري تائين جو کائنس موت به وسري ٿو وڃي ته يار مرڻو به آهي.ڪو ته وطن قوم ۽ انسان لاء به ڪم ڪجي رڳو زرداري جي ڪمداري ته نه ڪجي…!

قيوم سومرو ڪالھ رستم شڪارپور جي هڪ ننڍي ڳوٺ جو موٽر سائيڪل تي چڙهي گهمندڙ عام رواجي ڊاڪٽر هيو. پر ڪراچي سينٽرل جيل ۾ اهڙي ڪا خاص زرداري جي خدمت ڪيائين جو هاڻ سڄي ملڪ جي سينيٽرس جي خريد و فروخت جو اهو زرداري جو ٺيڪيدار لڳو ٿو وتي جيڪو اربها روپيا روڪ کڻي ڪنهن مهل ڪوئٽا جا ميمبر ٿو خريد ڪري ته ڪنهن مهل ڪي پي ڪي ۾ ميمبر خريد ڪرڻ پهچي ٿو وڃي.

هنن ڪرپٽ مڊل ڪلاس جي نو دولتين جو ڪو احتساب ڪرڻ وارو ڪونهي ته رات و رات اوهان ڪيئن ارب پتي ٿي ويا؟؟؟؟

سو مونکي ڪير ڪيترون به گاريون ڏي پر لکبو سچ ته هي سنڌ جو اسيمبلي ميمبر ،هي عوامي نمائندو اصل ۾ عوام جو سودو ڪري .قوم وطن جو سودو ڪري ذاتي عياشيون ڪري ٿو. گهر ڀاتين لاء اربين روپين جي ملڪيت ٺاهي ٿو پر وٽس انسانيت جوقوم جو
وطن جو ذرو به احساس ناهي…!

ان ڪري آئون انهن جي موت تي به انهن کي معاف نٿو ڪري سگهان
هي تاريخ جا مجرم آهن

ها ايازسومرو به تاريخ جو مجرم آهي . اسان کيس ڪنهن به صورت معاف نٿا ڪري سگهون…!

اڃا اياز سومري جو لاش دفن به ناهي ٿيو، ڏسان ڪيئن ٿي کيس حرام جي ملڪيت منهنجي تنقيد کان بچائي سگهي ؟؟

جنهن ڪارڻ هن وطن قوم ۽ انسانيت کي به وساري ڇڏيو. موت کي به وساري ڇڏيو.…!

سو هاڻ
جيڪو به مير هزار
جيڪو به اياز سومرو
جيڪو به سردار
جيڪو به پير مير
جيڪو به اسيمبلي ميمبر
جيڪو به سنڌ جو غدار مرندو ته هي پروفيسر اڪيلي سر کيس تدفين کان اڳ ئي قومي غدار قرار ڏئي سچ ضرور لکندو.

ڇو ته اهي ڪروڙين سنڌي معصوم ماڻهو به انسان ئي آهن جيڪي 21 صدي ۾ به بجلي پاڻي گئس روزگار صحت ۽ امن کان وانجهيل رهن ٿا .ڇو ته هي انهن جي بجيٽ کائي ٿا وڃن.  ان ڪري هنن کي معاف نه ڪندس 

جيئن تاريخ بي رحم ٿيندي آهي
تيئن مون کي به بي رحم ٿيڻو پوندو

هن جو لاش لنڊن يا نيويارڪ مان ٿو موٽي پر مان هن ذليل نّظام جي ڪري  پنهنجي مٺڙي امان جو لاش صرف چند لک روپيا نه هئڻ ڪري ڪراچي مان کڻي موٽيو هيس ڇو ته مون وٽ ايترا پئسا ڪونه هيا جو امان جو آغا خان ۾ وقتائتو آپريشن ڪرائي سگهان ها.…!

۽ امان منهنجي هٿن ٻانهن مان هلي وئي پر مان ڪجھ به ڪري نه سگهيس ڇو ته مون وٽ پئسو ڪونه هيو…!

ايئن روز منهنجي جيجل سنڌ جي ڪيترين ئي مائرن جا لاش واپس ٿا اچن جن وٽ علاج جا پئسا ناهن.
روز ڪيترن نياڻين جا لاش ٿا گهر موٽن جن جي ڀائرن وٽ ڀيڻن جي علاج لاء پئسا ناهن.

ڇو هي ستر سالن جي بجيٽ ۾ هر تعلقي هيڊ ڪوارٽر اندر هڪ آغا خان ليول جي سرڪاري خرچ واري اسپتال به نٿا ٺهرائي سگهن'؟؟؟

سو مان جڏهن ڪنهن اليٽ ڪلاس جو موت ڏسندو آهيان ته مونکي ڪو رحم ناهي ايندو. اچڻ به نه کپي.  ڇو ته اسان جو ڪلاس ڪيئن چيچلائي چيچلائي جيئي ۽ مري ٿو؟؟ اهو درد ڪڏهن ڪو اسيمبلي ميمبر سمجهي ئي نٿو سگهي.…!

هنن کي جيئن وڻي تيئن جيئن
پر هنن جي موت جو ڏينهن اسان جو ڏينهن آهي
ان ڏينهن هنن کي اهو سچ چئبو جو سندن سڄي زندگي سواليه نشان بڻجي رهجي ويندي…!

اسان لاء عظيم اهو آهي جيڪو انسان لاء جيئي انسان لاء مري.
جيڪو سنڌ لاء جيئي ۽ سنڌ لاء مري…!

سنڌ اول سنڌ آخر َ…!

منهنجي ڌرتيء جو ڪوبه غاصب
ڪو به  غدار نه  بخشيو ويندو…!

Sunday 21 January 2018

روزاني ً  پورهيو ً  ڄامشورو جي ٿورن سان 22/1/2018

نئين ٽهي جو نوجوان سماجي ورڪر "ڪي بي وڪيجو " خدابخش پالاري

جميل خانزاده لوهاراڻي /ٿاڻو بولاخان

ڪوهستان جي سونهاري  مانائتي مٽيءَ جوڌا، ارڏا، بيباڪ، بهادر، سماج جي لا پتوڙيندڙ ،  سُکن سچارا، مَئي مارڻ وارا، خود کي خاڪ ڪندڙ ۽ ڪيئي املهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا  آهن ، سنڌ جي تاريخي ختي ڪوهستان  ۾ هميشه اهڙا جاکوڙي ، هڏڏوکيءَ، همدرد شخص، سماجي ورڪر، ٻين لاءِ جيئندڙ، سماجي ڪمن ۾ زندگي گذاريندڙ شخص پيدا ٿيا آهن جن هميشه ٻين لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي آهي انهن ۾ ڪنهن پارٽي سان واسطو رکندڙ ڪارڪنن، ورڪر اڳواڻ هجن يا سماجي ورڪر، سوشل سياسي علمي ادبي اڳواڻ هجن استاد ڊاڪٽر پروفيسر وڪيل هجن انهن هميشه خدمت کي پنهجو فرض سمجهيو آهي انهن شخصيتن مان هن نئين ٽهي جو نوجوان سماجي ورڪر  " ڪي بي وڪيجو " خدابخش پالاري پڻ آهي،  هن نوجوان مُهم جُو ۽ ٿر جهڙي رُڃ ۾ زندگيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن تي ڪجهه قدر روشني وجهڻ کان اڳ، سندس حالاتِ زندگيءَ تي، هڪ مختصر طائرانه نظر وجهجي ، خدابخش پالاري جو جنم 1990ع ۾ نوري آباد جي هڪ ننڍڙ ڳوٺ فضل پالاري ۾ ٿيو ، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان مڪمل ڪري وڌيڪ پڙهڻ لاء ڪراچي جي دنبه ڳوٺ ويو  جتان ميٽرڪ مڪمل ڪري انٽر جهمپير مان ڪيو ، جڏهن ته بي اي جي ڊگري ڪوٽڙي ڪاليج مان حاصل ڪئي ، خدابخش پالاري هن وقت هڪ پرائيوٽ اين جي اوز ۾ استاد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين شاعر ۽ سماجي ورڪر پڻ آهي ، شاعري ۾ . هن تقريبن سڀني صنفن تي لکيو آهي جهڙوڪ بيت،چوسٽا،هائيڪا،گيت،نظم ،وائي ۽ گهڻو غزل لکيو اٿس. سندس جي لکيل مواد جو مجموعو لڳ ڀڳ هڪ سو هوندو جن مان ڪجه مواد  ريڊيو حيدرآباد فيبا ۽ ٻين ڪيترن ئي ريڊيو اسٽيشن اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چُڪو  آهي  ،خدابخش پالاري جو لکيل هڪ غزل سنڌ جي مشهور گلوڪار الله ڏني خاصخيلي جي  موبي پٽ پڻ ڳايو ، خدابخش پالاري هن وقت ڪوهستان ۾ ڪم  ڪندڙ ڪيترن  ئي  سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل آهي   پاڻ اڄ به دنيا جي ٻين ڪيترن ئي جنجهٽن کان آجو ٿي ڪري انهيءَ سرگرمين رُڌل آهي   خدابخش پالاري کان  پڇيل هڪ سوال جي جواب پاڻ  ۾ ٻڌايو ته منهنجي زندگي جو مقصد صرف مسڪين ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ سماجي خدمت سان منهنجي روح جو رشتو آهي، ننڍپڻ کان وٺي منهنجي جيون ۾ سماجي خدمت وارو عنصر توڙي جذبو رهندو اچي پيو ، پيري مريديءَ بابت ٻڌايائون ته غريبن، بيواهن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندڙ منهنجي لاءِ مرشد وانگر آهن. هڪ چواڻي آهي ته ”علم ريءَ فقيري جي واريءَ منجهه پروڻ“ ان ڪري علم کان بغير نه ته پاڻ کي سڃاڻي سگهجي ٿو، نه ئي حق حاصل ڪري سگهجي ٿو سڀني انسانن کي علم جو ذوق ۽ شوق ضرور رکڻ گهرجي. دعا، دوکي ۽ ڪنهن جي مجبوري مان فائدو حاصل ڪرڻ کان پاڻ کي پري رکجي ته جيئن انسانيت جو معراج ماڻي سگهجي ۽ ان لاءِ صوفي درس و تدريس سان لڳاءُ رکڻ ضروري آهي ته جيئن سنڌ مان ڏک ڏولاپا ۽ بيحسيون هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن ۽ بيحسين کي جنم ڏيندڙ نظام خلاف شاهه عنايت شهيد واري جستجو ۽ واٽ وٺڻ هر نيڪ دل انسان تي لازم آهي

Thursday 18 January 2018

ڪوهستان جي خوبصورتي تي مختصر نظر

ڪوهستان جي خوبصورتي تي مختصر نظر ،،

جميل خانزاده لوهاراڻي /ٿاڻو بولا خان

ڌرتي قدرت واري سهڻي ۽ خوبصورت بنائي آهي قدرتي تخليق ۽ حسناڪين کي ڏسندي انساني عقل بلڪل دنگ رهجي وڃي ، اهڙي طرح پڻ سنڌ ڌرتي تخليق ۽ حسناڪين جو عڪس آهي ، هونهن تہ سڄي سنڌ سهڻي آهي پر خاص ڪري ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ٿاڻي بولاخان جا ڪوهستاني علائقا جيڪي فطرتي حسن ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن ، ڪوهستان جي ايراضي 45 هزار چورس ميلن کان به مٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هڪ ميل جي علائقي ۾ ست ماڻهو رهن ٿا. ڪوهستان قديم آثارن جي لحاظ کان گهڻو مشهور آهي، بزرگن اوليائن ۽ اصحابن جا مقبرا قدرتي پاڻي جا چشما وڏا وڏا جبل مهمان نوازي پڻ ڪوهستان جي حسن جو حصو آهن ، ٿاڻي بولاخان کان اُتر طرف ستر ڪلوميٽرن تي تونگ درگاه ڄام لوهار واري چوڪنڊي قبرستان بابت ليکڪن لکيو آهي ته قبرستان 16هين صدي عيسوي کان 18هين صدي عيسوي جو لڳي ٿو ، هن قبرستان ۾ 399ٽي سو نوانوي چوڪنڊي نموني مختلف پٿرن ۽ مختلف نموني جي اکر ۽ لکتون پڻ قبرن تي موجود آهن ، قبرون ڪي ساديون ته ڪن تي اڪر ٿيل آھي. ٻن کان وٺي سورنھن پٿرن جي سليبن تائين قبرون ملن ٿيون، جيڪي مٿاڇري کان 12 فوٽ مٿي آھن. ھتي پورڻ جو نمونو -ٽن- طريقن جو ملي ٿو. ھتي ڪن قبرن ۾ ھڪ کان مٿي مردن پورڻ جو -پتو- پوي ٿو، جو ھڪ کان مٿي ھڏاوان، پڃرا مليا آھن. ڪن قبرن ۾ ٺڪراٺو ۽ -اناج- جا داڻا به مليا آھن. ھڪ کان وڌيڪ پوريل مردن واريون 31 قبرون آھن. ھي قبرستان ڪيترن ئي ايڪڙن تي ڦھليل آھي. 1991ع ۾ ھن قبرستان تي 5 لک روپيا خرچ ڪري، ڪريل قبرستان جي سليبن کي ٻيھر جوڙي قبرون ٺاھيون ويون ۽ پڻ جھنگ وغيره صاف ڪيو ويو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ ڄام آري بدو جي بادشاهي ۾ مغلن جي دور ۾ سيوهڻ کان وٺي نديء جي ساڄي ڪپ تائين گادي جو هنڌ تونگ هو ، ڄام آري بدو ڄام لوهار جو والد هو ، ڄام آري بدو کان پوء برفت قبيلي جو پڳدار ڄام لوهار ٿيو هو ، ڄام لوهار انتهائي دل جو سخي ۽ فقيراڻي طبيعت جو انسان هو ، راڄ ڀاڳ ۽ برفت قبيلي جي پڳ پنهنجي ڀائرن حوالي ڪري پاڻ گوشي نشيني اختيار ڪئي ، پوء پڳ حمل خان تي آهي جيڪو ڄام لوهار جو وڏو ڀاء هو جنهن جي خاندان ۾ ، حملاڻي ، آهن ، حمل خان جي خاندان مان مختلف ور وڪوڙ ۽ وقت کائيندي جڏهن پڳ سندس ئي خاندان مان ڪانڀو خان تي آهي هي شخصيت انتهائي طاقتور ۽ سگهاري شخصيت هئي جنهن مغل بادشاهن کي سيوهڻ ۽ ٺٽي وارن هنڌن تي وڏا نقصان رسايا جنهن بعد مغل بادشاه ڪانڀو خان کي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ ڪانڀو خان کي جاگيرون ۽ ۔ ملڪ ۔ جو خطاب ڏنو، جنهن بعد نومڙئي قبيلي جي سردار کي ، ملڪ ، سڏيو ويندو آهي ، جيڪو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي ٿو ، ملڪ سردار خان کان ٿيندو ساڳئين ئي حمل خان جي خاندان مان ملڪ سڪندر خان ۽ پوء سندس فرزند ملڪ اسد سڪندر خان جيڪو هن وقت هن قبيلي سان گڏ ڪيترن ئي ذاتن جو سرواڻ آهي ، ڳالهه هلي پئي ڪوهستان جي قديم آثارن ۽ خوبصورتي بخشيندڙ مهاڳن جي ، ساڳئين ئي چوڪنڊي تونگ واري قبرستان کان اولهہ طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قدرتي پاڻي جو چشمو پڻ آهي جيڪو مقامي ماڻهن مطابق پنج سو سال کان به پراڻو آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين وهندو اچي پيو ، هتان جي مقامي ماڻهن جو گذر سفر پڻ هن مان ٿئي ٿو ، قدرتي چشمي جي ڀرسان هندو مذهب جو پوڄا گهر پڻ آهي جيڪو ، رتن ناٿ ، جي نالي سان سنڌ توڙي هند ۾ مشهور آهي ، جيڪو شايد چشمي جي قيام کان ڪيترائي سال پوء ئي وجود ۾ آهيو ، ساڳئين ئي تونگ ۾ اوڀر طرف ڪجهہ مفاصلي تي کيرٿر نيشنل پارڪ پڻ آهي جيڪو ڪوهستاني علائقي ڪرچات سان لڳندڙ ۽ سندس نالي پويان مشهور آهي پر جيڪا خوبصورتي تونگ واري علائقي مان نظر اچي ٿي ، شايد ٻئي ڪنهن هنڌان نه اچي ، اوڀر طرف آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هي جبل خاص ڪري برساتن ۾ سياحن جي نظرن جو مرڪز بڻيل هوندو ،. کير ٿر جبل ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون ماٿريون آهن، جيڪي وسڪاري کانپوءِ سرسبز ۽ وڻندڙ ٿيو پون. برسات جي وسڪاري کانپوء کيرٿر ۽ ِ پورو ڪوهستان سائو رئو ڍڪيندو آهي. ڪيترائي اڻ پوکيل قدرتي خودرو گاهه، ٻوٽا، وليون، اڀري پوندا آهن. وڻن ٽڻن ۾ ساهه پئجي ويندو آهي. پيرون، سڱريون، ڏونرا، کٽاليون، ڪوڊير، منڊيري، ڱانڱيون، منگها، چٻڙ، سنگهراٽيون، ليار، مليرو، گولاڙا، کنڀيون، ڊامڻ، ڇهيو، جل، ڊڀ، کنب، للر، مانڌاڻو، ٽوهه، لاڻي،ڳاڱا، کٽالي مُنگھا ليار ، کٽالي ، گوهنار ، وغيره جام ٿيندا آهن ، جبل ۾ موجود جانور سرهہ ، گڊه ، هرڻ ، ۽ ناياب نسل جا پکي پڻ آهن ، جنهن کي جنگلي جيوت کاتي پاران محفوظ ڪرڻ لاء زبردست انتظام ٿيل آهي ، ڪوهستاني علائقي جي مشهور نئين بارڻ آهي جيڪا پڻ کيرٿر جبل مان نڪري ٿي ، ڪوهستاني ماڻهن جي زندگي شهري زندگي کان بلڪل الڳ آهي ، مهمان نوازي هتي جي ماڻهن جي تاريخي ۽ قديم روايت آهي ، هي سندن ايمان آهي ته ماني موليٰ جي آهي. داڻي داڻي تي مهر لڳل آهي. ، ڪوڏر ، ڪهاڙي ، اجرڪ ۽ پٽڪو پهريل هي ڪوهستان باشنده سنڌ جي ثقافت کي ڪيترين ئي سالن کان اوجاگر ڪندا اچن ، گهرن ۾ عورتون گج يا ڪنجري پائينديون آهن ، ڪوهستاني مردن سان گڏ هتان جون عورتو به محنتي ۽ هنر ڪش آهن ، ڦڙن مان ، تڏا ،ڇتر ، ٻوهارا، هٿ جو ڀرت ڀريل رليون، موتين جي پوچ جو ڪم وهاڻا، سڳيون ،ڪنڊلا ۽ گهگهو خوبصورتي جي ڪري گهڻو مشهور آهي ، ڪوهستاني مالوند ماڻهو پنهنجي ٻني ، وني لڄ ، ۽ مال کي جان کان به مٿي ڀانئيندا آهن ، برسات پوڻ کان پوء هتان جي باراني زمين پوکڻ جي لائق ٿيو پوي ، جنهن ۾ اڪثر ڪري مکيه پوکون تر، مڱ، جوئر، ۽ گوار پوکيندا آهن . برساتن کا پوء اڪ، ٿوهر، گگر، ٻير، ڪنڊي، ٻٻر، کور، نانگ ڦڻ، پٽ ڪنوار ۽ ٻين وڻڻ ۽ ٻوٽن ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويندو آهي. نانگ ڦڻ جنهن جو گل خوبصورت ٿئي ٿو ۽ پچڻ کانپوءِ ان جو ميوو به سوادي ٿئي ٿو ٽوهٽينگ جي ٻوٽي ريتيلي جاءِ تي جام ٿئي ٿي جنهن جي پاڙ کي سڪائي، پسائي اڇو سوهيرو ٺاهيو ويندو آهي. گهڻا ماڻهو پاڙ مٿان کل لاهي سرمي داني وانگر اکين ۾ ڦيرائيندا آهن. پهرئين ان جو ڄر ستين آسمان تائين پهچايو ڇڏي ۽ ڳوڙهن نڪرڻ کانپوءِ اکين ۾ ٿڌاڻ لهي ايندي آهي. جهُور هتي گهڻو ٿئي ٿو جنهن جو گل ته خوبصورت آهي پر پاڻ ته اهڙو قاتل زهر آهي جو اٺ جهڙو جانور به ان کان پاسو ڪري. اٺ کي ”جهُور“ کان پري رکڻ لاءِ ننڍي هوندي ئي هن جي پنن جو واس ڏيندا آهن. جيئن ننڍائي کان ئي هن جي زهر جو ڌپ سندس دماغ تي ڇانئجي وڃي ته وڏو ٿي هن کي ويجهو نه وڃي. ڪوهستاني ماڻهن جو چوپايو مال سان وڏو چاه هوندو آهي ، گهڻو ڪري ، ٻڪريون ، رڌون ، گئون ، وڏي تعداد ۾ پاليندا آهن ، برسات نه پوڻ سان چوپايو مال کي وڏو نقصان رسندو آهي ، برسات جي وسڻ کانپوء مالوند ماڻهن جي چهرن تي گم ٿي ويل مرڪ واپس موٽندي آهي جيڪا ڪنهن عيد جي خوشي کان گهٽ ناهي هوندي ، ڪوهستاني سگهڙ لوڪ ادب جا پارکو فن جي حوالي سان جڳ مشهور آهن ، خاص ڪري سياري جي موسم ۾ جڏهن سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان پوء ٿڪ لاهڻ لاء شام داري اوطاقن تي وڏا مچ ٻاري ڪچهريون ڪندا آهن ته آس پاس جي علائقن مان ننڍا ، وڏا ، ٻار پوڙها ، پڪا اچيو ڪچهري جا مور بنجدا آهن، ڪچهري ۾ مقامي فنڪار ، ڏور ، بيت ، ڳجهارتون ، ڪاڻهيون ، قصا ، راڳ ، بانسري ، ڌنبورو ، چڻگ ، ۽ مورا ٻدائي محفل ۾ ايندڙ ماڻهن کان ڌاد وصول ڪندا آهن ، جيتوڻيڪ هاڻوڪيون برساتون ڪوهستان ۾ گهٽ وسيون آهن پر دل ۾ آس ۽ اميدون پالڻهار ۾ رکيو ويٺا آهن ، بارگاهه الهاهي ۾ دعا آهي ، اسان جو ملڪ پاڪستان سنڌ اسان جي جند سدا سرسبز ۽ آباد رهي ، ڪوهستان ۽ ڪوهستاني مسڪرائيندا رهن ، آمين