Thursday 16 November 2017

قلندر لعل شهباز

امام جعفر صادق عه جي فرزند جناب اسماعيل جي پُٺ مان ٻارهين پيڙهيءَ تي هڪ برڪت ڀريو ٻار ڄائو، جيڪو اڳتي هلي قلندر لعل شهباز جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس اصل نالو سيد عثمان هو. قلندر شهباز جو آخري آرام گاهه يا درگاهه شريف سيوهڻ جي شهر ضلعي دادو ۾ آهي ۽ سنڌ جو پهريون نمبر زيارتگاهه ليکيو وڃي ٿو.

قلندر شهباز جو شجره هن طرح سان آهي:

شجره

سيد عثمان پٽ سيد ابراهيم ڪبير الدين پٽ سيد شمس الدين پٽ سيد نور شاهه پٽ سيد محمود شاهه پٽ سيد احمد شاهه پٽ سيد هادي پٽ سيد مهدي پٽ سيد منتخب پٽ سيد غالب پٽ سيد منصور پٽ سيد اسماعيل پٽ امام جعفر صادق عه

پيدائش ۽ تعليم

قلندر شهباز آذربائيجان (آرمينيا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ مرند (مروند) ۾ سنه 538 هجريءَ مطابق 1143ع ۾ ڄائو. مروند شهر جنهن کي مرند يا ميمند به ڪوٺيندا هئا.

پاڻ پهرين پهرين قرآن شريف ياد ڪيائين. تنهن کان پوءِ ٻين علمن ۾ ڪماليت حاصل ڪري، باطني علم پرائڻ لاءِ بابا ابراهيم ولي ڪربلائيءَ جو مريد بڻيو ۽ انهيءَ کان ئي تصوف ۾ خلافت جو خرقو ڍڪيائين. سندس طريقت جو طريقو هن ريت آهي:

طريقت

مخدوم عثمان لعل شهباز قلندر مريد شيخ جمال مجرد مريد سيد ابراهيم مجرد مريد شيخ عاقل شهيد مريد شيخ مسڪين شهيد مريد سيد مرتضى سبحاني مريد امام جعفر صادق عه. مجرد لفظ جي معنى آهي ڇڙو. جنهن پنهنجي سموري عمر بنا شادي ڪرڻ جي گذاري ڇڏي هجي.

هڪ ٻئي هنڌ شهنشاهه دارا شڪوهه شهيد جو طريقتي طريقو بيان ڪندي، قلندر لعل شهباز جي طريقي کي بادشاهه پير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ سان هن ريت ملايو ويو آهي:

دارا شڪوهه مريد ملا شاهه بدخشي مريد ميان مير سنڌي مريد شاهه خضر سيوستاني، مريد شاهه اسڪندر مريد شير الاوليا خواجه جاتي مريد شيخ علي قادري مريد شاهه عثمان قلندر لعل شهباز مريد شاهه جمال مجرد مريد شيخ ابواسحاق ابراهيم مريد شيخ مرتضى سبحاني مريد حضرت احمد پٽ مبارڪ مريد شيخ عبدالقادر جيلاني مريد ابو سعيد بن علي مبارڪ مريد شيخ ابوالحسن علي بن محمد يوسف قريشي مريد ابو الفرح طرطوسي مريد ابو الفضل عبدالواحد يمني مريد ابوبڪر شبلي مريد حضرت جنيد بغدادي مريد خواجه ابوالحسن سري سقطي مريد خواجه معروف ڪرخي مريد امام علي رضا عه مريد امام جعفر صادق عه.

سنڌ ۾ آمد

قلندر شهباز پهرين پهرين سنڌ جو رخ ڪندي سنه 644 هجري مطابق 1246ع سيوهڻ ۾ پهتو، جيئن هيٺين تاريخ ۾ ڄاڻايو ويو آهي:

نمود آفتاب دين

644

سيوهڻ کان پوءِ هو هندستان ڏانهن ويو، جتي پاڻي پٽ ۾ شاهه شمس بو علي قلندر سان مليو ۽ ڪجهه وقت اتي رهيو. بو علي قلندر کيس ٻڌايو ته هندستان ۾ جيئن ته اڳ ۾ گهڻا قلندر آهن؛ تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو، جو هو وڃي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري. اهڙي اشاري ملڻ تي قلندر شهباز وري سنڌ جو رخ ڪيو ۽ سنه 662 هجريءَ ۾ اچي ملتان ۾ پهتو.

انهيءَ زماني ۾ دهليءَ جي بادشاهه سلطان غياث الدين بلبلن جو پٽ شهزادو محمد شهيد، سنڌ جو حاڪم هوندو هو. شهزادو شهيد نهايت ئي هڪ زاهد ۽ عابد نوجوان هو. سندس علم پروري ۽ درويش نوازيءَ جي مشهوري پوري ايشيا ۾ پکڙجي چڪي هئي. جنهن ڪري ڏورانهن ملڪن جا عالم، شاعر ۽ عارف، شهزادي شهيد جي عارفاڻي ۽ عالماڻي صحبتن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پري پري کان ڪهي ايندا هئا. انهيءَ وقت سنڌ جي، سرحدن جو اندازو هن مان لڳائي ٿو سگهجي، جو هن صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هوندو هو ۽ هي شهزادو ملتان ۾ رهي ڪري سنڌ جي حڪومت هلائيندو هو. شهزادو شهيد عالمن، صالحن، شاعرن ۽ سگهڙن جو وڏو قدر ڪندو هو. شيخ منصور بهاؤالدين زڪريا ۽ شيخ فريدالدين گنج شڪر جهڙن شخصن جو پاڻ معتقد هوندو هو. امير خسرو ۽ امير حسن دهلويءَ جهڙا ماڻهو سندس درٻاري هوندا هئا.

چوڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اُچ واري مخدوم جلال جهان گشت پاڪ پتڻ جي شيخ فريد گنج شڪر، شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ ۽ قلندر شهباز جون پاڻ ۾ ڏاڍيون چؤياريون ٿينديون هيون ۽ گهڻو ڪري اهي چار يار گڏ گهمندا ڦرندا هئا. قلندر شهباز جو هي مشهور شعر جنهن جي باري ۾ ڪئين ڳالهيون ڪيون ويون آهن. سو خواجه منصور بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي لاءِ چيل آهي ته:

منم عثمان مروندي که ياري خواجه منصورم

ملامت ميکند خلقه که من بردار ميرقصم.

معنى:....

مان عثمان مروندي منهنجو يار خواجه منصور آهي ماڻهو منهنجي لاءِ چون ٿا ته مان ڦاسي تي ناچ ڪيان ٿو!

شهزادي شهيد وٽ هڪ ڀيري ڪا سماع جي محفل هئي، جنهن ۾ قلندر شبهاز ۽ شيخ بهاؤالدين ذڪريا جو پٽ شيخ صدر الدين وجد ۾ اچي رقص ڪندا رهيا. انهيءَ رقص ۽ سماع جي دؤران شهزادي شهيد به هڪ عجيب حال طاري ٿي ويو، جو پاڻ سمورو وقت سندن اڳيان ادب سان هٿ ٻڌيو بيٺو هو ۽ زارو زار روئندو رهيو.

شهزادي شهيد، قلندر شهباز کي ملتان ۾ رهڻ لاءِ چيو ۽ سندس لاءِ هڪ خانقاهه ٺهرائڻ جو به وعدو ڪيائين. پر پاڻ اڳتي وڌي اچي سيوهڻ ۾ وارد ٿيو.

وفات

قلندر شهباز هتي سيوهڻ ۾ ئي 21 شعبان 673 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جو سال هن فارسيءَ جملي مان نڪري ٿو:

عثمان به دروازه

ٺٽو: بادشاهن جو قبرستان


ٺٽو پاڪستان جو مشهور قديمي ۽ تاريخي شهر آهي. سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهرن ۾ جيڪا اهميت ٺٽي کي حاصل آهي اها ڪنهن ٻي شهر کي حاصل ناهي. اڄ ٺٽو اسان جي ملڪ جي چئني صوبن سان روڊ وسيلي ڳنڍيل
آهي ۽ سنڌودرياءُ جي اولهندي ڪناري تي ڪراچي کان 100 ڪلوميٽر ۽ جنگ شاهي ريلوي اسٽيشن کان 35 ڪلوميٽر پري واقع آهي. ٺٽي شهر جي آبادي 10 لک جي قريب آهي، هي شهر ٻن حصن تي مشتمل آهي هڪ پراڻو ٺٽو ٻيو نئون ٺٽو مڪلي آهي. پراڻي ٺٽي جون گهٽيون، بازار ۽ رستا سوڙها آهن ۽ نئون ٺٽو جيڪو مڪلي جي ٽڪرين تي آباد آهي. هندستان جي ورهاڱي کان پهرين ٺٽو ضلعو ڪراچي جو حصو هيو،ان کان پوءِ 1948ع ۾ ضلعي جو درجو مليس. تحفت الطاهرين، سنڌ جي تاريخ ۽ ٻين ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ٺٽي شهر جو بنياد 883هه بمطابق 1585ع ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي هڪ پهاڙي جي دامن ۾ رکيو هو. تاريخ ۾ ٺٽي کي جن مختلف نالن سان ياد ڪيو آهي، اهي آهن هتم، حتم نگر نهٽ، ٺهٽ، ٽهٽهه، تته تثو، ٺهٽو. ٺٽي مان اهڙا نشان ملن ٿا جيڪي موئن جي دڙي جا هم عصر آهن. ٺٽي ۾ تاريخي هنڌ بيشمار آهن انهن ۾ گهڻيون مسجدون آهن، جيڪي گهڻو ڪري ترخان ۽ بابري مغلن جي دور جون ٺهيل آهن، هتي اوليائن ڪرامن جا مقبرا ۽ ڪيتريون ئي تاريخي مسجدون به آهن. ٺٽو تاريخي لحاظ سان قديم شهر ملتان جو هم عصر آهي ڇو ته هتي ڪيترين ئي قومن جي شهنشاهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ خوبصورت عمارتون ۽ مسجد ٺهرايون. مسلمان بادشاهن کان علاوه لاشاري، بلوچ، کوسه، رند، بروهي، جا کرا، ٽابرا، جوکيا، تاجر قبيلا ايران ۽ بلوچستان مان لڏي آيا ۽ هتي آباد ٿيا. ٻاهران آيل عباسي خاندان جي حڪمرانن جو ذڪر اهم آهي جيڪي بعد ۾ هتي ئي مدفعون ٿيا، کين سنڌ ۾ ڪلهوڙا لقب مليو.
مڪلي جي قبرستان ۾ تقريبن 33 بادشاهه، 17 گورنر، سوا لک اولياءَ ۽ لاتعداد دانشور، اديب، شاعر ۽ عام ماڻهو دفن ٿيل آهن. هي قبرستان ٺٽي شهر کان 2 ميل پري ڪوهه مڪلي ۾ ضلع ڪچهري ٺٽي جي ويجهو ڪراچي روڊ تي واقع آهي. هتان هڪ رستو ريلوي اسٽيشن جُنگ شاهي به وڃي ٿو. هي سنڌ جو سڀ کان قديم ۽ وسيع قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ 1334ع کان وٺي 1740ع تائين تدفين جو سلسلو جاري رهيو. مڪلي رڳو قبرستان ئي نه آهي پر هي ماضي جي تخت ۽ تاريخ جو ورق آهي. مڪلي جي قبرستان ۾ قبرن ۽ ٻين منزلن لاءِ استعمال ٿيل پٿر جُنگ شاهي جو آهي. قبرستان ۾ 14 هين کان 16 هين صدي جي دور جا جيڪي مقبرا آهن انهن ۾ ڄام نظام الدين مبارڪ خان ۽ ملڪ راج پال جا مقبرا شامل آهن، اهي سڀ حڪمران سما دؤر سان تعلق رکن ٿا، جن 185 سال ٺٽي ۽ ڀر وارن علائقن تي حڪومت ڪئي. ٻيو دؤر ترخانن ۽ ارغونن جو هو جيڪو 16هين صديءَ تائين هو. ان دور جا عيسيٰ خان ترخان. باقي بيگ ترجان، سلطان ابراهيم، مير سليمان مڪلي ۾ دفن آهن، جڏهن ته ٽيون دؤر مغلن جو هو جيڪو 16 هين کان 18 هين صديءَ تائين رهيو، ان دور ۾ جاني بيگ ترخان، باقي بيگ، ازيڪ تفرل بيگ ۽ عيسيٰ خان ترخان هتي دفن ٿيل آهن. هتي ڪيترن ئي بزرگن جون به مزارون آهن انهن مان سڀ کان اهم عبدالله شاهه اصحابي جي مزار آهي. اهڙي طرح قبرستان سان چار سئو سال پراڻي تهذيب وابسته آهي. 
هتي اوليائن جي مقبرن کان علاوه ڪيتريون ئي تاريخي مسجدون به آهن جن جا نالا هي آهن. مسجد شاهجهان: هيءَ مسجد ٺٽي جي سڀ کان مشهور ۽ وڏي جامع مسجد آهي هن مسجد جي تعمير تي 9 لک روپيا خرچ آيو هو. هن مسجد کي امير ابوالتجا امير خان مغل بادشاهه شهاب الدين (شاهجهان) جي حڪم تي تعمير ڪرايو هو. هن مسجد جي تعمير1644ع ۾ شروع ٿي ۽ 1647ع ۾ مڪمل ٿي. مسجد جي طرز تعمير سان مغلن جي تعميراتي ڪم جي اهميت جو پتو پوي ٿو. هن مسجد ۽ لاهور ۾ مغل دور جي اڏاوتن ۾ ڪافي هڪ جهڙائي آهي.لاهور جي شالامار باغ جيان هن مسجد جي باغ ۾ ڦوهارا لڳل آهن. مسجد جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جي مٿان گنبذن جو تعداد هڪ سؤ آهي. ٺٽو هڪ قديم تاريخي شهر آهي ۽ ڪيترائي غير ملڪي ۽ ملڪي سياح هن کي ڏسڻ اچن ٿا. هو شاهي مسجد جي فن تعمير مان جيترا متاثر ٿيندا آهن اهو ناقابل بيان آهي.
مسجد مظفر خان؛ مرزا غازي بيگ ترخان جي وفات بعد 1612ع ۾ مظفر خان کي ٺٽي جي جمعداري ڏني وئي ان نهايت خوبصورت ۽ دلڪش رنگن سان آراسته مسجد تعمير ڪرائي، جنهن کي سندس نالي پويان مسجد مظفر خان سڏيو وڃي ٿو. جامع فرخ؛ مرزا فرخ ارغون ترخان جو شمار مرزا شاهه حسين ارخون ترخان جي مشهور اميرن ۾ ٿئي ٿو. ان هي مسجدتعمير ڪرائي هئي.َ هي عاليشان مسجد عهد شاهجهاني ۾ ٻيهر تعمير ڪرائي وئي. مسجد خضر حيات: هيءَ مسجد ٺٽي جي وچ شهر ۽ بازار ۾ موجود آهي. هيءَ مسجد مير رزاق مصموري مغل شهنشاهه نورالدين جهانگير جي دؤر کان موجود آهي ۽ ان ئي ٺهرائي. مسجد امير خان: هن مسجد جو باني نواب امير بيگ ارغون ترستان خاندان مان هو. مرزا جاتي بيگ ترخان جي لشڪر ۾ امير بيگ کي خاص مقام حاصل هيو. ٺٽي جي بازار امير بيگ ان سان ئي منسوب آهي. اها مسجد ان تعمير ڪرائي. مسجد امير خسرو: ٺٽي جي ناظم امير خسرو 1588ع ۾ ٺٽي شهر کان ٻاهر اها مسجد تعمير ڪرائي، اڄ ان مسجد جو نانءُ نشان ناهي رهيو. 
ڪينجهر ڍنڍ ۽ هاليجي ڍنڍ: ٺٽي کان تقريبن 30 ڪلوميٽر پري پاڪستان جي خوبصورت ڪينجهر ڍنڍ موجود آهي. هيءَ ڍنڍ حيدرآباد روڊ تي واقع آهي. هيءَ قدرتي ڍنڍ ڪينجهر ۽ مضوعي ڍنڍ هاليجي ڪيترن ئي ميلن تي پکڙيل آهن. ڪينجهر ڍنڍ سان ٺٽي ۾ نور ڄام تماچي رومانوي داستان به منسوب آهي. سنڌ جو حڪمران ڄام تماچي ماهيگير قبيلي جي عورت نوريءَ تي موهجي پيو هو.نوري جي قبر اڄ ڪينجهر ڍنڍ اندر مٽيءَ جي دڙي تي موجود آهي.
مرزا عيسيٰ خان ترخان شاني مغليه دؤر ۾ ٺٽي جو گورنر هو. مڪلي ۾ واقع سندس مقبرو مغل دؤر جي سڀ کان وڏي ۽ عظيم الشان عمارت آهي. مقبرو تمام اوچو ۽ وڏو آهي، ان تي ڪنهن قلعي جو مک دروازو هجڻ جو گمان ٿئي ٿو. ان جي تعمير ۾ اٺ اٺ فٽ کان ڊگهن پٿرن تي خوبصورت (قرآني آيتون) ۽ خوبصورت گلڪاري ٿيل آهي جو ان کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويندا آهن. اها ٻه ماڙ عمارت آهي جنهن ۾ مٿين منزل عورتن لاءِ مخصوص هئي، مرزا عيسيٰ خان ترخان ۽ ان جو پوٽو مرزا عيسيٰ خان ترخان ثاني سنڌ جا گورنر ٿيا مرزا عيسيٰ خان ثاني کي 1627ع ۾سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. شاهجهان دؤر حڪومت ۾ هو ڪرنال جو قلعيدار هو. عيسيٰ خان ترخان ثاني جي وفات 1664ع ۾ ٿي، عيسيٰ خان ثاني جو والد مرزا جان بابا جو مقبرو به ڏسڻ وٽان آهي. مرزا جاني بيگ ترخان خاندان جو آخري فرد هيو. مرزا جاني بيگ ۽ ان جي پٽ مرزا غازي بيگ کي سندن وصيت مطابق مڪلي ٺٽي ۾ دفنايو ويو.

سنڌ صدين کان...

جيڪب آباد جي تاريخ

جنرل جان جيڪب، 11 جنوري 1812ع تي انگلنڊ جي سمرسٽ نالي شهر ۾ ڄائو. هو هڪ پادري ’اسٽيفن لانگ جيڪب‘ جو پٽ هو.هن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هڪ قومي مرڪز ’ايڊس ڪومب اسڪول‘ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ نوڪري ڪرڻ لاءِ پابند هوندا هئا.

ايسٽ انڊيا 
هن 16 سالن جي عمر ۾، 11 جـنـوري 1828ع تـي ايـسـٽ انـڊيـا ڪمپنيءَ ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي عهدي تي هندستان جي صوبي گجرات ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليون. 14 مئي 1836ع تي ليفٽيننٽ ۽ سگهو ئي پوءِ ڪئپٽن جي عهدي تي ترقي ماڻيائين. 1838ع ۾ پهرين افغان جنگ ۾ کيس فوج جي هڪ قافلي جي سلامتيءَ لاءِ خانڳڙهه چوڪيءَ جو عملدار مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن جهرڪن واري فوجي ڪئمپ ۾ گذاريائين. انگريز لشڪر سان گڏ سکر ۽ شڪارپور روانو ٿيو. ان دوران ڪجهه عرصو بکر واري قديم قلعي ۾ رهندي، سکر، بکر ۽ روهڙيءَ جو جاگرافيائي مطالعو ڪري سکر ۽ روهڙيءَ کي پُل وسيلي ڳنڍڻ جو خاڪو تيار ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي لئنسڊائون پل جي شڪل ۾ نروار ٿيو.

جيڪب آباد ۾ 
1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سر چارلس نيپيئر کيس جنرل جي عهدي تي مقرر ڪيو. هن خانڳڙهه ۾ قبائلي سردارن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو. 1847ع ۾ کيس خانڳڙهه جو پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن خانڳڙهه جو نالو بدلائي پنهنجي نالي جي پٺيان ’جيڪب آباد‘ رکي ڇڏيو. جيڪب آباد تي سندس نالو هئڻ سبب کيس هيءُ شهر گهڻو پيارو هو، جنهن جي ترقيءَ لاءِ هيءُ مسلسل جاکوڙيندو رهيو. 13 اپريل 1855ع تي ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 20 مارچ 1857ع تي ڪرنل جي عهدي تي ترقي ماڻيائين.

ڪيٽل شو جو بنياد 
1857 جان جيڪب هتي ’هارس ۽ ڪيٽل شو‘ جو بنياد وڌو، جنهن جو سبب هن علائقي جا اعليٰ نسل وارا گهوڙا هئا. اهو هارس ۽ ڪيٽل شو مختلف وقتن تي اڄ تائين منعقد ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ گهوڙن جي ڊوڙ، چوپائي مال جي نمائش ۽ عام ماڻهن جي وندر لاءِ مختلف اسٽال لڳايا ويندا آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ان شهر ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جا متوالا مير عنايت شاهه شاهپوري، دريا خان جکراڻي، دلمراد خان کوسو، مير بجار خان آزاديءَ لاءِ گوريلا ويڙهه جاري رکندي انگريز سرڪار کي پريشان ڪندا رهندا هئا، جن جي قوت جو مدار سندن اعليٰ نسل ۽ طاقتور گهوڙن تي هو، انهيءَ پسمنظر ۾ شايد جان جيڪب سوچيو ته جيڪڏهن هن علائقي جا ڀلا گهوڙا انگريز سرڪار جي حوالي ٿي وڃن ته پوءِ ماڻهو انگريزن جو ڪجهه بگاڙي نه سگهندا، تنهنڪري هن هارس ۽ ڪيٽل شو منعقد ڪرائي ڀلن گهوڙن تي انعام اڪرام ڏيڻ ۽ اهي خريد ڪرڻ جو مقصد ذهن ۾ رکيو هوندو. پر عام راءِ اها آهي ته جان جيڪب ماڻهن جو همدرد ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اڳڀرو رهندو هو. هن وٽ خود هڪ ڀلي نسل جو گهوڙو موجود هو، جنهن جو هن نالو ميسينجر رکيو، جيڪو سندس حياتيءَ ۾ ئي مري ويو. ان گهوڙي جي قبر جا نشان جيڪب آباد جي ريڊ ڪريسنٽ اسپتال ۾ موجود آهن.

شهري ترقي 
جيڪب آباد جو گهنٽا گهر، جنهن کي وڪٽوريا ٽاور به چيو وڃي ٿو، اهو به جان جيڪب جي ڪوششن سان تعمير ٿيو، جيڪو سندس سئوٽ ڪرنل ايس ايس ڊزائين ڪيو ۽ راڻي وڪٽوريا جي راڄ جي سلور جوبليءَ جي موقعي تي مقامي زميندارن ۽ سماجي تنظيمن جي چندي سان تعمير ڪرايو ويو هو. اهو گهنٽا گهر 60 فوٽ اوچو، هڪ مينار جي شڪل ۾ آهي، جنهن کي چئني پاسن کان گهڙيال لڳل آهن، جيڪو اڄ به موجود آهي. جان جيڪب فوجين جي رهائش لاءِ هتي ڪالونيون ٺهرايون. هن شهر جا ٻيلا ۽ جهنگ صاف ڪرائي آسپاس جي بلوچن ۽ ٻين قبيلن کي هتي آباد ڪيو، ان کان سواءِ ڪبوتر خانو ۽ ٽاور به ٺهرايو، جنهن ۾ مختلف نسلن جا ڪبوتر پاليا ويا، جيڪي خطن جي ترسيل جو ڪم ڏيندا هئا. اهو ڪبوتر خانو به معمولي تبديلين سان جيڪب آباد ۾ موجود آهي. جان جيڪب جي دور ۾ مليريا جي بخار جي دوا ڪوئنين ايجاد ٿي چڪي هئي ۽ هو اهڙن مريضن کي ان دوا جون پڙيون ڏيندو رهندو هو، جنهن جي ڪري بخار لهي ويندو هو. فائدو ٿيڻ تي ڪجهه سادا ۽ ڪمزور عقيدي وارا ڳوٺاڻا کيس پير جي حيثيت به ڏيندا هئا.

سماجي ڪم 
هو سماجي ڀلائي لاءِ پتوڙيندو هو. جان جيڪب هڪ ذهين عملدار، انجنيئر ۽ مڪئنڪ هو. هن شهر ۾ هڪ گهڙيال ٺاهيو، جيڪو اڃا تائين وقت، تاريخ، ڏينهن ۽ چنڊ جا تاريخوار نشان ٻڌائيندو آهي. اهو گهڙيال ڊي. سي جيڪب آباد جي ريزيڊنسيءَ ۾ اڄ به موجود آهي. هيءُ گهڙيال زمين کان 5 فوٽ مٿي هڪ شيشي جي ڪٻٽ ۾ نصب ٿيل آهي. هيءُ گهڙيال ٻن پاسن وارو آهي. هن جي هڪ پاسي جيڪو ڏيک آهي، انهيءَ ۾ پاڪستان اسٽئنڊرڊ ٽائيم، هفتي جو ڏينهن، عيسوي سن جو مهينو ۽ چنڊ جي تاريخ جو نظام رکيل آهي، جنهن تحت چنڊ جي تاريخ پٽاندر شڪل ڏسي سگهجي ٿي. يعني جڏهن چنڊ جي پهرين تاريخ هوندي آهي ته صفا هلڪي ڪريسنٽ واري شڪل نظر ايندي آهي ۽ چوڏهين تاريخ تائين مڪمل چنڊ جي شڪل نظر ايندي آهي ۽ جيئن جيئن چنڊ جي تاريخ اڳتي ويندي آهي، اها شڪل وري گهٽجي ويندي ِآهي. ٻئي پاسي هن گهڙيال ۾ ساڳئي وقت گرين وچ ٽائيم ڏسي سگهجي ٿو. هن گهڙيال جا پرزا گهڻي ڀاڱي پتل جا جڙيل آهن، جيڪي مختلف وزن جا آهن، جن مان ڪو هڪ ڪلو، ڪو پنج ڪلو، ته ڪو وري ڏهه ڪلو وزن تائين آهي. انهيءَ گهڙيال جا 80 کان مٿي پرزا آهن. هن گهڙيال جي مٿان تاريخي نوعيت جو هڪ گهنڊ پڻ نصب ٿيل آهي، جيڪو هر ڪلاڪ تي وڄندو آهي. هن گهڙيال جو پنڊوليم اڍائي مڻ وزن جو آهي ۽ هيٺ ان جو وزن 6 مڻ آهي جيڪو چين ذريعي گراڙيءَ کي هلائي ٿو ۽ اهو پينڊوليم هيٺ 60 کان 70 فٽ پاڻيءَ جي کوهه ۾ لهندو رهندو آهي ۽ ان ذريعي اهو گهڙيال هلندو رهي ٿو. هيٺ پاڻيءَ جي کوهه ۾ مقناطيس لڳل آهي، جنهن جو وزن اڌ مڻ آهي. هن گهڙيال ۾ هينڊل وانگر هڪ چاٻي به آهي، جنهن کي ٻه ماڻهو ڦيرائيندا آهن ۽ اها چاٻي 15 ڏينهن تائين ڪارگر رهي ٿي. هن گهڙيال جي ڊائل تي ڪلاڪن لاءِ ٻه ڪانٽا آهن ۽ هفتي جي ڏينهن لاءِ پڻ نشان اڪريل آهن.

وفات 
جان جيڪب 46 سالن جي عمر ۾ 5 ڊسمبر 1858ع تي وفات ڪئي. کيس وصيت موجب گورا قبرستان جيڪب آباد ۾ دفنايو ويو.
حوالو : وڪيپيڊيا

Friday 10 November 2017

فاروق ستار جو ڊرامو ۽ پنڊي وارا اسڪرپ رائٽر


ذوالفقار قادري
فاروق ستار جو هي ڪو نئون ڊرامو ڪونهي پير مظھر جي ڏاڏي پير الاهي بخش جي نالي سان قائم پيرالاهي بخش ڪالوني ۾ جنم وٺندڙ فاروق ستار ڪاٺياواڙي ميمڻن جي پيرواڻي پاڙي سان تعلق رکي ٿو ٖ جهانگير ڪوارٽرز ڪراچي جي هڪ پراڻي ڪوارٽر ۾ رهندڙ آگري هندستان مان هجرت ڪري ايندڙ انڊين ريلوي جي هڪ ملازم نظيرحسين جي گهر ۾ جنم وٺندڙ الطاف حسين کي جڏھن فوج جي بلوچ ريجمنٽ مان خارج ڪري ڪڍيو ويو تہ هن ڪراچي يونيورسٽي جي بي فارميسي واري شعبي ۾ داخلا ورتي هئي انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ڪوٽ لکپت جيل جو اسير ھو ٖ اسان رولاڪ قسم جا سياسي ورڪر شاگرد جتي پڪي اتي کاڌي ڪڏھن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج تہ ڪڏھن سنڏ يونيورسٽي ٖ وري ڪڏھن ايس ايم سي ڪراچي تہ ڪڏھن ڪراچي يونيورسٽي ڪو مستقل ٺڪاڻو نہ هو ٖ ڪڏھن ڪٿي تہ ڪڏھن ڪٿي ٖ اهي 1978ع وارا ڏينهن هئا ٖجماعت اسلامي جي شاگرد ونگ اسلامي جميعت طلبا ڪراچي جي شاگرد سياست جي بي تاج بادشاه بڻيل هئي ٖ جميعت جي ڪوشش ھوندي هئي تہ ٻي ڪا تنظيم ڪراچي يونيورسٽي ۾ سرگرم نہ ٿئي ان ڳالهہ تان ڪراچي يونيورسٽي ۾ پيا ڦڏا ٿيندا هئا ٖ الطاف حسين انهن ڏينهن ۾ اسلامي جميعت طلباء جو سرگرم ڪارڪن هو جڏھن تہ عظيم احمد طارق لبرل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ڪم ڪندو هو ٖ انهن ڏينهن ۾ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٖ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٖ جيئي سنڌ  ٖ سميت پنجابي ٖ بلوچ ٖ پٺاڻ شاگردن بہ پنهنجيون پنهنجيون تنظيمون جوڙي رکيون هيون ٖ انهن ڏينهن ۾ نسرين جليل ۽ ٻيون اردو ڳالهائيندڙ ڇوڪريون بہ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙھنديون هيون ٖ الطاف ۽ عظيم طارق سياسي طور الڳ هئا پر سندن پاڻ ۾ گهري سنگت هوندي هئي ٖ جميعت جي هڪ هٽي واري پاليسي سبب سڀني جا جميعت وارن سان پيا جهيڙا هلندا هئا ٖ هڪ ڏينهن الطاف حسين کي پٺاڻ شاگردن ڪٽڪو ڪڍيو ٖ الطاف کي اميد هئي تہ جميعت پلئہ ڪندي پر ايئن نہ ٿيو ۽ الطاف حسين کي آيل مار جو ڪو تدارڪ نہ ٿيڻ تي الطاف حسين جميعت کان دلبرداشتہ ٿي پاسيرو ٿي ويو ٖ ان واقعي کان پو۽ الطاف حسين ٖ عظيم احمد طارق جي ويجهو ٿيندو ويو ٖ جنهن جو اردو ڳالهائيندڙ مهاجر شاگردن ۾ چڱو اثر هو ٖ شروع ۾ هنن گڏجي جون 1978ع وارن ڏينهن ۾ الطاف حسين جي جهانگير روڊ واري ننڍڙي پراڻي سرڪاري تي ڪراچي جي مختلف ڪاليجن جي مهاجر شاگردن کي گهرائي آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو بنياد رکيو ٖ انهن ڏينهن ۾ سنڌي ڇوڪرا انهن کي “ مڪڙن “ جو ٽولو چوندا هئا ٖ هي اهي ئي ڏينهن هئا جڏھن منهاج برنا جي قيادت ۾ صحافين جنرل ضياء جي سينسرشپ ۽ آزادي اظھار تي پابندي خلاف ملڪ گير تحريڪ جو آغاز ڪندي “ جيل ڀريو “ تحريڪ جو آغاز ڪيو هو ٖ روزانو صحافين جو جٿو ڪراچي جي ريگل چوڪ تي اچي گرفتاريون پيش ڪندو هو سياسي ڪارڪن بہ اظھار يڪجهتي طور صحافين سان گڏ گرفتاريون ڏيڻ لڳا ٖ مون ۽ مدئيجي لڳ ڳوٺ ترائي واسي مرحوم اعجاز ڪماريو بہ ريگل چوڪ تي صحافين سان يڪجهتي جي اظھار طور گرفتاري پيش ڪئي ٖ اعجاز ڪماريو ۽ ٻين کي لانڍي جيل ۽ اسان کي ڪراچي سينٽرل جيل موڪليو ويو ٖ انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ واقعو ٿيو ٖ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي الطاف حسين ٖ عظيم طارق ٖ نسرين جليل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن وارن بهارين جي بنگلاديش مان واپسي جي حق ۾ مظاهرو ڪيو ٖ ۽ ڪجهہ ماڻھن پاڪستان جي جهنڊي کي باه ڏني ان الزام ۾ الطاف حسين گرفتار ٿي ڪراچي سينٽرل جيل پهتو ٖ هر نئين آيل قيدي جي “آڌرڀاءٗ “ واري رسم تحت جيل جي ماڙي تي الطاف حسين جو بہ آڌرڀاءٗ ٿيو لياري جي هڪ ڪاٽڪو ماما الله بخش عرف “ الابو “  جيڪو جيل ۾ سزا جي ڪري مقدم هو ان الطاف حسين کي ڏاڍي مار ڏني ٖ سندس رڙيون قيدين “ ڪارا ٽين “ واري بيرڪ ۾ پئي ٻڌيون ٖ نہ صرف اهو ٻئي ڏينهن تي جيل ۾ “ جوڙي جوڙي “ کان پو۽ ماما الابو کيس جيل جي ٻھاري ۽ پوچي جي ڪم لا۽ وٺي ويو ٖ خير ڪجهہ عرصي بعد هر ڪو جيل مان آزاد ٿي پنهنجي پنهنجي ماڳ پهتو ٖ فاروق ستار انهن ڏينهن ۾ اسلاميہ ڪاليج ڪراچي ۾ فرسٽ ييئر جو شاگرد هو ۽ الطاف حسين کان متاثر ٿي اي پي ايم ايس او جوائن ڪيو ۽ سندن سرگرم ڪارڪن بڻجي ويو اڳتي هلي فاروق ستار جي داخلا جڏھن سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي تہ هو ڪراچي جي واپاري ميمڻ ڪميونٽي کان چندو ڪري الطاف حسين جي مالي مدد ڪندو هو اهڙي طرح ھو الطاف حسين جي اعتبار جوڳن ماڻھن شمار ٿيڻ لڳو ڪراچي ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ بعد جنرل ضياء جي ماسٽر مائنڊ رفيقن ليفٽننٽ جنرل اختر عبدالرحمان ۽ ليفٽننٽ جنرل حميد گل جي آشيرواد سان 1986ع ۾ الطاف حسين مهاجر قومي موومينٽ جو قيام عمل ۾ آندو شايد گهڻن دوستن کي اهي شروعاتي ڏينهن ياد نہ هجن پر جڏھن الطاف حسين پهريون دفعو سنڌ جي دوري تي نڪتو هو تہ کيس لاڙڪاڻي ٖ قمبر ٖ ٽنڊي الهيار ٖ ٽنڊي آدم ٖ شهدادپور ٖ نوابشاه ٖ سکر ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وٺي اچي گهمائڻ ۽ سندس سيڪيورٽي ڪرڻ واري سنگت بہ اسان جي جيئي سنڌ جي دوستن جي هئي پو۽ الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم سنڌين سان ڪهڙا رويا اختيار ڪيا اهي بہ سڀني کي ياد آھن انهيء سال بلدياتي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد مان وڏي ڀاري اڪثريت سان چونڊون کٽي آئي حيدرآباد جو ميئر آفتاب شيخ کي بڻايو ويو جڏھن تہ 28 سالن جي فاروق ستار کي ڪراچي جو ميئر بڻايو ويو ٖ پاور ۾ اچڻ کان پو۽ الطاف حسين وري سنڌين سان ئي جهيڙا وايا جنهن جي جي نتيجي ۾ پو۽ ميئر حيدرآباد آفتاب شيخ تي حملو ٿيو ان بڳد تہ سنڌين ۽ مهاجرن درميان شديد فساد ٿيا ٖ جنهن ۾ سنڌين جي جاني مالي نقصان کان علاوه سندن مال ٖ ملڪيتون ٖ اباڻا گهر ويران ٿيا ٖ نياڻين جي عصمت دري جا واقعا بہ رپورٽ ٿيا 30 سيپٽمبر 1988ع ۽ آڪٽوبر 1988ع وارا ڪوس بہ ان اسڪرپٽ جو ئي حصو هئا انهيء بلدياتي چونڊن ۾ رنڇوڙ لائن مان هڪ 25 سالن جي ڇوڪري شاهده چشتي بہ ايم ڪيو ايم جي مدد سان عورتن جي مخصوص سيٽن تان ميمبر چونڊجي آئي فاروق ستار ڪراچي جي ترقي کان پهرين سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيو جو شاهده چشتي سان پيار جو پرڻو ڪيو ٖ فاروق ستار ميئر ڪراچي جي پنهنجي دؤر ۾ متحده قائد الطاف حسين جي “ حصي پتي “ جو رواج وجهو گڏو گڏ ڪراچي جي سرڪاري پلاٽن ۽ پارڪن تي قبضو ڪرائي ايم ڪيو ايم جا دفتر ۽ شادي هال جوڙايا ٖ پاڪستاني ايسٽيبلشمنٽ ايم ڪيو ايم جي سرپرستي ڪري کيس ايترو تہ مضبوط ڪيو جو بينظير ڀٽو کان ويندي ميان نواز شريف تائين ٖ غلام اسحاق کان ويندي رئيس غلام مصطفئ جتوئي ۽ آصف زرداري تائين هر سياستدان کي ڪرسي ۽ اقتدار خاطر الطاف حسين جي درٻار نائن زيرو تي طواف ۽ حاضري ڏيڻ سندن مجبوري بڻجي وئي ڄام صادق علي مرحوم بہ وڏو آڙي ڪاپ ماڻھو هو سندس جي هڪ سيٽ تي وزيراعلئ بنجڻ پويان بہ ايسٽيبلشمنٽ جي آشيرواد سان الطاف جو سهڪار بہ هو ٖ الطاف حسين جڏھن حدون اورانگهيون تہ پهريون دفعو ايسٽيبلشمنٽ “ هماري بلي هم سي مياؤن “ واري پاليسي تحت آرمي چيف جنرل آصف نواز جنجوعہ جي وقت ۾ کيس سيکت ڏيڻ جو پلان جوڙيو تہ ڄام صادق علي کي ان پلان جي خبر پئجي وئي ۽ ڄام صادق علي انهن ڏينهن ۾ ڊرامو ڪري اسپتال داخل ٿيل الطاف حسين کي ملڪ مان ڀڄائي لنڊن پهچائي ڇڏيو ٖ چوڻ وارا چون ٿا تہ الطاف کي پاڪستان مان ڀڄائڻ واري بہ پاڪستاني ايسٽيبلشمنٽ ھئي ڇو تہ الطاف حسين پاڪستان ۾ هجي ها تہ عظيم طارق ۽ ٻين جيان مارجي وڃي ها الطاف جو جيئرو رهڻ ھنن جي مفاد وٽان آھي ايم ڪيو ايم جي جوڙڻ کان ويندي کيس ٽوڙڻ تائين هن وقت تائين جيڪي بہ ڊرامن جا اسڪرپ لکيا ويا آھن انهن سڀني اسڪرپٽس جا رائيٽر “ پنڊي وارا پيارا “ ئي رهيا آھن ٖ مصطفئ ڪمال ۽ فاروق ستار جي جوڙڻ وارا بہ اهي ئي هئا پر جڏھن مصطفئ ڪمال ڊرامي ۾ حد کان وڌيڪ “ اوور ايڪٽنگ “ ڪئي تہ سمورو ڊرامو ئي فلاپ ٿي ويو فاروق ستار شوٽنگ اڌ ۾ ڇڏي ڀڄڻ واري ڪئي تہ کيس “ اسڪرپٽ رائٽر “ ئي واپس وٺي آيا ۽ سلطان راهي جيان اچي چيائين “ ماں جی تیرے دوپٹہ دی قسم جی اج تو نہ ھوندی تے میں اناں نوں ٹوٹے ٹوٹے کر چھڈاں ھاں " ۽ ٻئي طرف الطاف حسين لنڊن ۾ ان ڊرامي کي ڏسي ٽهڪ پيو ڏئي تہ ڇا بہ ڪيو پر 2018ع ۾ جي چونڊن واري جڏھن فلم ريليز ٿيندي تڏھن ان ڊرامي کي ڏسڻ وارا تماشبين ووٽر تہ “ ٽڪيٽون “ منهنجي ئي ڪاؤنٽر تان وٺندا بحرحال پنڊي وارن جي ڪمزور اسڪرپٽ سبب مائي ڪمالان ۽ ستاري ڀائي جي شادي “ لانئن “ بعد “ سهاڳ رات “ ملهائڻ کان اڳ ئي رولڙي جو شڪار ٿي وئي آھي هاڻي ڏسجي تہ “ عدت “ اسٽيبلشمنٽ سندن “ حلالو “ ڪرائي کين ٻيهر شادي جي منڊل تي ٿي وٺي اچي يا ڪو نئون گهوٽ ٿي تلاش ڪري