Friday 3 November 2017

پ پ جو ٻڏندڙ ٻيڙو ۽ زرداري ليگ جي گوڏا گاڏي.

محمد هاشم ٻرڙو

چوڻي آهي تہ ڪمال کي زوال ضرور ايندو آهي ۽ اها چوڻي پيپلزپارٽي وارن جي پيشاني مٿي عَيَان ٿي چڪي آهي 2008 جي  حادثاتي طور مليل اقتدار جي نشي ۾ سنڌ مان چونڊيل پ پ نمائنده ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ايترا تہ بدمست ٿي ويا هئا جو ويچارن کي اها سمجھ بہ  نہ رهي تہ اسين اڄ جيڪو ڪجھ پوکيون پيا سڀاڻي اهو وَڍڻو بہ پاڻ کي ئي پوندو  مگر چوندا آهن تہ

رب رسي مت کسي
هڻي نہ ڪو هٿيار

          ويچارن اهڙي مَت کَسِي جو ننڍي وڏي پنهنجي پرائي اوڙي پاڙي جي تميز وڃائي ويٺا هر پاسي قبضا خوري انتقامي ڪاروايون ماڻهن مٿان ڪوڙا  ڪيس ادارن منجھ کربين روپين جي لُٽَ مار معيشت ڪي تباهي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سنڌ اندر ٻٽا نظام لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين هائوسنگ اسڪيمن جي نالي تي ڀڳڙن مُٺ ڏئي ڌارين کي آباد ڪرڻ سميت هر اهو عمل ڪري ويٺا جيڪو سنڌ دشمن آهي.
                  پ پ حڪومت جي ڪرتا ڌرتائن اهو مڪمل طرح وساري ڇڏيو هو تہ هڪ ڏينهن رات انڌاري ختم ٿيڻي آهي  نئين روشن صبح جو جنم بہ ٿيڻو آهي ظلم ڌرتي تي تہ هوندو مگر ظالم جي عمر ٿوري آهي.
       پيپلزپارٽي کي پنجاب ۽ خيبر پختون خواھ ۾ ٿيل بايو اليڪشنز ۾ مليل بري شڪستن  کانپوءِ ڪجھ ڏينهن پهرين جڏهن شرجيل ميمڻ جي گرفتاري جي گرفتاري عمل ۾ آئي تہ پ پ جي بچيل سچيل صفن منجھ هلچل مچي ويئي تہ هاڻي پنهنجي منطقي انجام جي ويجهو پهچا آهيون ڪا واٽ وَاهر سوچي ڀڄڻ جي ڪجي هڪ پاسي شرجيل ميمڻ کي بچائڻ لئي ويل فياض ٻٽ ، مڪيش چاولا، امداد پتافي ، ڄام شورو پنهنجي ايندڙ بري انجام کي ڏسي پريشان هئا تہ ٻئي پاسي وري پيپلزپارٽي جي ڪجھ بنيادي سينيئر ماڻهون ۽ ڪجھ پنهنجي سهنجي وارا هڪ ٻئي سان رابطن ۾ اچي ويا تہ هاڻي پ پ جي  ٻِيڙِي منجھ سوراخ ٿي چڪو آهي هاڻي بچڻ لئي گوڏا گاڏي ڪيئن ۽ ڪهڙي بهاني ڪجي .
ڪجھ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڪجھ سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ ذريعن  جيڪا معلومات شيئر ڪئي آهي ان مطابق ٻيڙي مان نڪرڻ لئي پ پ جي سينيئر اڳواڻن جو ڪَٺُ رات جي پهر ۾ مٽياري ضلعي جي تعلقي هالا جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ٿيو جنهن ۾ ذريعن موجب مخدوم جميل الزمان ، مير هزار بجاراڻي ، پير مظهر الحق ، مراد علي شاھ ڀريا سٽي وارو، سيد علي نواز شاھ، اياز سومرو ، ۽ شاهد ڀٽو شرڪت ڪئي ۽ ڪجھ اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطا پڻ ڪيا جن ۾ مگسي صاحب ۽ مهر ڀائر ٻڌايا وڃن پيا.
               ۽ ذريعن طرفان اها دعواىٰ پڻ ڪئي پئي وڃي تہ انهيءَ ملاقات جي اڃا هڪ نشست ٿيندي ۽  مستقبل لاءِ جيڪو فيصلو ڪيو ويندو اهو مشترڪہ فيصلو هوندو ٻئي پاسي مٽياري ضلعي جي سجاڳ هلڪن ۾  مخدوم هائوس جا مسلم ليگ فنڪشنل ۽ پاڳاري خاندان سان سياسي رابطن جا چئوٻول پڻ ٻڌڻ ۾ اچن پيا.
         جڏهن تہ مراد علي شاھ ڀريا واري لئي ٻڌڻ ۾ اچي پيو تہ سيد سڳورو  پاڪستان تحريڪ انصاف کي جوائن ڪرڻ لئي سنجيده آهي جڏهن تہ نوشهري ضلعي جي ڀُرٽ خاندان ۽ بِهَڻ فيملي جا بہ تحريڪ انصاف سان رابطن جا افواھ گونجي رهيا آهن جن ترديد ٻنهي سياسي خاندانن مان اڃا نہ ڪئي آهي.
       بحر ڪيف اقتداري ايوانن منجھ متل ٽاڪوڙن مان هڪ ڳالھ تہ واضع ٿي چڪي آهي تہ مستقبل قريب ۾ چورن جي ڏُنڊَا پَٽ  سميت گهڻو ڪجھ ٿيڻو آهي جنهن سبب ماضيءَ جا بدمست  چونڊيل نمائنده هاڻي  بيوسي ۽ لاچاري جي تصوير بڻجي ويا آهن.

No comments:

Post a Comment