Thursday 16 November 2017

ٺٽو: بادشاهن جو قبرستان


ٺٽو پاڪستان جو مشهور قديمي ۽ تاريخي شهر آهي. سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهرن ۾ جيڪا اهميت ٺٽي کي حاصل آهي اها ڪنهن ٻي شهر کي حاصل ناهي. اڄ ٺٽو اسان جي ملڪ جي چئني صوبن سان روڊ وسيلي ڳنڍيل
آهي ۽ سنڌودرياءُ جي اولهندي ڪناري تي ڪراچي کان 100 ڪلوميٽر ۽ جنگ شاهي ريلوي اسٽيشن کان 35 ڪلوميٽر پري واقع آهي. ٺٽي شهر جي آبادي 10 لک جي قريب آهي، هي شهر ٻن حصن تي مشتمل آهي هڪ پراڻو ٺٽو ٻيو نئون ٺٽو مڪلي آهي. پراڻي ٺٽي جون گهٽيون، بازار ۽ رستا سوڙها آهن ۽ نئون ٺٽو جيڪو مڪلي جي ٽڪرين تي آباد آهي. هندستان جي ورهاڱي کان پهرين ٺٽو ضلعو ڪراچي جو حصو هيو،ان کان پوءِ 1948ع ۾ ضلعي جو درجو مليس. تحفت الطاهرين، سنڌ جي تاريخ ۽ ٻين ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ٺٽي شهر جو بنياد 883هه بمطابق 1585ع ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي هڪ پهاڙي جي دامن ۾ رکيو هو. تاريخ ۾ ٺٽي کي جن مختلف نالن سان ياد ڪيو آهي، اهي آهن هتم، حتم نگر نهٽ، ٺهٽ، ٽهٽهه، تته تثو، ٺهٽو. ٺٽي مان اهڙا نشان ملن ٿا جيڪي موئن جي دڙي جا هم عصر آهن. ٺٽي ۾ تاريخي هنڌ بيشمار آهن انهن ۾ گهڻيون مسجدون آهن، جيڪي گهڻو ڪري ترخان ۽ بابري مغلن جي دور جون ٺهيل آهن، هتي اوليائن ڪرامن جا مقبرا ۽ ڪيتريون ئي تاريخي مسجدون به آهن. ٺٽو تاريخي لحاظ سان قديم شهر ملتان جو هم عصر آهي ڇو ته هتي ڪيترين ئي قومن جي شهنشاهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ خوبصورت عمارتون ۽ مسجد ٺهرايون. مسلمان بادشاهن کان علاوه لاشاري، بلوچ، کوسه، رند، بروهي، جا کرا، ٽابرا، جوکيا، تاجر قبيلا ايران ۽ بلوچستان مان لڏي آيا ۽ هتي آباد ٿيا. ٻاهران آيل عباسي خاندان جي حڪمرانن جو ذڪر اهم آهي جيڪي بعد ۾ هتي ئي مدفعون ٿيا، کين سنڌ ۾ ڪلهوڙا لقب مليو.
مڪلي جي قبرستان ۾ تقريبن 33 بادشاهه، 17 گورنر، سوا لک اولياءَ ۽ لاتعداد دانشور، اديب، شاعر ۽ عام ماڻهو دفن ٿيل آهن. هي قبرستان ٺٽي شهر کان 2 ميل پري ڪوهه مڪلي ۾ ضلع ڪچهري ٺٽي جي ويجهو ڪراچي روڊ تي واقع آهي. هتان هڪ رستو ريلوي اسٽيشن جُنگ شاهي به وڃي ٿو. هي سنڌ جو سڀ کان قديم ۽ وسيع قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ 1334ع کان وٺي 1740ع تائين تدفين جو سلسلو جاري رهيو. مڪلي رڳو قبرستان ئي نه آهي پر هي ماضي جي تخت ۽ تاريخ جو ورق آهي. مڪلي جي قبرستان ۾ قبرن ۽ ٻين منزلن لاءِ استعمال ٿيل پٿر جُنگ شاهي جو آهي. قبرستان ۾ 14 هين کان 16 هين صدي جي دور جا جيڪي مقبرا آهن انهن ۾ ڄام نظام الدين مبارڪ خان ۽ ملڪ راج پال جا مقبرا شامل آهن، اهي سڀ حڪمران سما دؤر سان تعلق رکن ٿا، جن 185 سال ٺٽي ۽ ڀر وارن علائقن تي حڪومت ڪئي. ٻيو دؤر ترخانن ۽ ارغونن جو هو جيڪو 16هين صديءَ تائين هو. ان دور جا عيسيٰ خان ترخان. باقي بيگ ترجان، سلطان ابراهيم، مير سليمان مڪلي ۾ دفن آهن، جڏهن ته ٽيون دؤر مغلن جو هو جيڪو 16 هين کان 18 هين صديءَ تائين رهيو، ان دور ۾ جاني بيگ ترخان، باقي بيگ، ازيڪ تفرل بيگ ۽ عيسيٰ خان ترخان هتي دفن ٿيل آهن. هتي ڪيترن ئي بزرگن جون به مزارون آهن انهن مان سڀ کان اهم عبدالله شاهه اصحابي جي مزار آهي. اهڙي طرح قبرستان سان چار سئو سال پراڻي تهذيب وابسته آهي. 
هتي اوليائن جي مقبرن کان علاوه ڪيتريون ئي تاريخي مسجدون به آهن جن جا نالا هي آهن. مسجد شاهجهان: هيءَ مسجد ٺٽي جي سڀ کان مشهور ۽ وڏي جامع مسجد آهي هن مسجد جي تعمير تي 9 لک روپيا خرچ آيو هو. هن مسجد کي امير ابوالتجا امير خان مغل بادشاهه شهاب الدين (شاهجهان) جي حڪم تي تعمير ڪرايو هو. هن مسجد جي تعمير1644ع ۾ شروع ٿي ۽ 1647ع ۾ مڪمل ٿي. مسجد جي طرز تعمير سان مغلن جي تعميراتي ڪم جي اهميت جو پتو پوي ٿو. هن مسجد ۽ لاهور ۾ مغل دور جي اڏاوتن ۾ ڪافي هڪ جهڙائي آهي.لاهور جي شالامار باغ جيان هن مسجد جي باغ ۾ ڦوهارا لڳل آهن. مسجد جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جي مٿان گنبذن جو تعداد هڪ سؤ آهي. ٺٽو هڪ قديم تاريخي شهر آهي ۽ ڪيترائي غير ملڪي ۽ ملڪي سياح هن کي ڏسڻ اچن ٿا. هو شاهي مسجد جي فن تعمير مان جيترا متاثر ٿيندا آهن اهو ناقابل بيان آهي.
مسجد مظفر خان؛ مرزا غازي بيگ ترخان جي وفات بعد 1612ع ۾ مظفر خان کي ٺٽي جي جمعداري ڏني وئي ان نهايت خوبصورت ۽ دلڪش رنگن سان آراسته مسجد تعمير ڪرائي، جنهن کي سندس نالي پويان مسجد مظفر خان سڏيو وڃي ٿو. جامع فرخ؛ مرزا فرخ ارغون ترخان جو شمار مرزا شاهه حسين ارخون ترخان جي مشهور اميرن ۾ ٿئي ٿو. ان هي مسجدتعمير ڪرائي هئي.َ هي عاليشان مسجد عهد شاهجهاني ۾ ٻيهر تعمير ڪرائي وئي. مسجد خضر حيات: هيءَ مسجد ٺٽي جي وچ شهر ۽ بازار ۾ موجود آهي. هيءَ مسجد مير رزاق مصموري مغل شهنشاهه نورالدين جهانگير جي دؤر کان موجود آهي ۽ ان ئي ٺهرائي. مسجد امير خان: هن مسجد جو باني نواب امير بيگ ارغون ترستان خاندان مان هو. مرزا جاتي بيگ ترخان جي لشڪر ۾ امير بيگ کي خاص مقام حاصل هيو. ٺٽي جي بازار امير بيگ ان سان ئي منسوب آهي. اها مسجد ان تعمير ڪرائي. مسجد امير خسرو: ٺٽي جي ناظم امير خسرو 1588ع ۾ ٺٽي شهر کان ٻاهر اها مسجد تعمير ڪرائي، اڄ ان مسجد جو نانءُ نشان ناهي رهيو. 
ڪينجهر ڍنڍ ۽ هاليجي ڍنڍ: ٺٽي کان تقريبن 30 ڪلوميٽر پري پاڪستان جي خوبصورت ڪينجهر ڍنڍ موجود آهي. هيءَ ڍنڍ حيدرآباد روڊ تي واقع آهي. هيءَ قدرتي ڍنڍ ڪينجهر ۽ مضوعي ڍنڍ هاليجي ڪيترن ئي ميلن تي پکڙيل آهن. ڪينجهر ڍنڍ سان ٺٽي ۾ نور ڄام تماچي رومانوي داستان به منسوب آهي. سنڌ جو حڪمران ڄام تماچي ماهيگير قبيلي جي عورت نوريءَ تي موهجي پيو هو.نوري جي قبر اڄ ڪينجهر ڍنڍ اندر مٽيءَ جي دڙي تي موجود آهي.
مرزا عيسيٰ خان ترخان شاني مغليه دؤر ۾ ٺٽي جو گورنر هو. مڪلي ۾ واقع سندس مقبرو مغل دؤر جي سڀ کان وڏي ۽ عظيم الشان عمارت آهي. مقبرو تمام اوچو ۽ وڏو آهي، ان تي ڪنهن قلعي جو مک دروازو هجڻ جو گمان ٿئي ٿو. ان جي تعمير ۾ اٺ اٺ فٽ کان ڊگهن پٿرن تي خوبصورت (قرآني آيتون) ۽ خوبصورت گلڪاري ٿيل آهي جو ان کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويندا آهن. اها ٻه ماڙ عمارت آهي جنهن ۾ مٿين منزل عورتن لاءِ مخصوص هئي، مرزا عيسيٰ خان ترخان ۽ ان جو پوٽو مرزا عيسيٰ خان ترخان ثاني سنڌ جا گورنر ٿيا مرزا عيسيٰ خان ثاني کي 1627ع ۾سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. شاهجهان دؤر حڪومت ۾ هو ڪرنال جو قلعيدار هو. عيسيٰ خان ترخان ثاني جي وفات 1664ع ۾ ٿي، عيسيٰ خان ثاني جو والد مرزا جان بابا جو مقبرو به ڏسڻ وٽان آهي. مرزا جاني بيگ ترخان خاندان جو آخري فرد هيو. مرزا جاني بيگ ۽ ان جي پٽ مرزا غازي بيگ کي سندن وصيت مطابق مڪلي ٺٽي ۾ دفنايو ويو.

No comments:

Post a Comment