Thursday 16 November 2017

قلندر لعل شهباز

امام جعفر صادق عه جي فرزند جناب اسماعيل جي پُٺ مان ٻارهين پيڙهيءَ تي هڪ برڪت ڀريو ٻار ڄائو، جيڪو اڳتي هلي قلندر لعل شهباز جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس اصل نالو سيد عثمان هو. قلندر شهباز جو آخري آرام گاهه يا درگاهه شريف سيوهڻ جي شهر ضلعي دادو ۾ آهي ۽ سنڌ جو پهريون نمبر زيارتگاهه ليکيو وڃي ٿو.

قلندر شهباز جو شجره هن طرح سان آهي:

شجره

سيد عثمان پٽ سيد ابراهيم ڪبير الدين پٽ سيد شمس الدين پٽ سيد نور شاهه پٽ سيد محمود شاهه پٽ سيد احمد شاهه پٽ سيد هادي پٽ سيد مهدي پٽ سيد منتخب پٽ سيد غالب پٽ سيد منصور پٽ سيد اسماعيل پٽ امام جعفر صادق عه

پيدائش ۽ تعليم

قلندر شهباز آذربائيجان (آرمينيا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ مرند (مروند) ۾ سنه 538 هجريءَ مطابق 1143ع ۾ ڄائو. مروند شهر جنهن کي مرند يا ميمند به ڪوٺيندا هئا.

پاڻ پهرين پهرين قرآن شريف ياد ڪيائين. تنهن کان پوءِ ٻين علمن ۾ ڪماليت حاصل ڪري، باطني علم پرائڻ لاءِ بابا ابراهيم ولي ڪربلائيءَ جو مريد بڻيو ۽ انهيءَ کان ئي تصوف ۾ خلافت جو خرقو ڍڪيائين. سندس طريقت جو طريقو هن ريت آهي:

طريقت

مخدوم عثمان لعل شهباز قلندر مريد شيخ جمال مجرد مريد سيد ابراهيم مجرد مريد شيخ عاقل شهيد مريد شيخ مسڪين شهيد مريد سيد مرتضى سبحاني مريد امام جعفر صادق عه. مجرد لفظ جي معنى آهي ڇڙو. جنهن پنهنجي سموري عمر بنا شادي ڪرڻ جي گذاري ڇڏي هجي.

هڪ ٻئي هنڌ شهنشاهه دارا شڪوهه شهيد جو طريقتي طريقو بيان ڪندي، قلندر لعل شهباز جي طريقي کي بادشاهه پير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ سان هن ريت ملايو ويو آهي:

دارا شڪوهه مريد ملا شاهه بدخشي مريد ميان مير سنڌي مريد شاهه خضر سيوستاني، مريد شاهه اسڪندر مريد شير الاوليا خواجه جاتي مريد شيخ علي قادري مريد شاهه عثمان قلندر لعل شهباز مريد شاهه جمال مجرد مريد شيخ ابواسحاق ابراهيم مريد شيخ مرتضى سبحاني مريد حضرت احمد پٽ مبارڪ مريد شيخ عبدالقادر جيلاني مريد ابو سعيد بن علي مبارڪ مريد شيخ ابوالحسن علي بن محمد يوسف قريشي مريد ابو الفرح طرطوسي مريد ابو الفضل عبدالواحد يمني مريد ابوبڪر شبلي مريد حضرت جنيد بغدادي مريد خواجه ابوالحسن سري سقطي مريد خواجه معروف ڪرخي مريد امام علي رضا عه مريد امام جعفر صادق عه.

سنڌ ۾ آمد

قلندر شهباز پهرين پهرين سنڌ جو رخ ڪندي سنه 644 هجري مطابق 1246ع سيوهڻ ۾ پهتو، جيئن هيٺين تاريخ ۾ ڄاڻايو ويو آهي:

نمود آفتاب دين

644

سيوهڻ کان پوءِ هو هندستان ڏانهن ويو، جتي پاڻي پٽ ۾ شاهه شمس بو علي قلندر سان مليو ۽ ڪجهه وقت اتي رهيو. بو علي قلندر کيس ٻڌايو ته هندستان ۾ جيئن ته اڳ ۾ گهڻا قلندر آهن؛ تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو، جو هو وڃي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري. اهڙي اشاري ملڻ تي قلندر شهباز وري سنڌ جو رخ ڪيو ۽ سنه 662 هجريءَ ۾ اچي ملتان ۾ پهتو.

انهيءَ زماني ۾ دهليءَ جي بادشاهه سلطان غياث الدين بلبلن جو پٽ شهزادو محمد شهيد، سنڌ جو حاڪم هوندو هو. شهزادو شهيد نهايت ئي هڪ زاهد ۽ عابد نوجوان هو. سندس علم پروري ۽ درويش نوازيءَ جي مشهوري پوري ايشيا ۾ پکڙجي چڪي هئي. جنهن ڪري ڏورانهن ملڪن جا عالم، شاعر ۽ عارف، شهزادي شهيد جي عارفاڻي ۽ عالماڻي صحبتن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پري پري کان ڪهي ايندا هئا. انهيءَ وقت سنڌ جي، سرحدن جو اندازو هن مان لڳائي ٿو سگهجي، جو هن صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هوندو هو ۽ هي شهزادو ملتان ۾ رهي ڪري سنڌ جي حڪومت هلائيندو هو. شهزادو شهيد عالمن، صالحن، شاعرن ۽ سگهڙن جو وڏو قدر ڪندو هو. شيخ منصور بهاؤالدين زڪريا ۽ شيخ فريدالدين گنج شڪر جهڙن شخصن جو پاڻ معتقد هوندو هو. امير خسرو ۽ امير حسن دهلويءَ جهڙا ماڻهو سندس درٻاري هوندا هئا.

چوڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اُچ واري مخدوم جلال جهان گشت پاڪ پتڻ جي شيخ فريد گنج شڪر، شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ ۽ قلندر شهباز جون پاڻ ۾ ڏاڍيون چؤياريون ٿينديون هيون ۽ گهڻو ڪري اهي چار يار گڏ گهمندا ڦرندا هئا. قلندر شهباز جو هي مشهور شعر جنهن جي باري ۾ ڪئين ڳالهيون ڪيون ويون آهن. سو خواجه منصور بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي لاءِ چيل آهي ته:

منم عثمان مروندي که ياري خواجه منصورم

ملامت ميکند خلقه که من بردار ميرقصم.

معنى:....

مان عثمان مروندي منهنجو يار خواجه منصور آهي ماڻهو منهنجي لاءِ چون ٿا ته مان ڦاسي تي ناچ ڪيان ٿو!

شهزادي شهيد وٽ هڪ ڀيري ڪا سماع جي محفل هئي، جنهن ۾ قلندر شبهاز ۽ شيخ بهاؤالدين ذڪريا جو پٽ شيخ صدر الدين وجد ۾ اچي رقص ڪندا رهيا. انهيءَ رقص ۽ سماع جي دؤران شهزادي شهيد به هڪ عجيب حال طاري ٿي ويو، جو پاڻ سمورو وقت سندن اڳيان ادب سان هٿ ٻڌيو بيٺو هو ۽ زارو زار روئندو رهيو.

شهزادي شهيد، قلندر شهباز کي ملتان ۾ رهڻ لاءِ چيو ۽ سندس لاءِ هڪ خانقاهه ٺهرائڻ جو به وعدو ڪيائين. پر پاڻ اڳتي وڌي اچي سيوهڻ ۾ وارد ٿيو.

وفات

قلندر شهباز هتي سيوهڻ ۾ ئي 21 شعبان 673 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جو سال هن فارسيءَ جملي مان نڪري ٿو:

عثمان به دروازه

No comments:

Post a Comment