Tuesday 31 October 2017

قلندر لعل سيوهاڻي - ولي محمد طاھرزادو

قلندر لعل سيوهاڻي
”اچي حاضر حسيني ٿيءُ، قلندر لعل سيوهاڻي!“

ولي محمد طاھرزادو
سنڌ جي قديمي شهرن مان سيوهڻ هڪ اهڙو آڳاٽو شهر آهي، جنهن تي ماضيءَ جي لڙاٽيل پردن پوڻ سببان، اڄ تائين ڪا به اهڙي تسلي بخش ثابتي نٿي ملي، ته هن جو بنياد ڪڏهن پيو ۽ هن پنهنجي اوج ۽ اقبال جي دور ۾ زماني جا ڪهڙا لاها چاڙها ڏٺا، ۽ پنهنجن ۽ پراون جي هٿان سيني تي ڪهڙا زخم سَٺا؟ سنڌ جي تاريخ جي پردن تي سيوهڻ جي قدامت جي ثابتي، بهرحال سڪندر يونانيءَ جي حملي کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو عيسوي سن کان 336 سال اڳ سڄي دنيا فتح ڪرڻ جي خيال سان بي انداز لشڪر وٺي، ايران، شام، فلسطين ۽ مصر کي لتاڙي، سنڌ ۾ پهتو. هو سنڌ ۾ ڪجهه عرصو، هن شهر جي دلفريب فضا کان متاثر ٿي، هتي رهي پيو ۽ پنهنجو هڪ يادگار قائم ڪرڻ جي خيال کان اڳوڻي قلعي جي مرمت ڪرائي، موٽي وطن ڏانهن اُسهيو.

سڪندر جي حملي کان پوءِ سيوهڻ ڪيرن انقلابن سان روشناس ٿيو. زماني جي ڏنگيءَ چال هن کي ڪڏهن به دائمي طور پنهنجن جي هٿن ۾ رهڻ ڪين ڏنو. هڪ حملي آور جي چنبي مان لُڇي ڦٿڪي، اڃا هن پنهنجي جان مس ٿي آزاد ڪرائي، ته ائين ئي ڏسندي ڏسندي ڪنهن ٻئي جو ٿي ٿي ويو. ائين هلندي هلندي آخر هن جي اوج ۽ اقبال جا ترانا جيڪي ڏيهان ڏور ٻڌبا هئا، سي آهستي آهستي ختم ٿيندا ويا ۽ هي سڄو شهر برباديءَ واري گوشئه گمناميءَ ۾ رهجي ويو. بهرحال هن شهر زماني جي هيٺانهين ۽ مٿانهين ان گذرندي، ڇهين صدي هجريءَ ۾ هڪ بزرگ ۽ اهل الله، سيد عثمان بن ڪبير الدين مروندي، جنهن جي نسب جو سلسلو تيرهين پيڙهيءَ ۾ امام جعفر صادق رحه سان ملي ٿو، سنڌ جي هن شهر ۾ آيو ۽ سيوهڻ کي پنهنجي ابدي آرام گاهه بنائڻ جو ارادو ڪيائين. سيد عثمان مروندي اڳتي هلي قلندر شهبا جي لقب سان مشهور ٿيو. هن هجري 583 ڌاري آذربائجان علئاقي ۾ تبريز کان چاليهه ميل اُلهندي طرف مروند نالي هڪ ڳوٺڙيءَ ۾ جنم ورتو. پر ڪڏهن تذڪري نگارن جي راءِ آهي ته مروند افغانستان ۾ هڪ ڳوٺڙو آهي، جڏهن ته هن سان قلندر شهباز جي پيدائش جو ڪوبه تعلق نه آهي. ڇاڪاڻ ته هن جو جنم آذربائجان ۾ ٿيو، جتي مروند نالي هڪ ڳوٺڙو اڄ به موجود آهي. اهڙيءَ ريت مروند جي بجاءِ مرند ئي صحيح سمجهڻ گهرجي. اهڙو ساڳيو اختلاف پيدائش جي تاريخ بابت پڻ آهي.
قلندر شهباز ننڍيءَ عمر ۾ اعليٰ ذهانت جو مالڪ هو. ستن سالن جي عمر ۾ سارو قرآن شريف حِفظُ ڪرڻ انهيءَ ڳالهه جو عين ثبوت آهي. حافظ ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي کيس ان دور جي مشهور عالمن ۽ بزرگن وٽان وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو. اهڙيءَ ريت هو پنهنجي اباڻي وطن کي الوداع چئي، مشهد ۽ عراق ۾ امام رضا ۽ ٻين بزرگن جون زيارتون ڪري، مديني پاڪ ۽ ڪربلا معليٰ کان ٿيندو مڪران پهتو. مڪران جي عالمن ۽ صوفي بزرگن، هن کي علمي چاهه ۽ فيض جي حاصلات لاءِ آماده ڏسي، پنهنجي خاص مريديءَ جي حلقي ۾ آندو ۽ پوءِ ڪافي عرصي گذرڻ بعد قلندر شهباز کي تبليغ ڪرڻ جي خيال سان هندستان ڏانهن روانو ڪيو. ان وقت هندستان ۾ سلطان غياث الدين بلبن جي حڪومت هئي ۽ سندس طرفان شهزادو محمد ملتان ۾ گورنر هو. هندستان پهچڻ کان پوءِ قلندر شهباز ملتان ۾ بهاءُ الدين زڪريا جي خانقاهه ۾ اچي رهيو. شهزادو  محمد، بهاءُ الدين زڪريا جو معتقد هو، انهيءَ وسيلي سان شهزادي محمد جي قلندر شهباز سان شناسائي ٿي. شهزادي محمد جو قلندر شهباز سان تعلق، جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. چون ٿا ته قلندر شهباز ملتان ۾ گهڻو عرصو شهزادي محمد ۽ ملتان جي بزرگن سان رهاڻيون ڪيون. شهزادي محمد جي خواهش ٿي ته قلندر شهباز دائمي طور ملتان ۾ رهائش اختيار ڪري، ۽ هن انهيءَ خيال سان کيس هڪ جدا خانقاهه جوڙائي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. پر اڳتي هلي قلندر شهباز اهڙو ارادو ترڪ ڪري آخري عمر ۾ ملتان کي الوداع چئي، سيوهڻ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي.

تذڪري نگارن جي راءِ آهي، ته سيوهڻ ۾ قلندر شهباز پنهنجي زندگيءَ جو رڳو آخري هڪ سال گذاريو. انهيءَ حساب سان پاڻ هجري650 يعني هڪ سو ٻارهن ورهين جي عمر ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي هوندائين. قلندر شهباز جي ميلي کي وڏي اهميت حاصل آهي. سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي ميلا ۽ ملاکڙا ٿيندا رهن ٿا، پر هن ميلي جو نمونو ئي ٻيو آهي. هر سال شعبان مهيني جي تاريخ 18 کان 20 تائين هزارين ماڻهو سنڌ، بلوچستان، مڪران، افغانستان ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تان ڪشالا ڪري هتي اچي گڏن ٿين ٿا. ٽئي ڏينهن صبح کان وٺي شام تائين نغارن جي ڌم ڌمان لڳي پئي هوندي آهي. درگاهه تي صبح ۽ شام سارو ڏينهن ڌمالون پيون وڄنديون آهن. هر فن ۽ رنگ جا ماڻهو هن موقعي کي ڏسڻ ايندا آهن. سنڌ جي ٻين ميلن ۾ واپار کي وڏي اهميت حاصل آهي، پر هتي ايئن نه آهي. ٽئي ڏينهن صبح کان شام تائين راڳ ۽ ساز جو چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي. شام جو ملاکڙو لڳندو آهي، جو خاص ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

No comments:

Post a Comment