تانيا خاصخيلي جي خاندان سان انصاف ڪيو وڃي ،،،
نفيس الزمان لوهاراڻي
سنڌ ڌرتي ماضي ۾ پيار امن سلامتي ميٺ محبت جي نالن سان دنيا ۾ سڃاتي ويندي هئي ،
جتي اڳ سنڌي سامن تي سر ڏيندا هيا ، نياڻي کي ست قرآن سمجهندا هيا ، مسلمان هندو پيار محبت ۽ ايڪي ٻڌي سان رهندا هيا ، ان سماج کي ڪجهه وحشي درندن پنهنجي مخصوص مفادن خاطر پاڪ نگري کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي ، سنڌ جي پاڪ ڌرتي تي بي گناهه معصوم نياڻين جو خون پاڻي جيان وهي رهيو آهي ، خاندان اجاڙڻ ، معصوم نياڻين کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ لڄالٽ جو نشانو بنائڻ ، پاڪ دامن عورتن سان زوري ڏاڍ ۽ هٿيارن جي زور تي شاديون ڪرڻ ، اها ڪا سنڌ لاء نئي ڳالهه نه آهي ، ۽ نه ئي وري انهن آدم خورن جي لاء جيڪي بنا ڪنهن ڏپ يا تڪليف جي هيڏا سارا حاڃيان ڪندا آهن ، اهو سلسلو گهڻي وقت کان هلندو اچي ٿو ، اهڙن واقعين ۾ سدائين غريب خاندان اجل جو شڪار ٿيندا آهن ، تازو ئي ڀان سيد آباد ويجهو جانگارا ۾ معصوم سنڌ جي نياڻي تانيا خاصخيلي کي سندس ئي خاندان امڙ ابي ۽ ڀيڻ جي سامهون وحشي درندن پيسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ، ڪيڏو نه غم ۽ ڏک وارو اهو لحمو هوندو جنهن وقت امڙ پنهنجي ڌيء کي مهنڌي بدران هٿ رت سان رنگيل ڏٺا هوندا ، سندن گهر جي هرهڪ فرد لاء ان وقت قيامت صغره جا منظر هوندا جن پنهنجي مومل کي لکائي پڙائي وڏي آفيسرياڻي بنائڻ ٿي چاهيو ، پنهنجي بي گناهه معصوم نياڻي جي وڇوڙي کان پوء اجڙي ويل هي خاندان انصاف جو منتظر آهي ، جيتوڻيڪ سيوهڻ سنڌ جي وڏي وزير سائين مراد علي شاهه صاحب جو اباڻو ڳوٺ هجڻ باوجود به هن وقت تائين سيوهڻ سان لڳندڙ جانگارا واقعي جو نه سائين نوٽس ورتو آهي ۽ نه ئي اجل جو شڪار ٿيل خاندان کي ڪا خاطري ڪرائي آهي ، تانيا جي ناحق قتل تي نه صرف سندس خاندان کي صدمو رسيو آهي پر سنڌ جو هرهڪ حلالي پٽ سندس صدمي ۾ ٻڏل آهي ، آئي جي سنڌ اي ڊي خواجه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ٿي ڪجي ته مظلومن سان انصاف ڪيو وڃي بي گناهه نياڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ، متا سڀاڻي ٻئي ڪنهن غريب ۽ مسڪين جو گهر نه اجڙي ، متا ٻئي ڪنهن سنڌ جي نياڻي کي ظالم نشانو بنائين ،
مهرباني
ReplyDelete