Monday, 30 October 2017
نفيس الزمان لوهاراڻي
سنڌ ۾م نياڻين سان ٿيندڙ ظلم جي ڪٿا ،،،،
نفيس الزمان لوهاراڻي / ٿاڻوبولاخان
ٽي وي چينلز هجن يا اخبارن جا پيج يا سوشل ميڊيا جن جي ذريعي تقريباً هر ڏينهن اهي ئي خبرون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اينديون آهن ته ، اڄ جانگارا ۾ بااثر وڏيري هٿان تانيا قتل يا سيتا ۾ جعلي عامل جي آستاني وٽان عورت جو لڄالٽ بعد قتل جو واقعو ،
ان کانسواء اهڙا ڪيترائي واقعا ميڊيا جي ٿرو اوهان جي نظرن مان گذريا هوندا جن مان اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته جتي دنيا ۾ مردن سان گڏ عورتون به ملڪ يا قوم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون ته اُتي پاڪستان نه پر خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ جيڪا عورت سان تذليل ڪئي پئي وڃي شايد ان جو مثال ڪنهن ترقي عافيت ملڪ ۾ جانورن سان به اهڙو بدسلوڪ نٿو ڪيو وڃي ،عورت جيڪا اسانجي سامهون ڪائنات جي مختلف روپن ۾ موجود آهي ، جيڪا جيجل ماء جي روپ ۾ جنت جو دروازو ٿئي ٿي ته نياڻيء جي روپ ۾ اکين جو ٺار به ٿئي ٿي ، ڀيڻ ٿي ڀائرن جا ڏک سور به ونڊي ٿي ته گهرواري بڻجي تاحيات ساٿ به ڏئي ٿي ، جيڪڏهن عورت جي اهميت کي پرکيو وڃي ته سواء آدم عليه سلام کان ، سمورن نبين ، وليئن ، دانشورن ، سائنسدانن سميت هر بشر کي عورت پنهنجي ڪُک مان جنم ڏنو آهي ، اهو لکڻ غلط نه ٿيندو ته عورت کان بغير ڪائنات جا ڪروڙين رنگ اونداهيء جا ڏيک ڏين ھا ، اسانجي معاشري ۾ اها چوڻي عام آهي ته هر ڪامياب مرد پٺيان هڪ عورت جو هٿ هوندو آهي، ڪائنات جي مالڪ مرد ۽ عورت جي جوڙي جوڙي اشرف المخلوقات جو مرتبو عطا فرمايو ، مذهبي توڙي معاشرتي طور تي عورتن ۽ مردن جا حق برابر آهن ، اها تمام افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هن جديد دور ۾ به عورت کي اهو مقام نه ملي سگهيو آهي ، جيڪو هن جو پيدائشي حق آهي ، سنڌ ۾ زميني تڪرار هجي يا جوا جي اڏي تي هاريل رقم عيوض اجل جو شڪار هميشه عورت ذات ئي ٿئي ٿي ، توڙي جو ملڪ ۾ قانون به آهي ته قانون جي حفاظت ڪندڙ ادارا به موجود آهن اعليٰ عدالتون ۽ انهن جا فيصلا به آهن عورتن جي حقن ۽ انهن لاء آواز اٿاريندڙ تنظيمون به آهن آخر ڪهڙي وجهہ آهي جو خاص طور سنڌ ۾ عورتن تي تشدد ۽ سندن ناحق خون تسليم ٿيل روايت بنجي چڪو آهي ، سماجي ثقافتي ، قانوني ۽ اخلاقي حساب سان ڀاءُ ڀيڻ جو محافظ هوندو آهي جيڪڏهن اهوئي ڀاءُ پنهنجي سڳي ڀيڻ کي بي دردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏي ته ان جي پويان ڪهڙا سبب آهن ڪارو ڪاري وارو ڪڌو نظام جيڪو هاڻي سنڌ جي بي گناهه نياڻين لاء هڪ ناسور بنجي چڪو آهي جنهن ۾ روزمره جي بنيادن تي ڪيتريون ئي بي گناه عورتون بي دردي سان قتل ڪيون پيون وڃن نياڻن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن ۽ اهي ظلم هيٺ زندگي گاري رهيون آهن اهڙا معملا ميڊيا تي گهٽ اچن ٿا باقي گهڻيون نياڻيون ظلم تشدد جبر ۽ بربريت ڏاڍ کي پنهنجو نصيب سمجهي زندگي گذاري رهيون آهن انهن جو دانهون ڪوڪون طرف انهن جي دروازي تائين محدود آهن جنهن جو وڏو سبب ڀوتارڪو ڪلچر آهي جيڪي ظالم کي ظلم ڪرڻ باوجود به جرگن ۾ خون عيوض چند لک
وٺيو معاف ڪرڻ آهي ، عورتن جي حقن لاء پاڪستان سميت پوري دنيا اهڙيون تنظيون به موجود آهن پر جيتري قدر ڏٺو ويو آهي اهي صرف سيمينارن ، ڪاغذن پروجيڪٽن ، ۽ خاص ڪري عورتن جي عالمي ڏهاڙن تي نظر اينديون آهن انهن تنظيمن کي عورتن جي حقن تي ڳالهائڻ جي فنڊنگ به ٿيندي رهي ٿي ، پر ان مان توهان آساني سان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هنن جو مقصد صرف مال ميڙڻ آهي ، حقيقت ۾ هي سماج ڪمزور طبقن لاء جهنم کان گهٽ ناهي پوء ڪير غريب هاري هجي يا مزدو سڀ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ناانصافين توڻي رسمن جي جبر جو شڪار آهن انهن مان سڀ کان وڌيڪ متاثر عورت رهي آهي مزدو هجي يا هاري زميندار وٽ ڪيڏو به ظلم جو شڪار ڇو نه هجي پر جڏهن هو گهر پهچي ٿوته پاڻ زميندار بنجو وڃي، هن سماج ۾ جنهن نظر سان عورت کي ڏٺو وڃي ٿو ان طريقي سان دين اسلام اهڙين ڪڌن رسمن جي هرگز اجازت نٿو ڏئي ، اسلام ۾ جيڪو عورت کي مقام مليل آهي اهو دنيا جي ٻئي ڪهڙي به مذهب ۾ نه آهي ، اسان جي پياري حضور پاڪ کي سڀني رشتيدارن منجهان سڀ کان وڌيڪ پنهجي ڌيء خاتون جنت بي بي فاطمه زهره ۽ ان جي اولاد پياري هئي ، جڏھن خاتون جنت نبين جي سردار سان ملڻ لاء ايندي هئي ته پاڻ سڳورا سندس جي عزت ۾ اٿي بيهندا هئا ۽ سندس جي پيشانيءَ مبارڪ کي پيار منجهان چميون ڏيندو هو، حضور اڪرم صلي اللّه عليه وسلم جي اهڙي مبارڪ عمل مان کليل ريت اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسلام ۾ عورتن کي هڪ مان ۽ مرتبو ڏنو ويو آهي ، ان باوجود جيڪو هن صدي ۾ عورتن سان لڪاءُ ڪيو پيو وڃي اهو قابل مذمت آهي
جيڪڏهن اسين اهو سمجهون ٿا ته اسين ڪنهن عورت جا پوٽا، پُٽ، ڀائر، مڙس ۽ پيءُ آهيون ۽ اسان جو انهيءَ عورت سان ڪو رشتو آهي ته پوءِ مان سمجهان ٿو ته اسان کي هر عورت سان عزت، احترام ۽ پيار سان پيش اچڻ گهرجي هميشه ملڪ اندر ان جي ابتڙ نظر ايندو آهي.
اسين انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويهي رهندا آهيون. ۽ عورتن سان وحشياڻو طريقو اختيار ڪري انهن تي پنهنجو روب ڄمائي ڏينهن رات تشدد ڪندا رهندا آهيون ، ۽ هاڻي ته اسان وٽ هڪ رواج بنجي چڪو آهي ڪنهن به واقعي بعد فيسبوڪ تي وڏيون وڏيون پوسٽون شاعريون مضمون يا جيڪڏهن واقيعو هاء پروفائل بنجي وڃي ته پوء اخبارن ۾ ڪالم لکي پنهنجو فرض پورو سمجهي آرام سان ويهي رهندا آهيون هاڻي اسان کي عورتن جي حقن لاء عملي جاکوڙ ڪرڻي پوندي جنهن جي شروعات اسان کي پنهنجي گهرکان ڪرڻي آهي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment