Monday, 30 October 2017

نفيس الزمان لوهاراڻي


اڄ جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ منهنجو خط
9_26__2017 Tue
ڪوهستان مان امن جو پکي اڏامي ويو

نفيس الزمان لوهاراڻي

ٿاڻي بولاخان ۾ ٿيندڙ چوريون ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،

جتي پورو ملڪ بدامني جي ورهہ چڙيل هجي انساني جانيون غير محفوظ ۽ چوري ڦر جا واقعا چوٽ تي چڙهيل هجن ، ان باوجود ٿاڻي بولاخان جا تاريخي ڪوهستاني علائقا سدائين اهڙن ناپاڪ واقعين کان پاڪ رهيا آهن، ڪوهستان جي سرزمين جيڪا سرسبز شاداب وڻن ۽ وڏن جبلن جي قطار سان سينگاريل بزرگن اوليائن ۽ درويشن جي ڌرتي طور سڃاتي وڃي ٿي ، ڪوهستان  امن امان جي حوالي سان پنهنجو مثال پاڻ هو ، پر هن وقت ڪوهستان مان امن جو پکي اُڏامي چُڪو آهي ، ڪوهستان سنڌ جي اها پاڪ ڌرتي آهي جتي هلڪي ڦلڪي چوري کي به هڪ وڏو ڏوهہ سمجهو ويندو آهي ، ڪوهستان ۾ ٻاهر آيل ڪو ماڻهو جڏهن  ڪنهن کان اغوا ڦر لٽ يا چوري چڪاري جهڙن واقعن بابت  پڇندو هو ته مقامي ماڻهو ٽهڪ ڏئي  وڏي فخر سان چوندا ته اسان وٽ اهڙن ماڻهن لاء جاء  ئي ناهي ، ڪوهستاني ماڻهو اهڙو ڪڌو ڪم ڪري ئي نٿو سگهي ،  پر هن وقت ڪوهستان ۾ چوري هڪ روز جو معمول بنجي چڪي آهي ، گذريل رات ڪوهستان جي تاريخي قبرستان درگاهه ڄام لوهار جي نگري ڳوٺ تونگ ۾ چار دڪانن مان نامعلوم چور لکين روپيا روڪ رقم ۽ سامان کڻي باآساني فرار ٿي ويا ، جيڪي اڃا تائين پڪڙجي ناهن سگهيا ، ڪوهستان ۾ هي پهريون ڀيرو  نه هو جو چور واردات ڪرڻ ۾ باآساني ڪامياب ٿي وڃن ، هلندڙ مهيني هي ٻيو واقعو آهي  ،

No comments:

Post a Comment