Tuesday, 31 October 2017

آ صف علي زرداري کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڇو ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو ؟


ذوالفقار قادري

مرحوم رئيس حاڪم علي زرداري جي سڪيلڌي فرزند آصف علي زرداري پرائمري تعليم گرامر اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪئي ٖ گرامر اسڪول مان پرائمري تعليم پوري ڪرڻ بعد پيءٗ کيس وڏن ڪشالن سان ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخل ڪرايو پر اتي بہ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهہ جيان آصف جون شرارتون ۽ ڦڏا جاري رهيا آصف علي زرداري پنهنجي ڪجهہ دوست سان گڏجي هڪ ڏينهن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پرنسپال آفيس ۽ ايڊمنسٽريشن بلاڪ تي قبضو ڪري ويهي رهيا ۽ پاڻ کي پرنسپال ۽ انتظامي عملو قرار ڏئي ڏئي ڇڏيائون ڪاليج انتظاميہ پوليس جي مدد سان قبضو تہ ڇڏايو پر ان سان گڏ تاديبي ڪاروائي طور ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي پرنسپال تاريخ 6 اپريل 1972ع تي هڪ آرڊر نمبر 5949 جاري ڪري ڪاليج جي چئن شاگردن ڪيڊٽ آصف علي بلوچ ( آصف زرداري ) ڪٽ نمبر 991 جناح ھاؤس ٖ ڪيڊٽ وحيدالدين اڪبر ٖ زرار لقمان ٖ ڪيڊٽ محمد نسيم کي ڪاليج تي قبضي ٖ تعليمي ۽ انتظامي نظام ۾ رخنو وجهڻ ٖ ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن الزامن هيٺ ھميشه لا۽ ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيو ٖ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان نيڪالي ملڻ بعد رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ٖ سينٽ پيٽرڪ اسڪول کان پو۽ لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس مان ڊپلوما ڪيائين جيڪو پاڪستان جي تعليمي نظام مطابق انٽر تعليم برابر آھي ٖ پاڪستان جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نان گريجوئيٽ صدر آھي - پر پياري پاڪستان ۾ “ سب چلتا هي “ جيان پنهنجي صدارت جا پنج سال پورا ڪري رڪارڊ قائم ڪيائين .مزيدار ڳالهہ هن ملڪ جي نظام جي وري اها آھي تہ جنهن آصف علي زرداري کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڊسيپلين جي خلاف ورزي واري الزام هيٺ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو ڪيترن سالن بعد انهيء ڪاليج کيس صدر پاڪستان جي واري دور ۾ پنهنجي سالانہ فنڪشن ۾ چيف گيسٽ طور گهرايو اهو آھي اسان وٽ سوچ جو معيار ٖ آصف علي زرداري گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو يا نہ ڪيو پر سندس اصل امتحان هاڻي شروع ٿيو آھي تہ ڇا پ پ پ وري پاڪستان جو اقتدار ماڻي سگهندي يا پنجاب ٖ خيبر پختون خواهٖ ٖ بلوچستان ۽ ڪشمير مان تڏا ويڙه بعد مورڳو سنڌ مان بہ ٽپڙ ويڙھيندي ؟
ORDER
No. CDT/5940/72 Petaro, the 6th April 1972

As directed by the Government of Sind, the following cadets: (1) Wahid-ud-din Akbar (self-styled Principal), (2) Zarar Lucman (self-styled Vice Principal), (3) Mohd Nasim (self-styled Adjudicator), (4) Asif Ali Baluch (self-styled Bursar) are hereby expelled from the College on account of the reasons stated below

Hatching a plot to take over the administration of the college on 5th April 1972
Entering the offices of the principal, vice-principal, Bursar, Adjutant, Office of Superintendent, Chief Accountant, Telephone room illegally, occupying these offices and tampering with and destroying some of the records and files there on 5th and 6th April 1972
Declaring themselves Principal, Vice-Principal, Adjutant and bursar, respectively
Behaving with utmost impertinence and disrespect towards their kind and affectionate teachers
Creating unrest and dis-affection among the cadets
The names of the above-mentioned cadets are being struck off the college rolls and they are forbidden to enter the premises of the college ever in the future

The Principal reserves the right to expel any other cadet on the basis of evidence against them that further investigation may bring into light

(S.S. Azim)
Principal
Cadet College, Petaro

No comments:

Post a Comment