Tuesday, 31 October 2017
نفيس الزمان لوهاراڻي
شام جو سج لڪن ۾ لڙي ويو، آڪاش تي تارا نظر اچڻ لڳا هئا، ڌرتي تي انڌيرو ڇائنجي ويو ۽ ڪائنات جيڏي ڪشادي دل رکندڙ منهنجو محسن مونکان موڪلائي ويو، هر طرف درد ئي دانهون، لڙڪ ۽ آهون هيون، ڌرتي تي چوڌاري ماتم وارو ماحول هو، اکيون رڳو لڙڪن سان لال هيون، اندر جا گهاءُ تاءُ ۾ تپي رهيا هئا، جبلن جهڙا مضبوط ارادا پل گهڙي ۾ چڪناچور ٿي ويا هئا، ڌرتي رات جي ٻکن ۾ ويڙجي وڃڻ باوجود وڇوڙي جي ور چڙهي وئي هئي،
4 اپريل جي اها نڀاگي شام جنهن اسان کان ٻه پيارا دوست پيارا انسان هميشه هميشه جي لاء ڌار ڪري وئي،
سچ پچ تہ ڪيلاش ڪمار ۽ مولچند
جي وڇوڙي جي خبر ٻڌندئي هانء کي ڏاري وڌو ، اسان جو پيارو دوست ڪيلاش ڪمار اڃا پنهنجي جواني جا ڏينهن گذاري رهيو هو ته
بي منديو موت اوچتو آسمان جي وڄ وانگي ڪڙڪي روڊ حادثي بهاني اسان کا هميشه جي لاء اسان جو پيارو دوست کسي ويو ،اي اپريل تون اسان لاء درد کڻي آئين ، ڏک کڻي آهين ، اي نڀاگي اپريل تو اسان کان جگر ٽڪڙو جدا ڪيو ،
ڪيلاش کي خبر نه هئي ته 4اپريل جو اهو نڀاگو ڏينهن سندس زندگي جو آخري ڏينهن ۽ بند مراد طرف سفر کان پهريان گهر وارن سان موڪلائيڻ سندس آخري ملاقات هوندي ،
ڪيلاش جي وڇوڙي نه صرف هر وارن کي اکين ۾ لڙڪا آندا پر پوري مول سندس وڇوڙي جي اوسيڙي ۾ ٻڏل ،
اڄ تنهنجا دوست ، مٽ ، مائٽ ، توکي ياد ڪري رهيا آهن اي ڪيلاش اڃا تنهنجي وڃڻ جي مند نه هئي ،
اڄ به مول جون گهليون تو لاء ائين سڪنديون آهن جئين ٿر جي وارياسي زمين پاڻي لاء تڙپندي آهي ،
اي ڪيلاش تنهنجون هي بي سمجهه معصوم نياڻيون اڄ به تنهنجي ڏسڻ لاء آسائتيون آهن ،
اڄ به تنهنجا دوست تنهنجون مٺيون ڳالهيون ياد ڪري اکين مان لڙڪن جا لاڙ هاريندا آهن ،
اي بي منديا موت شل توکي به موت اچي تو اسان ڪونڌر جوان کسيا
جن جي وڃڻ جي مند نه هئي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment