Monday, 30 October 2017

هن ملڪ ۽ قوم جي ليڊرن جا ڪيس لڙهندي نظر آيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔


۔۔۔۔۔۔۔

                    لکندڙ علي اعجاز شيخ

هي انهن ڏهاڙن جي ڳاله آ جڏهن اسلام باد ۾ بينظير سرڪاري پروٽوڪول ۾ بحيثيت پاڪستان جي  ۽ ان جو موڀي ڀاء مير مرتضي ڀٽو حيدرآباد جي هيرن وانگر  هلندڙ هوائن ۾ وسندڙ مينهوڳي واري مند ۾ پنهنجن پنج ڳاڙهن ڪپڙن ۾ ملبوس ساٿين سان گهمندي هڪ هوٽل تي آيو ته هن جي نظر ٽي وي تي سندس ڀيڻ بينظير ڀٽو تي پئي جنهن کي ڪاري شال اوڍيل هئي مير ساٿين کي چيو ته سياري جي مند به ڪونهي پوء ادي کي ڪاري شال اوڍهيل ڇو آهي؟ وري هن يڪدم چيو ته شايد ادي کي بخار آهي ۔ ان وقت مير جي ڪيفيت عجيب ٿي وئي ۽ ڀيڻ جي بخار تي هن کي ايتري ڳڻتي ٿي پر جي مير مرتضي جي جيئري هن جي ڀيڻ جو گولين سان پروڻ ٿيل لاش ملي ها ته هن جي ڪيفيت ڇا هجي ها ۔
شايد هو هڪ ڀيرو وري هٿيار کڻي پنهنجي ڀيڻ جي قاتلن جي ڳولا لاء اتر وزيرستان کان ويندي لنڊن جي گهٽين ۽ ڪابل قنڌار جي سنسان پهاڙن کان ويندي اتر وزيرستان جي پر اسرار جبلنن ۾ ڀيڻ جي قاتلن کي ڳولي ڳولي ماري انهن جي لاشن کي لاڙڪاڻي جي ڪنهن چوڪ تي ٽنگي ڇڏي ها ۔ پر تاريخ جي ستم ظرفي ته ڏسو ته ڀيڻ جي وزير اعظم هئڻ وقت ڀاء جو بندوق جي گولين سان پروڻ ٿيل ۽ رت سان لهو لهان لاش ستر ڪلفٽن جي روڊ تي پيل هو ۔
ان وقت اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي ماءبيگم نصرت ڀٽو پنهنجي شهزادي پٽ ۽ وزير اعظم بينظير پنهنجي ارڏي ۽ بيگناه ڀاء جي بيگناه شهادت تي وزير اعظم هائوس مان پيرين اگهاڙيون نڪري اسلام آباد کان نڪري پيون ستر ڪلفٽن جي روڊ تي بينظير ڀٽو کي مٿي تي بنا رئو ۽ پيرين اگهاڙو دانهون ڪندي ڏسي اتي موجود ماڻهن جا به هانو ڏري ويا ۔ هڪ ڀيڻ جي پنهنجي ڀاء سان اٿاه محبت جو هي اهو دل ڏاريندڙ منظرهو جڏهن هڪ ڀيڻ پنهنجي موڀي ڀاء جي لاش کي هنجن ۾ کڻي ريهون ڪري رهي هئي ۔ هي مير جو موت ڪون هيو هي سموري ملڪ جي غريب عوام جو موت هيو اها 20 سيپٽمبر جي شام هئي جنهن ڏينهن صرف فاطمه يتيم ڪون ٿي هئي پر هن ملڪ جي هر غريب ڍيۡ يتيم بڻجي وئي هئي ان ڏينهن صرف جونيئر ذوالفقار يتيم ڪون ٿيو هيو پر سنڌ جي هر هڪ پٽ کي يتيم ڪيو ويو هو مرتضئ بار بار غريب مظلوم عوام جي ڳالھ ڪندڙ عوامي هيرو هيو هن جي بيگناھ قتل ڪهاڻي هر ڪنهن کي روئاري ٿي
جڏهن مير مرتضئ جو لاش ڳڙهي خدابخش جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويو ته تڏي تي ڀٽن مردن مان ڪو به تعزيت وٺڻ وارو به نه هو ۔
ڪنهن صحافي ان وقت بينظير کان پڇيو ته جي بي بي اڄ هتي مير مرتضي جي جاء تي اوهان جو لاش هجي ها ته مير مرتضي جو رد عمل ڇا هجي ها ان تي محترمه جواب ۾ چيو ته پوء هتي هڪ لاش نه پر لاشن جا ڍير هجن ها لاڙڪاڻي سميت پوري ملڪ ۾ الائي ڇا هجي ها ۔ پر افسوس جو سازشي قوتن مرتضئ جي شهادت کان پوء بينظير کي به مارائي ڇڏيو اڄ ان شهيد بي نظير ڀٽو جي شھادت  ڪيس  ڏه سال هليو پر ڪو به والي وارث نه ٿيو ۔سندس مڙس جيڪو پارٽي جو ڪو چيئرمين آھي انکي ڳوڙهن کي بادام کارائڻ کان سواء ٽائيم ئي ڪون هيو ته هو ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ شرڪت ڪري سندس هڪ وڏي نياڻي بختاور انگلش ڪتن کي بسڪٽ کارائي پنهنجي زندگي جو وقت گذاريندي رهي ته آصفه وري باڪسنگ ۾ مصروف عمل رهي انهن کي به گهڙي پل ڪورٽ ۾ اچڻ جو ٽائيم ڪون مليو بلاول جيڪو ملڪ جي وزير اعظم ٿيڻ جا سپنا ڏسي رهيو آھي ان کي به ڪو ٽائيم ڪون مليو تت هو ماءۡ  جي ڪيس جي ٻڌڻي تي ڪورٽ وڃي پوء  اهو ڪيس به تاريخ جي سڙيل فائلن جي ردي جي ٽوڪري جي سرد خاني ۾ هليو ويو ۔ جتان اڄ به اها صدا گونجي ٿي ته هن بيگناه بينظير کي انصاف کپي
۔اڄ ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان مان هن جا پروانا هن جي انصاف کپي جون صدائون ٻڌن ٿا پر اهي صدائون ڪارا چشما پاتل ڪارين گاڏين وارن هوٽرن جي سائرن وارن اميرن ۽ حڪمرانن جي ڪنن تائين ڪو نه ٿيون رسن يا هو پاء گلن جي ٽوڪري سان شهيدن جي آستان ۾ ايندي پنهنجن ڪنن کي سبيو اچن ۽ ڪنڌ کي ڦڪائي مان جهڪائي منهن تان لڙڪن بجاء پگهر اگهيندا هليا وڃن ۔
صرف ڀٽو خاندان مان رهيل ڀٽن مان صنم ڀٽو لنڊن جي گمنام گهٽين ۾ ڪنهن ننڍي گهر ۾ رهائش پذير آھي جتي هو پنهنجي  گمنام زندگي گذاري مير مرتضئ ڀٽو جو پٽ  ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر وري آمريڪا ۾رهائش پذير آھي جنهن اتي پنهنجي سياست جي شروعات ڪري ڇڏي آھي جيڪو آمريڪي صدر جي مسلمانن پاليسن خلاف  صوفين واري  سرمرستي ۾ آرٽ جا ننڍا ننڍا ٿيٽر ڪرائي ٽرمٽ خلاف مزاحمتي ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو هن ملڪ ۾ پنهنجي زندگي کي محفوظ ن سمجهڻ ڪري آرٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آھي ۽ هتان جي دنيا کان تمام گهڻو دور آهي ۽ فاطمه ڀٽو فرانس جي ان ئي گهر ۾ موجود آھي جتي سندس چاچي شاهنواز ڀٽو کي هڪ گهري سازش تحت زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو ان ئي  ننڍي گهر ۾ پنهنجي شهيد بابا جي جنم ڪٿا پئي لکي ۔
اڄ ڀٽا نه ڀٽن جا روح هتي آهن پر ڀٽن جي روحن تي حاڪميت ڪندڙ ڀوتار سرمائيدا

No comments:

Post a Comment