Monday, 30 October 2017

نفيس الزمان لوهاراڻي

پوليس مان سياست ختم ڪرڻ اي ڊي خواجه لاء وڏو چلينج هوندو ،،،،،،،،،
نفيس الزمان لوهاراڻي
آئي جي سنڌ اي ڊي خواجه صاحب کي سنڌ هاء ڪورٽ مان سندس حق ۾ آيل فيصلي کان پوء سنڌ جي ٻهراڙين واري علائقن  جا  غريب ۽ اٻوجه پوليس جي ٿاڻي واري ڪلچر کان تنگ ٿيل ماڻهو  ان ڳالهه تي بيحد خوش آهن ، ته وري سنڌ  جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ اها ڳالهه پڻ  بحث  هيٺ به آهي ته ،  اي ڊي خواجه کي  سندس حق ۾ مليل ڪم جاري رکڻ  واري فيصلي  کان پوء اي ڊي خواجه
پوليس ڊپارمينٽ ۾ ڪهڙي تبديلي آڻيندو ، ڇا آئي جي پوليس مان سياست کي ختم ڪري سگهندو  ؟ آئي جي سنڌ  ميرٽ تي ته اهلڪار ڀرتي ته  ڪيا پر ڏسجي ته  انهن اهلڪارن کان ڪٿي  ڪئين ۽ ڪهڙي ايمانداران طريقي سان ڪم ٿو وٺي، ڇا آئي جي سنڌ ايم اين اينز ، ۽ ايم پي ايز جي اشارن تي ڪم ڪندڙ ڊي ايس پيز  ، ۽ ايس ايڇ  اوز ، کي برطرف ڪري سگهندو ،  اي ڊي خواجه جي لاء وڏو چلينج هوندو سنڌ پوليس کي صاف شفاف بنائڻ ، ماضي ۾ توهان ڏٺو هوندو ڪنهن به ضلعي يا تعلقي  ۾ سپاهي کان وٺي ايس ايڇ او تائين ٿاڻي تي ان تڪ جي سردار يا وڏيري جي ئي حڪم سان مقرريون ۽ بدليون ٿينديون آهن ، ايس ايس پيز ، ۽ ايس ايڇ اوز ، لاء پڻ اهو وڏو چلينج هوندو ته هو  آئي جي سنڌ اي ڊي خواجه جي حڪم جي تعبداري ڪندا، يا تڪ جي چونڊيل نمائيندن جي ، ڇو ته سنڌ ۾ سفارش جو وڏو جهان هلي ٿو هر پوليس آفيسر جو خواب هوندو ته هو ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري اڳيان وڌندو وڃي، ٿي سگهي اڳيان ڪٿي نه  ڪٿي هن کي ڪنهن چونڊيل نمائيندي جي سفارش جي ضرورت پوي ، تنهنڪري هو ڪنهن به سردار يا ڀوتار جي خلاف بغاوت يا حڪم نه مڃڻ  کان پهرين ضرور سوچيندو ته ڪٿي اڳيان هلي ڦاسي نه پوان ،  سنڌ ۾ ڪنهن به ڊپارمينٽ ۾ ڪيڏو به ايماندار آفيسر ڇو نه هجي پر وقت ۽ حالات کي ڏسندئي گڌڙن وارو روپ اختيار ڪيو وڃي ،،واضح رهي ته اي ڊي خواجه سنڌ حڪومت طرفان غلام حيدر جمالي جي برطرفي بعد گذريل سال مارچ ۾ آءِ جي سنڌ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن ته مخصوص مطالبن کي مڃڻ کان انڪار سبب اي ڊي خواجه سنڌ جي حڪمران پارٽي جي حمايت وڃائي ويٺو. پوليس کاتي ۾ نين ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو ته اي ڊي خواجه ميرٽ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ فوج جي ڪور فائيو ۽ سٽيزنز پوليس لائزن ڪميٽي (سي پي ايل سي) جا نمائندا به شامل هئا. اي ڊي خواجه جي ان قدم سنڌ حڪومت جي انهن ميمبرن کي ناراض ڪري ڇڏيو، جيڪي انهن ڀرتين ۾ پنهنجو حصو پيا چاهين ته جيئن ايندڙ عام چونڊن کان پهريان ووٽرن کي خوش ڪري سگهن. جنهن بعد گذريل سال ڊسمبر ۾ صوبائي حڪومت اي ڊي خواجه کي جبري رخصت ڪري ڇڏيو. ذريعن مطابق سنڌ حڪومت اي ڊي خواجه کي هٽائڻ چاهي ٿي پر وفاقي حڪومت ان خلاف آهي

No comments:

Post a Comment