Thursday 1 November 2018

چیف جسٽس ثاقب نثار آسیہ بِيبِيءَ کي آزاد ڪرڻ جا هيٺيان سبب لکيا آهن .

چیف جسٽس ثاقب نثار  آسیہ بِيبِيءَ کي آزاد ڪرڻ جا هيٺيان سبب لکيا آهن .

1- واقعو 14 جون 2009 تي ٿيو . پر ان جي ایف آئي آر پنجن ڏينهن پڄاڻان 19 جون تي درج ڪئي وئي . جنهنجي ڪري مقدمو ڪمزور ٿي ويو.

2- هن ڪيس ۾  عیني شاهد معافیا بِيبي ۽ اسما بِيبِي آھن  جن گواهي ڏني ته آسیہ بيبي انهن آڏو توهِین وارا لفظ ڳالهايا ۔ ان موقعي تي 25 کان 35 تائين مايون موجود هيون . لیڪن انهن مان ڪابه شاهدي ڏيڻ ڪانه آئي۔

3- ٻنهي خواتین گواهن چيو ته آسیہ بِيبيءَ سان انهن جو پاڻي پيارڻ تي ڪوبه جھيڙو ڪونه ٿيو هو . جڏهن ته ٻين گواهن مڃيو ته هي جهيڙو پاڻي پيارڻ تان ٿيو هو۔

4- سڀ کان اهم ڳالھ اها هئي ته مختلف گواهن جي بیانن ۾  فرق ھو . جڏهن آسیہ بيبيءَ جو معاملو ڦهليو ته هڪ عوامي اجتماع سڏايو ويو .  جنهن ۾ آسیہ کان ڏوھ قبول ڪرايو ويو . یاد رهي ته  انهيءَ اقرارِ جرم تي ئي  ابتدائي عدالت  ملزمہ کي موت جي سزا ٻڌائي هئي۔  تنهنڪري هي  اجتماع بنیادي اهمیت رکي ٿو ۔ هڪ شاهد چيو ته ان اجتماع ۾ 100 ماڻھو شریڪ ٿيا . ٻي چيو ته  1000 هئا .   ٽئين گواھ هي تعداد 2000 ٻڌايو . جڏهن ته چوٿين  200 کان 250 ٻڌايو ۔ انهن بیانن جي فرق جي ڪري  شڪ پیدا ٿيا ۽  دنیا جي هر قانون مطابق شڪ جو فائدو ملزم کي ملندو آهي۔

5- ان عوامي اجتماع جي باري ۾ ھڪ گواھ چيو ته  هي اجتماع مختاراحمد جي گھر منعقد ٿيو هو ۔ ٻي چيو ته هي عبدالستار جي گھر ٿيو هو . ٽئين چيو ته هي اجتماع راڻا رزاق جي گھر ٿيو هو . جڏهن ته چوٿين گواھ جو بیان هو ته  اجتماع حاجي علي احمد جي اوطاق تي ٿيو هو۔

6- اجتماع ۾ آسیہ بیبيءَ  کي آڻڻ جي حوالي سان به گواهن جي بیانن ۾  تضاد ھو ۔ هڪ چيو ته کيس یاد ناهي ته ملزمہ کي ڪير وٺي آيو هو . ٻي چيو ته هوءَ پنڌ آئي هئي. ٽئين چيو ته هن کي موٽر سائیڪل تي وٺي آيا هئا۔

7- ان اجتماع جي وقت ۽ دورانیي جي باري ۾ پڻ گواھن جي بیانن ۾ اختلاف ھئا .

8- ملزمہ جي گرفتاريءَ جي  وقت بابت سب انسپيڪٽر محمد ارشد جي بیانن ۾ به فرق ڏٺو ويو۔

9- ملزمه کان ڏوھ جو اعتراف هڪ اهڙي مجموعي جي سامهون ڪرايو ويو جنهن ۾ سوين ماڻھو شامل هئا ۽ اهي کيس مارڻ لاءِ تيار هئا ۔ ان جي ڪابه قانوني حیثیت نه هئي۔ ان کي  نہ ئي رضاڪاراڻو بیان قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ نہ ئي  قانون جي مطابق سزاءِ موت جهڙي انتهائي سزا جي لاءِ اهڙو بیان قابل قبول ٿي سگهي ٿو۔

10- آسیہ بیبي قانون جي تحت جو بیان ڏنو ان ۾ هن  حضور پاڪ ﷺ ۽ قرآن پاڪ جي مڪمل تعظیم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هوءَ تفتیشي آفيسر اڳيان بائبل تي حلف کڻڻ لاءِ تیار آهي ته جيئن پنهنجي معصومیت ثابت ڪري سگهي لیڪن تفتیشي آفيسر ائين ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني۔