Saturday 23 December 2017

پاڪستان جو آئين


پاڪستان جو آئين ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽي آئين لاڳو ٿي چڪا آهن: پهريون آئين 1956ع؛ ٻيو آئين 1962ع ۽ ٽيون آئين 1973ع ۾ لاڳو ٿيو، جيڪو سڀني جي اتفاق سان ذوالفقار علي ڀُٽي تيار ڪرايو. 1973ع وارو آئين هن وقت به لاڳو آهي، جنهن ۾ تازو ارڙهين ترميم ذريعي اپريل 2010ع ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون. موجوده رائج آئين ۾ فوجي آمريتن جي مداخلت سبب اڪثر رڪاوٽون به پيش آيون ۽ آئين معطل ٿيندو رهيو. آئين موجب رياست جو سربراهه صدر هوندو آهي، جڏهن ته انتظامي اختيار وزيراعظم وٽ هوندا آهن.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان آزاديءَ هند 1947ع جي حڪمنامي تحت گورنمينٽ آف انڊيا جي 1935ع واري ايڪٽ ۾ ڪجهه ترميمون ڪري ان کي عبوري آئين طور لاڳو ڪيو. ان کي ملڪ جي پهرين عبوري آئين جو نالو ڏنو ويو.
پاڪستان جي ٺهڻ کان ٽي ڏينهن اڳ 11 آگسٽ 1947ع تي اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت عبوري حڪومت جي قانون واري وزير جوگنيدر ناٿ مندل ڪئي. سندس تعلق بنگال سان هو ۽ هو هندو شيڊيولڊ ڪاسٽ جو هو. هن اجلاس ۾ قائداعظم محمد علي جناح کي ان جو صدر چونڊيو ويو. 11 سيپٽمبر 1948ع تي قائداعظم جي وفات بعد مولوي تميزالدين کي قومي اسيمبلي جو صدر چونڊيو ويو.

قرارداد مقاصد سنواريو

آئين سازي ۾ آگسٽ 1947ع کان 1948ع تائين ڪا پيش رفت نه ٿي سگهي. مارچ 1949ع ۾ وزيراعظم لياقت علي خان ملڪ جي پهرين آئين ساز اسيمبلي مان قررداد مقاصد منظور ڪرائي ورتي، هن ٺهراءُ جو تت هن ريت هو.

سموري ڪائنات جي حڪومت الله کي حاصل آهي ۽ ان جي طرفان پاڪستاني عوام کي جيڪي اختيار سپرد ڪيا ويا آهن، سي ان وٽ مقدس امانت آهن، جن کي الله تعاليٰ پاران مقرر حدن ۾ رهندي استعمال ڪيو ويندو.
پاڪستان جو طرز حڪومت وفاقي هوندو.
رياست ۾ حڪمراني جو اختيار عوام جي نمائندن ذريعي استعمال ڪيو ويندو.
آئين ۾ جمهوريت، مساوات، رواداري، سماجي انصاف جا اصول اسلام جي عين مطابق هوندا.
اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ کين مذهبي ۽ ثقافتي آزادي هوندي.
پاڪستان جي شهرين کي بنيادي حقن جي ضمانت حاصل هوندي.
پاڪستان ۾ عدليه مڪمل طور آزاد ۽ خودمختيار هوندي.
پاڪستان جي آزادي ۽ سلامتيءَ جو تحفظ ڪيو ويندو.
هن ٺهراءُ کي آئين ۾ دين جي طور شامل ڪرڻ منظور ڪيو ويو. هن ٺهراءُ بعد اها ڳالهه سامهون آئي ته ايندڙ آئين اسلامي نوعيت جو هوندو.

بنيادي اصولن واري ڪميٽي سنواريو

قرارداد مقاصد جي منظوري کان پوءِ 12 مارچ 1949ء تي مولوي تميز الدين خان جي اڳواڻي ۾ 24 ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جيڪا بنيادي اصولن واري ڪميٽي سڏجي ٿي. هن ڪميٽيءَ کي قرارداد مقاصد جي روشنيءَ ۾ پاڪستان لاءِ آئين جا بنيادي اصول طئي ڪرڻ جو ڪم سونيپو ويو. بنيادي اصولن واري ڪميٽيءَ آئين جي بنيادي ڍانچي جي تياري لاءِ ٽي سب ڪميٽيون ٺاهيون. 1- وفاق ۽ اختيارين جي ورڇ واري ڪميٽي، 2- عدليه بابت سب ڪميٽي، 3- حق راءِ دهي بابت سب ڪميٽي، انهن کان علاوه هڪ خاص سب ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي، جنهن کي تعليمات اسلامي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. اها ڪميٽي اسلامي عالمن تي ٻڌل هئي. هن ڪميٽيءَ ۾ مولانا سيد سليمان ندوي، مفتي محمد شفيع، پروفيسر عبدالخالق مفتي، جعفر حسين، ڊاڪٽر حميد الله ۽ مولانا ظفر احمد انصاري شامل هئا. هن ڪميٽيءَ جو ڪم اهو هو ته قرارداد مقاصد ۽ ٻين سب ڪميٽين جي پيش ڪيل معاملن تي پنهنجي راءِ ڏين. پاڪستان جي آئين سازيءَ جي تياريءَ جي واٽ ۾ بي شمار مشڪلاتون آڏو هيون. ان ۾ هيٺيون وڌيڪ قابل ذڪر هيون.
ملڪ جي ٻن حصن اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي وچ ۾ هڪ هزار ميلن جو مفاصلو هو. پهرين اهو مسئلو نبيرڻ ضروري هو ته آئين وفاقي طرز جو هجي يا وحداني ۽ اهو به ته صوبن کي ڪهڙا ڪهڙا اختيار ڏنا وڃن. اوڀر پاڪسستان جي آبادي، اولهه پاڪستان جي سمورن صوبن جي آباديءَ کي ملائڻ بعد به وڌيڪ هئي. ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون ۽ لکيون وڃن ٿيون. ان مسئلي کي حل ڪرڻ به ضروري هو.
انهن ڪميٽي 7 سيپٽمبر 1950ء تي عبوري رپورٽ پيش ڪئي. ان رپورٽ ملڪ جي مجوزه آئين ۾ قانونيه پارليامينٽ لاءِ ٻه ايوان تجويز ڪيا. هڪ ايوان ۾ وفاق ۾ شامل وحدتن کي نمائندگي ڏيڻي هئي. جڏهن ته ٻيو ايوان عوام جي سڌن ووٽن جي ذريعي ٺاهڻو هو. ٻنهي ايوانن ۾ اختلاف، صدر جي چونڊ ۽ ان جي معزولي ۽ بجيٽ جي منظوري لاءِ ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس ٿيڻ ضروري هو. ٻنهي ايوانن لاءِ برابريءَ جا اختيار تجويز ڪيا ويا. ڪميٽيءَ اها به رٿ ڏني ته ڪابينا ٻنهي ايوانن آڏو جوابده هجي.
رپورٽ تي اوڀر پاڪستان ۾ هنگاما ٿيا. اوڀر پاڪستان جي رهواسين کي خدشو هو ته جيڪڏهن رپورٽ تي عمل ٿيو ته سندن اڪثريت اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي. اوڀر پاڪستان جي سياستدانن ان سوال تي احتجاج ڪيو، ۽ ان ۾ بنيادي تبديلين تي زور ڀريو ويو. ان ڪري لياقت علي خان 21 نومبر 1950ء تي ان رپورٽ تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ نئين سر تجويزن ڏيڻ لاءِ چيو.
اهڙي طرح آئين ساز اسيمبلي نيون تجويزون گهرايون. هڪ سب ڪميٽي انهن تجويزن تي غور ڪرڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي. انهن تجويزن تي ٻڌل ٻيو مسودو 22 نومبر 1952ء تي خواجه ناظم الدين آئين ساز اسيمبلي ۾ پيش ڪيو. هن مسودي ۾ به رٿيل قانونيه لاءِ ٻه ايوان تجويز ڪيا ويا هئا. مٿئين ايوان (اپر هائوس) جي ميمبرن جو تعداد 120 رکيو ويو. اوڀر پاڪستان مان 60 ۽ باقي اولهه پاڪستان جي سمورن صوبن مان چونڊڻا هئا. هيٺئين ايوان (لوئر هائوس) لاءِ 400 ميمبر ٿيڻا هئا. جن مان 200 اوڀر پاڪستان مان ۽ باقي 200 سرحد، بلوچستان، پنجاب، بهاولپور ۽ قبائلي علائقن مان چونڊجڻا هئا. ٻئي مسودي ۾ لوئر هائوس کي اصل اختيار سونپيا ويا هئا ۽ اپر هائوس جي حيثيت رڳو مشاورتي ايوان جي هئي. سمورا مالي بل به لوئر هائوس ۾ پيش ٿيڻا هئا.
هن فارمولا ۾ به اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جي مختلف صوبن جي وچ ۾ مساوات جو فارمولو اختيار ڪيو ويو. پر هن ڀيري ان تي پنجاب اعتراض ڪيو ۽ باقي صوبن تي اوڀر پاڪستان جي دائمي بالادستي قائم ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ان رپورٽ تي به غور اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. هاڻي هڪ طرف ملڪ ۾ آئيني تعطل پيدا ٿي ويو هو. ٻئي طرف صوبا وڌيڪ زور و شور سان اختيار گهرڻ لڳا هئا. جيڪو محمد علي بوگرا فارمولا سڏجي ٿو.
لياقت علي خان جي قتل کان پوءِ خواجه ناظم الدين وزيراعظم مقرر ٿيو. سندس تعلق بنگال سان هو. گورنر جنرل غلام محمد کي خدشو ٿيو ته خواجه ناظم الدين جون همدرديون اوڀر پاڪستان جي عوام سان نه ٿي وڃن، تنهن ڪري غلام محمد خواجه ناظم الدين جي حڪومت غير آئيني طريقي سان ختم ڪري محمد علي بوگرا کي آمريڪا مان گهرائي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو

بوگرا فارمولا سنواريو

محمد علي بوگرا ڇهن مهينن اندر يعني آڪٽوبر 1953ء تي اسيمبليءَ آڏو آئيني فارمولا پيش ڪيو جيڪو بوگرا فارمولا سڏجي ٿو. هن فارمولا تحت قانونيه جا ٻه ايوان تجويز ڪيا ويا. اپر هائوس جي ميمبرن جو تعداد 50 مقرر ڪيو ويو ۽ ان ۾ پنجن يونٽن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏني وئي. هن فارمولي جي قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته ان ۾ برابري وارو اصول برقرار رکيو ويو. جيڪڏهن ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي ته اتي اوڀر پاڪستان مان 175 ۽ اولهه پاڪستان مان به اوترائي ميمبر هجن ها. هن فارمولي ۾ ٻنهي ايوانن لاءِ هڪ جيترا اختيار رکيا ويا.
آئين سازي آڏو اهو مسئلو درپيش هو ته پاڪستان جي آئين ۾ مرڪز بااختيار هجي يا صوبن کي وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياري ڏني وڃي. ان ڳالهه تي اختلاف راءِ موجود هو. اوڀر پاڪستان وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياريءَ جو خواهشمند هو. جيڪي گروپ صوبائي خودمختياريءَ جا حامي هئا. انهن جي راءِ هتي ته مرڪز کي رڳو ٽي کاتا (پرڏيهي معاملا، بچاءُ ۽ ڪرنسي) ڏنا وڃن. باقي سمورا اختيار صوبن کي ڏنا وڃن. ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو مضبوط مرڪز جا حامي هئا، تن جو خيال هو ته عصبيت ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مرڪز بااختيار ۽ سگهارو هجي. انهن ٻن متضاد خيالن مان هڪ ٽين راهه ڪڍي وئي. اختيارن کي ٽن حصن يعني مرڪزي، صوبائي، گڏيل لسٽ ۾ ورهايو ويو. مرڪز کي پرڏيهي معاملا ڪرنسي، بئنڪنگ، مواصلات، پرڏيهي، واپار جا کاتا ڏنا ويا. مرڪز کي ڏنل اختيارن جو تعداد 48 هو. جڏهن ته ٽي اختيار گڏيل هئا. زبان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اردو ۽ بنگالي ٻنهي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي رٿ ڏني ويئي.

1956ء جو آئين سنواريو

پهرئين آئين ساز اسيمبليءَ جي خاتمي کان پوءِ 23 جون 1955ء تي نئين آئين ساز اسيمبلي چونڊي وئي. چوڌري محمد علي ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي ويو. هن اسيمبلي پنهنجي افتتاحي اجلاس ۾ اولهه پاڪستان جي صوبن جي حيثيت ختم ڪري ون يونٽ ٺاهيو، ون يونٽ جو مقصد اوڀر پاڪستان (بنگال) جي اڪثريت کي ختم ڪري اولهه پاڪستان جي برابر ڪيو ويو. ان سان هڪ طرف بنگال کي نقصان ٿيو ته ٻئي طرف اولهه پاڪستان جي صوبن کي به خاص طور تي سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان کي به وڏو نقصان ٿيو. چيو وڃي ٿو ته ون يونٽ جو مسودو حسين شهيد سهرورديءَ ٺاهيو هو. جيڪو 30 سيپٽمبر 1955ء تي عمل ۾ آيو. چوڌري محمد علي کي نئين آئين لاڳو ڪرڻ جي ڏاڍي تڪڙ هئي. 9 جنوري 1956ء تي اهو آئين اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو. 29 فيبروري 1956ء تي پاس ڪيو ويو ۽ گورنر جنرل جي منظوريءَ بعد 23 مارچ 1956ء تي لاڳو ڪيو ويو.
1956ء جي آئين جون خاص ڳالهيون: 1956ع جو آئين وڏي حد تائين اسلامي هو. مثلاً ان ۾ هي شقون به شامل هيون:

ملڪ جو صدر لازمي طور مسلمان هوندو.
قرآن ۽ سنت جي منافي قانون سازي نه ڪئي ويندي.
موجوده غير اسلامي قانونن کي مرحليوار اسلامي سانچي ۾ آندو ويندو.
هي آئين وفاقي سڏجي ٿو، پر اهڙو وفاق جيڪو ٻن صوبن اولهه ۽ اوڀر پاڪستان تي ٻڌل هو ۽ ان ۾ باقي صوبن سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جي ڌار ڪا به بنيادي حيثيت نه هئي، صدر کي هنگامي حالتن ۾ بنيادي حق معطل ڪرڻ جو اختيار ڏنل هو. مرڪز کي اهڙا اختيار ڏنا ويا جو هو انتظامي ۽ قانون سازيءَ ذريعي صوبن جي اختيار تي ڪنٽرول ڪري سگهي. انهيءَ ۾ وڏي حد تائين صوبن جا اختيار گهٽايا ويا. ملڪ کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. بظاهر حق بالغ دهي کي مڃيو ويو هو، پر بنگال جي اڪثريت کي نه مڃيو ويو هو. اردوءَ سان گڏ بنگالي کي به قومي زبان جي حيثيت ڏني ويئي.
بنگال جي اڪثريت واري پوزيشن ۽ اولهه پاڪستان جي صوبن جي حيثيت ختم ٿيڻ تي ملڪ جي ٻنهي حصن ۾ احتجاج ۽ سياسي ڀڃ ڊاهه شروع ٿي، چوڌري محمد عليءَ کانپوءِ حسين شهيد سهروردي وزيراعظم ٿيو، پر سندس حڪومت ڪل 13 مهينا هلي. اسماعيل ابراهيم چندريگر 1957ء ۾ گڏيل حڪومت ٺاهي، جيڪا رڳو 54 ڏينهن هئي. گورنر جنرل غلام محمد جي بيماري جو فائدو وٺندي اسڪندر مرزا صدارت تي قبضو ڪيو.


1962 وارو آئين سنواريو

جنرل ايوب خان جو ڏنل آئين، ان جي بنيادي خصوصيت اها هئي ته ان ۾ صدارتي طرز حڪومت رائج ڪئي وئي هئي ۽ ماڻهن کي سڌي ووٽ جو حق نه ڏنو ويو هو. هن آئين جي آرٽيڪل هڪ ۾ پاڪستان کي اسلامي جمهوريه جي بدران رڳو جمهوريه پاڪستان لکيل هو. بعد ۾ اسلام پسند جماعتن طرفان اعتراض وارڻ تي هڪ ترميم ذريعي ملڪ کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. ڪنهن به قانون کي اسلامي يا غيراسلامي قرار ڏيڻ لاءِ مشاورتي ڪائونسل جوڙي وئي. ملڪ ۾ صدر لاءِ مسلمان هجڻ لازمي قرار ڏنو ويو. ملڪ جي صدر، اسيمبليءَ توڙي ميمبرن کي بنيادي جمهوريتن جي 80 هزار ميمبرن ذريعي اڻ سڌي طرح چونڊڻ جو سرشتو جوڙيو ويو. ملڪ جي ٻنهي صوبن کي 80 هزار يونٽن ۾ ورهايو ويو. هن آئين ۾ صدر کي غير معمولي اختيار ڏنا ويا ۽ مرڪزي وزيرن جي مقرري، اعليٰ فوجي عهدن، گورنر، ايڊووڪيٽ جنرل، سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري، قومي مالياتي ڪميشن جا ميمبر مقرر ڪرڻ وغيره جا اختيار به صدر کي ڏنا ويا. صدر کي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائڻ ۽ ان کي ٽوڙڻ جا به اختيار حاصل هئا. ڪجهه بل اهڙا هئا جيڪي صدر جي اڳواٽ منظوريءَ بنا قومي اسيمبليءَ آڏو پيش نه ٿي ٿي سگهيا. صدر کي اسيمبليءَ مان پاس ڪيل ڪنهن به بل کي ويٽو ڪرڻ جو اختيار هو ۽ اهو اختيار آمريڪي صدر کي مليل اختيارن کان به وڌيڪ هو. نئين آئين ۾ ون يونٽ کي برقرار رکيو ويو، قانونيه جو رڳو هڪ ايوان قومي اسيمبليءَ ۾ ئي هو. -ان- جي ميمبرن جو تعداد 156 هو ۽ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان لاءِ هڪ جيترا ميمبر رکيا ويا. جن جي چونڊ اڻ سڌن ووٽن يعني بنيادي جمهوريت جي ميمبرن جي ذريعي ٿيندي هئي.
صدر ايوب جو ڏنل هي آئين 8 جون 1962ء تي لاڳو ٿيو 29 مارچ 1969ء تي رد ٿي ويو. جڏهن سندس خلاف تحريڪ هلي ته سندس حڪومت وڃڻ سان گڏ هي -آئين- به هليو ويو ۽ جنرل يحيٰ خان ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي.

1973ء وارو آئين سنواريو

پاڪستان جي آئيني تاريخ ۾ جاگرافي ۽ بنگالين جي اڪثريت ڏاڍي پيچيده بڻيل هئي. ڊسمبر 1971ء ۾ بنگلاديش ٺهڻ بعد به اهي ٻه پيچيدگيون دور نه ٿي سگهيون. نئين پاڪستان ۾ وري پنجاب وڏو صوبو هو، جنهن جي ڪل آبادي باقي ٽنهي صوبن کان وڌيڪ هئي. ان ڪري پنجاب هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جو حق (حق بالغ راءِ دهي) مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر ننڍن صوبن کي اختيار ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. هن پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ڌار ڌار نسل ۽ زبان ڳالهائيندڙ رهواسي هئا. ان ڪري زبان ۽ اختيارين جي ورهاست وارو سوال جيئن جو تيئن رهيو. اٽڪل 15 سالن کان وڌيڪ عرصو زوريءَ مڙهيل ون يونٽ به وڌيڪ پيچيدگيون پيدا ڪيون. پاڪستان جي معيشت ۽ سياست ۾ اسلام جو رول ڪهڙو هجي، ان جو تعين ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو. اهو مونجهارو شروع وارن سالن ۾ به هو، پر بنگال جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو. ڇاڪاڻ جو مذهبي جماعتون هميشه اوڀر پاڪستان جي ڀيٽ ۾ اولهه -پاڪستان- ۾ وڌيڪ سرگرم ۽ فعال رهيون هيون. يحيٰ خان ون يونٽ ختم ڪري يعني صوبا بحال ڪري چڪو هو. هاڻي پنجاب هڪ پاسي هو ته باقي ٽي صوبا يعني سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ٻئي پاسي هئا. انهن ٻن مونجهارن سان گڏ ٽيون مونجهارو اهو هو ته صدر جو ڪهڙو ڪردار هجي. ذوالفقار علي ڀٽو صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو هو پر هو چونڊيل نمائندو هو، ان ڪري هن ان اسيمبليءَ سان رجوع ڪيو، جيڪا 1970ء وارين چونڊن ۾ چونڊجي آئي هئي، بنگال جي ڌار ٿيڻ بعد اولهه پاڪستان ئي بطور پاڪستان هو، ان ڪري اولهه پاڪستان جي چئني صوبن سان واسطو رکندڙ ميمبرن تي ٻڌل قومي اسيمبلي هئي. هي پاڪستان جي ٽئين -آئين ساز اسيمبلي- هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اڪثريت حاصل هئي.
اسيمبلي کي نئون آئين ٺاهڻ ۾ ڇهه مهينا لڳا. هن آئين ٺاهڻ ۾ سنڌ جي مشهور قانوندان ۽ پيپلز پارٽيءَ جي رهنما حفيظ پيرزادي جون ڪوششون شامل هيون. ڀُٽي صاحب جي ڪوشش سان پيپلز پارٽي ۽ ملڪ جي ٻين اهم جماعتن جي وچ ۾ مفاهمت ٿي وڃي. 20 آڪٽوبر تي سمورين جماعتن جي اتفاق راءِ سان هڪ نئون آئين جوڙيو ويو، جنهن مطابق وفاقي پارليامينٽ ٻن ايوانن تي ٻڌل هئي، آئين ۾ ملڪ کي فيڊريشن مڃيندي صوبن کي به ڪجهه اختيار ڏنا ويا. حڪومت جو سرشتو صدارتي جي بدران پارلياماني رکيو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي کي اختيار وڌيڪ هئا، صدر جي حيثيت علامتي رکي ويئي. ملڪ جي قيام جي 26 سالگرهه تي، 14 آگسٽ 1973ء ۾ اهو آئين لاڳو ٿي ويو، بعد ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون ويون. جنرل ضياءُ الحق ۽ پوءِ جنرل پرويز مشرف جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري آئين معطل ڪيو ته انهن پنهنجا عبوري آئيني حڪم جاري ڪيا ۽ آئين بحال ٿيڻ تي ان ۾ ترميمون ڪيون. هن وقت 1973ء وارو آئين اڻويهين ترميم سان ملڪ ۾ لاڳو آهي






Wednesday 6 December 2017

نفيس الزمان لوهاراڻي

مثالي انسانن جا بي مثال ڪردار

نفيس الزمان لوهاراڻي

سنڌ ڌرتي جنهن جي سلامتي ۽ بقا بهود لاء هزارن سالن کان مثالي انسانن جا بي مثال ڪردار رهيا آهن ، تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته سنڌ ۾ هزارين اهڙا لعل موجود آهن جن پنهنجو تن من ڌن قربان ڪري وطن ۽ عوام جي ويرن قاتلن لٽيرن ۽ فوروئن خلاف لوهي ديوار بنجي مقابلو ڪيو ، سنڌ ۽ سنڌين جي حق جو آواز بنيا سنڌ ڌرتي جي تاريخ تي جيڪڏهن جاتي پائي ڏسجي ته عظيم رهنمائن جي شهادتن سان ڀري پئي آهي ، سنڌ جا سورهيہ جوڌا پٽ ۽ دلير نياڻيون جن سنڌ جي بقا ۽ سنڌين جي حقن جي ترجماني ڪندي شهادتون ماڻيون ، جن خدمت کي عبادت سمجهي وطن ۽ عوام لاء جان جا نذرانا ڏنا ، دودو ، دريا خان ، شاه عنايت ، مخدوم بلاول ، ڊولفقار علي ڀٽو ، بينظير ڀٽو ، فاضل ، بشير خان قريشي ، شهيد مير  مرتضي ، جن پنهنجي وطن جي عوام لاء جان جا نذرانا ڏنا ،
29 نومبر 2014ع جي صبح جو فجر نماز ادا ڪندي سجدي جي حالت ۾ وحشي ظالمن سنڌ جو هڪ ٻيو سورهيہ پٽ پنهنجي اندر شينهن جي دل رکندڙ جنهن وقت جي ظالم حڪمرانن سان اک ۾ اک ملائي سنڌ جي حقن جي ترجماني ڪندي سنڌين جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچايو مرد مجاهد عاشق رسول عاشق سنڌ شهيد سنڌ علامہ ڊاڪٽر خالد محمود کي بي دردي سان نماز جي حالت ۾ گولين جا وار ڪري اسان کان هميشه هميشه جي لاء جدا ڪيو
علام ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پڻ اهڙن مرد مجاهدن مان هو جنهن دين اسلام سان گڏوگڏ سنڌ ڌرتي جي سلامتيَ  لاء  وڏي جهدوجهد ڪئي ۽ شهادت ماڻي ، شهيد علامہ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو 7 مئي 1959ع تي لاڙڪاڻي کان چار ڪلوميٽر اوڀر طرف ڳوٺ عاقل ۾ هڪ غريب ۽ وقت جي نامياري عالم علي محمد حقاني جي گهر ۾ جنم ورتو ، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ننڍپڻ کان ئي هوشيار ۽  پختا اراده نيڪ سوچ جا مالڪ هئا ،ڊاڪٽر خالد محمود سومري پرائمري تعليم  گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ عاقل مان حاصل ڪرڻ بعد  مڊل  گورنمينٽ پائلٽ سيڪيڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان  1974ع. ڪئي ،
انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان ڪيو ،
ايم بي بي ايس  چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي
1987ع.MA اسلامڪ ڪلچر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ مان ڪئي
1988ع ۾ ائمه ڪورس  انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪيو
1985ع عاليه  وفاق المدارس العربيه پاڪستان مان ڪئي ،
پاڻ شاگردي واري دور کان ئي سنڌ ۽ سنڌين جي جهدوجهد لاء هڪ نئون سج ٿي  اُ ڀريو ، سنڌ جي مظلوم عوام سان ٿيندڙ ناحق زيادتين خلاف آواز بلند ڪيو حق ۽ سچ جي هڪ نئي اميد ٿي اُڀريو ، امير ۽ غريب وارو تعاثب ختم ڪرڻ ٿي چاهيو ، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جنرل ضياء الحق جهڙي قاتل ۽ ڪالا باغ ڊيم خلاف جڳمڳائيندڙ تحريڪ جو اڳئين صفن ۾ وڙهندڙ اڳواڻ هو ،
ڪالاباغ ڊيم جهڙي ڪُڌي منصوبي ۾ سنڌ جي ورهاڱي بابت واضح ۽ کليل الفاظن نه صرف مذمت ڪندو هيو، پر عملي جاکوڙي به هيو. سنڌ جي زرعي زمين لاءِ به سنڌين هارين جي حق ڏيارڻ لاءِ هن جون ڪوششون قابل تعريف هيون.
ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڇهه مهينا جيل ۾ رهيو ٻه مهينا لاڙڪاڻي جيل ۾ ۽ چار مهينا سکر واري جيل ۾ رهيو ،
ڊاڪٽر خالد محمود سومري 1985ع ۾  پنهنجي سياسي  سفر جي شروعات جمعيت علماء اسلام جي پليٽ فارم تان  ڪئي ،
لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 207 کان پاڻ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ۾ اٿيا ۽ ٽي ڀيرا سنئون سڌو محترمہ   بينظير ڀٽو صاحبه جو اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو 1990ع 1993ع ۽ 1997ع ۾
بينظير ڀٽو سان ،
2002ع ۾ شاهد ڀٽو ۽ 2013ع فريال ٽالپر سان مقابلو ڪيو
۽ آخري ڀيري پاڻ چاليهہ هزار ووٽ کنيا ،
2006ع کان 2012ع تائين هو پارليامينٽ جي ايوان بالا سينيٽ آف پاڪستان جا معزز رڪن به رهيا . جنهن جي گرجدار آواز ڇهن سالن تائين ايوان بالا ۾ گونجندي رهي ايوان ۾ سن ڪارڊ تي سياست ڪرڻ واري پي پي پي جي گهڻائي جي باوجود سنڌ جي عوامي مسئلن تي سڀ کان وڌيڪ آواز اٿارڻ جو اعزاز ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي حاصل رهيو ، ڪالاباغ ڊيم جو معاملو هجي يا قومپرست ليڊر بشير خان قريشي تي حملي جو ڪيس فضيلا سرڪي جي اغوا جي واردات جو معاملو هجي ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهه هجي يا تيرنهن هزار پرائمري استادن جي بحالي جو مسئلو ، قبائلي جهيڙن ۾ انساني جانين جي قتل عام جو معاملو هجي يا سنڌ يونيورسٽي جي بند ٿيڻ جو معاملو مطلب ته هر ٻرندڙ اشوء تي ڊاڪٽر خالد محمود سومري ايوان بالا ۾ دليري ۽ جرئتمندي جو مظاهرو ڪيو ۽ نمائندگي جو حق ادا ڪيو
ڊاڪٽر خالد محمود سومرو واحد پارليامينٽيرين هو جنهن پهريون ڀيروايوان جي ڪيفي ٽيريا ء لائبریري ۾ سنڌي اخبارون مقرر ڪرائڻ جو ڪم ڪيو، ان کان اڳ ايوان ۾ فقط اردو ۽ انگريزي اخبارون اينديون هيون، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو حقيقي عوامي ماڻهو هو، سندس جي رهائشگاهه تي هر وقت ماڻهن جو ميلو متل رهندو هو ماڻهن کي ڪمن جي حل واسطي هزارن جي تعداد ۾ خط لکي، فون ڪري ۽ پاڻ ڪهي وڃي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرايا، هن کي سنڌ جي هر سور جو احساس هو
۽ انهيَ دوران سڄو عرصو هو سينيٽ ۾ سڀ کان نمايان ميمبر رهيا جيڪو پنهنجي ڳالهه ٻولهہ ۽ بي باڪي جي ڪري سڀ کان نرالا نظر ايندا هئا سينيٽ جي رڪنيت جي دوران پاڻ ٽي سال سينيٽ جي قائم ڪيل ڪاميٽي براء بلدياتي جا چيئرمين به رهيا سندن اعزاز رهيو آهي ته هو اڪيلو سينٽر هئا جيڪو پنهنجي رهائشگاهہ پارليامينٽ لاجز کان پارليامينٽ تائين پنڌ ايندا هئا ، جيڪڏهن رستي ۾ ڪو ملي ويو ته الحمدالله نه ته پنڌ وڃڻ کي ترجيح ڏيندا هئا ، جنهن ڇهن سالن ۾ ڪڏهن به اراڪين پارليمان جي لاء ٺاهيل ريسٽورنٽ ۾ ماني نه کاڌي بلڪہ هميشه پاڻ عام ڪينٽين ۾ جتي پارليامينٽ جو عام ملازم ۽ چوڪيدار ماني کائيندو هو انهيَ ٽيبل تي ويهي ماني کائيندا هئا ،

جڏهن 2012ع ۾ سينيٽ جي رڪنيت کان ريٽائر ٿيا ته  پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳا ته سندن هٿ ۾ هڪ هينڊ ڪيري بيگ هئي پاڻ پنهنجي فرزند ناصر محمود کي چيائون  پٽ شاهد رهجان ۽ آئون پنهنجي رب کي به شاهد ٿو بنايان ته جڏهن آئون هتي آيو هوس ته منهنجي هٿ ۾ ان وقت به فقط اهو ئي هڪ هينڊ ڪيري بيگ هئي ۽ هاڻي جڏهن هتان وڃان ٿو تڏهن به هڪ هينڊ ڪيري بيگ آهي  ان وقت به منهنجي بيگ ۾ ڪپڙا هئا ۽ اڄ به منهنجي بيگ ۾ ڪپڙا آهن ، مون پيسہ نه بلڪ عزت ڪمائي آهي جنهن کي سمجهيس ان کي ضرور ڳالهايو منهنجا رب منهنجون ڪوتاهيون معاف فرماء ,
اعليٰ ايوان ۾ اسلام، سنڌ، ۽ سنڌين لاءِ ڪجهه ڪري وڃڻ جو وچن ڪيو ۽ هن حقيقت ۾ اهو ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ مسلسل 6 سالن تائين سنڌ جي حقن لاءِ ايوان بالا م گرجندو رهيو، ڪڏهن ته ائين محسوس ٿيندو هو جو ايوان ۾ ڪو مولوي نه پر هڪ قومپرست اڳواڻ ڳالهائي رهيو هجي. ڪيترن ئي تجزيي نگارن جو سندس اعليٰ صلاحيتن کي ڏسي چوڻ هو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر خالد محمود سومرو بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڄائو هجي ها ته پنھنجي جماعت جي پليٽ فارم تان ضرور اتان جو وڏو وزير ٿئي ها،
پاڻ سياسي خدمتن کانسواء فلاحي خدمتن ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ هن وقت تائين پاڻ تقريباً 50جي قريب مختلف پسمانده علائقن ۾ مسجدون  ٺهرايون ۽ تقريباً 150جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي پنهنجي احباب جي تعاون سان گهر به ٺهرايا ڏنا ، 2010ع جي ٻوڏ ۽ 2011ع جي برسات ۾ پاڻ تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ تقريباً هڪ لک جي قريب گهراڻن جي ڪفالت پنهنجي ذمي کنئي جيستائين ماروئڙا پنهنجي گهرن ڏانهن نه ويا ، پاڻ ان وقت تائين بي سهارا ماڻهن لاء بي چين رهيا ،
ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي سنڌ لاء ڪيل جهدوجهد سنڌ هزار سالن تائين ياد رکندي ،
ڊاڪٽر صاحب  تي لڳ ڀڳ اڳ ۾ به 5 حملا ٿيا ، آخر ڪار پاڻ حق سچ جي جنگ وڙهندي  سکر ۾ 29 نومبر 2014 جي صبح جو فجر جي نماز مهل 6 هين ٿيل حملي ۾ هو شهيد ٿي ويو آهي ،
سنڌ جا دشمن ائين نه سمجهن ته ڊاڪٽر صاحب کي شهيد ڪري اسان پنهنجو رستو خالي ڪري ڇڏيو ، سنڌ امڙ جي ڪک مان پيدا ٿيل هر سنڌي ڊاڪٽر خالد محمود بنجي ظالمن حڪمرانن کي للڪاريندو ،

Thursday 16 November 2017

قلندر لعل شهباز

امام جعفر صادق عه جي فرزند جناب اسماعيل جي پُٺ مان ٻارهين پيڙهيءَ تي هڪ برڪت ڀريو ٻار ڄائو، جيڪو اڳتي هلي قلندر لعل شهباز جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس اصل نالو سيد عثمان هو. قلندر شهباز جو آخري آرام گاهه يا درگاهه شريف سيوهڻ جي شهر ضلعي دادو ۾ آهي ۽ سنڌ جو پهريون نمبر زيارتگاهه ليکيو وڃي ٿو.

قلندر شهباز جو شجره هن طرح سان آهي:

شجره

سيد عثمان پٽ سيد ابراهيم ڪبير الدين پٽ سيد شمس الدين پٽ سيد نور شاهه پٽ سيد محمود شاهه پٽ سيد احمد شاهه پٽ سيد هادي پٽ سيد مهدي پٽ سيد منتخب پٽ سيد غالب پٽ سيد منصور پٽ سيد اسماعيل پٽ امام جعفر صادق عه

پيدائش ۽ تعليم

قلندر شهباز آذربائيجان (آرمينيا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ مرند (مروند) ۾ سنه 538 هجريءَ مطابق 1143ع ۾ ڄائو. مروند شهر جنهن کي مرند يا ميمند به ڪوٺيندا هئا.

پاڻ پهرين پهرين قرآن شريف ياد ڪيائين. تنهن کان پوءِ ٻين علمن ۾ ڪماليت حاصل ڪري، باطني علم پرائڻ لاءِ بابا ابراهيم ولي ڪربلائيءَ جو مريد بڻيو ۽ انهيءَ کان ئي تصوف ۾ خلافت جو خرقو ڍڪيائين. سندس طريقت جو طريقو هن ريت آهي:

طريقت

مخدوم عثمان لعل شهباز قلندر مريد شيخ جمال مجرد مريد سيد ابراهيم مجرد مريد شيخ عاقل شهيد مريد شيخ مسڪين شهيد مريد سيد مرتضى سبحاني مريد امام جعفر صادق عه. مجرد لفظ جي معنى آهي ڇڙو. جنهن پنهنجي سموري عمر بنا شادي ڪرڻ جي گذاري ڇڏي هجي.

هڪ ٻئي هنڌ شهنشاهه دارا شڪوهه شهيد جو طريقتي طريقو بيان ڪندي، قلندر لعل شهباز جي طريقي کي بادشاهه پير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ سان هن ريت ملايو ويو آهي:

دارا شڪوهه مريد ملا شاهه بدخشي مريد ميان مير سنڌي مريد شاهه خضر سيوستاني، مريد شاهه اسڪندر مريد شير الاوليا خواجه جاتي مريد شيخ علي قادري مريد شاهه عثمان قلندر لعل شهباز مريد شاهه جمال مجرد مريد شيخ ابواسحاق ابراهيم مريد شيخ مرتضى سبحاني مريد حضرت احمد پٽ مبارڪ مريد شيخ عبدالقادر جيلاني مريد ابو سعيد بن علي مبارڪ مريد شيخ ابوالحسن علي بن محمد يوسف قريشي مريد ابو الفرح طرطوسي مريد ابو الفضل عبدالواحد يمني مريد ابوبڪر شبلي مريد حضرت جنيد بغدادي مريد خواجه ابوالحسن سري سقطي مريد خواجه معروف ڪرخي مريد امام علي رضا عه مريد امام جعفر صادق عه.

سنڌ ۾ آمد

قلندر شهباز پهرين پهرين سنڌ جو رخ ڪندي سنه 644 هجري مطابق 1246ع سيوهڻ ۾ پهتو، جيئن هيٺين تاريخ ۾ ڄاڻايو ويو آهي:

نمود آفتاب دين

644

سيوهڻ کان پوءِ هو هندستان ڏانهن ويو، جتي پاڻي پٽ ۾ شاهه شمس بو علي قلندر سان مليو ۽ ڪجهه وقت اتي رهيو. بو علي قلندر کيس ٻڌايو ته هندستان ۾ جيئن ته اڳ ۾ گهڻا قلندر آهن؛ تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو، جو هو وڃي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري. اهڙي اشاري ملڻ تي قلندر شهباز وري سنڌ جو رخ ڪيو ۽ سنه 662 هجريءَ ۾ اچي ملتان ۾ پهتو.

انهيءَ زماني ۾ دهليءَ جي بادشاهه سلطان غياث الدين بلبلن جو پٽ شهزادو محمد شهيد، سنڌ جو حاڪم هوندو هو. شهزادو شهيد نهايت ئي هڪ زاهد ۽ عابد نوجوان هو. سندس علم پروري ۽ درويش نوازيءَ جي مشهوري پوري ايشيا ۾ پکڙجي چڪي هئي. جنهن ڪري ڏورانهن ملڪن جا عالم، شاعر ۽ عارف، شهزادي شهيد جي عارفاڻي ۽ عالماڻي صحبتن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پري پري کان ڪهي ايندا هئا. انهيءَ وقت سنڌ جي، سرحدن جو اندازو هن مان لڳائي ٿو سگهجي، جو هن صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هوندو هو ۽ هي شهزادو ملتان ۾ رهي ڪري سنڌ جي حڪومت هلائيندو هو. شهزادو شهيد عالمن، صالحن، شاعرن ۽ سگهڙن جو وڏو قدر ڪندو هو. شيخ منصور بهاؤالدين زڪريا ۽ شيخ فريدالدين گنج شڪر جهڙن شخصن جو پاڻ معتقد هوندو هو. امير خسرو ۽ امير حسن دهلويءَ جهڙا ماڻهو سندس درٻاري هوندا هئا.

چوڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اُچ واري مخدوم جلال جهان گشت پاڪ پتڻ جي شيخ فريد گنج شڪر، شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ ۽ قلندر شهباز جون پاڻ ۾ ڏاڍيون چؤياريون ٿينديون هيون ۽ گهڻو ڪري اهي چار يار گڏ گهمندا ڦرندا هئا. قلندر شهباز جو هي مشهور شعر جنهن جي باري ۾ ڪئين ڳالهيون ڪيون ويون آهن. سو خواجه منصور بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي لاءِ چيل آهي ته:

منم عثمان مروندي که ياري خواجه منصورم

ملامت ميکند خلقه که من بردار ميرقصم.

معنى:....

مان عثمان مروندي منهنجو يار خواجه منصور آهي ماڻهو منهنجي لاءِ چون ٿا ته مان ڦاسي تي ناچ ڪيان ٿو!

شهزادي شهيد وٽ هڪ ڀيري ڪا سماع جي محفل هئي، جنهن ۾ قلندر شبهاز ۽ شيخ بهاؤالدين ذڪريا جو پٽ شيخ صدر الدين وجد ۾ اچي رقص ڪندا رهيا. انهيءَ رقص ۽ سماع جي دؤران شهزادي شهيد به هڪ عجيب حال طاري ٿي ويو، جو پاڻ سمورو وقت سندن اڳيان ادب سان هٿ ٻڌيو بيٺو هو ۽ زارو زار روئندو رهيو.

شهزادي شهيد، قلندر شهباز کي ملتان ۾ رهڻ لاءِ چيو ۽ سندس لاءِ هڪ خانقاهه ٺهرائڻ جو به وعدو ڪيائين. پر پاڻ اڳتي وڌي اچي سيوهڻ ۾ وارد ٿيو.

وفات

قلندر شهباز هتي سيوهڻ ۾ ئي 21 شعبان 673 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جو سال هن فارسيءَ جملي مان نڪري ٿو:

عثمان به دروازه

ٺٽو: بادشاهن جو قبرستان


ٺٽو پاڪستان جو مشهور قديمي ۽ تاريخي شهر آهي. سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهرن ۾ جيڪا اهميت ٺٽي کي حاصل آهي اها ڪنهن ٻي شهر کي حاصل ناهي. اڄ ٺٽو اسان جي ملڪ جي چئني صوبن سان روڊ وسيلي ڳنڍيل
آهي ۽ سنڌودرياءُ جي اولهندي ڪناري تي ڪراچي کان 100 ڪلوميٽر ۽ جنگ شاهي ريلوي اسٽيشن کان 35 ڪلوميٽر پري واقع آهي. ٺٽي شهر جي آبادي 10 لک جي قريب آهي، هي شهر ٻن حصن تي مشتمل آهي هڪ پراڻو ٺٽو ٻيو نئون ٺٽو مڪلي آهي. پراڻي ٺٽي جون گهٽيون، بازار ۽ رستا سوڙها آهن ۽ نئون ٺٽو جيڪو مڪلي جي ٽڪرين تي آباد آهي. هندستان جي ورهاڱي کان پهرين ٺٽو ضلعو ڪراچي جو حصو هيو،ان کان پوءِ 1948ع ۾ ضلعي جو درجو مليس. تحفت الطاهرين، سنڌ جي تاريخ ۽ ٻين ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ٺٽي شهر جو بنياد 883هه بمطابق 1585ع ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي هڪ پهاڙي جي دامن ۾ رکيو هو. تاريخ ۾ ٺٽي کي جن مختلف نالن سان ياد ڪيو آهي، اهي آهن هتم، حتم نگر نهٽ، ٺهٽ، ٽهٽهه، تته تثو، ٺهٽو. ٺٽي مان اهڙا نشان ملن ٿا جيڪي موئن جي دڙي جا هم عصر آهن. ٺٽي ۾ تاريخي هنڌ بيشمار آهن انهن ۾ گهڻيون مسجدون آهن، جيڪي گهڻو ڪري ترخان ۽ بابري مغلن جي دور جون ٺهيل آهن، هتي اوليائن ڪرامن جا مقبرا ۽ ڪيتريون ئي تاريخي مسجدون به آهن. ٺٽو تاريخي لحاظ سان قديم شهر ملتان جو هم عصر آهي ڇو ته هتي ڪيترين ئي قومن جي شهنشاهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ خوبصورت عمارتون ۽ مسجد ٺهرايون. مسلمان بادشاهن کان علاوه لاشاري، بلوچ، کوسه، رند، بروهي، جا کرا، ٽابرا، جوکيا، تاجر قبيلا ايران ۽ بلوچستان مان لڏي آيا ۽ هتي آباد ٿيا. ٻاهران آيل عباسي خاندان جي حڪمرانن جو ذڪر اهم آهي جيڪي بعد ۾ هتي ئي مدفعون ٿيا، کين سنڌ ۾ ڪلهوڙا لقب مليو.
مڪلي جي قبرستان ۾ تقريبن 33 بادشاهه، 17 گورنر، سوا لک اولياءَ ۽ لاتعداد دانشور، اديب، شاعر ۽ عام ماڻهو دفن ٿيل آهن. هي قبرستان ٺٽي شهر کان 2 ميل پري ڪوهه مڪلي ۾ ضلع ڪچهري ٺٽي جي ويجهو ڪراچي روڊ تي واقع آهي. هتان هڪ رستو ريلوي اسٽيشن جُنگ شاهي به وڃي ٿو. هي سنڌ جو سڀ کان قديم ۽ وسيع قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ 1334ع کان وٺي 1740ع تائين تدفين جو سلسلو جاري رهيو. مڪلي رڳو قبرستان ئي نه آهي پر هي ماضي جي تخت ۽ تاريخ جو ورق آهي. مڪلي جي قبرستان ۾ قبرن ۽ ٻين منزلن لاءِ استعمال ٿيل پٿر جُنگ شاهي جو آهي. قبرستان ۾ 14 هين کان 16 هين صدي جي دور جا جيڪي مقبرا آهن انهن ۾ ڄام نظام الدين مبارڪ خان ۽ ملڪ راج پال جا مقبرا شامل آهن، اهي سڀ حڪمران سما دؤر سان تعلق رکن ٿا، جن 185 سال ٺٽي ۽ ڀر وارن علائقن تي حڪومت ڪئي. ٻيو دؤر ترخانن ۽ ارغونن جو هو جيڪو 16هين صديءَ تائين هو. ان دور جا عيسيٰ خان ترخان. باقي بيگ ترجان، سلطان ابراهيم، مير سليمان مڪلي ۾ دفن آهن، جڏهن ته ٽيون دؤر مغلن جو هو جيڪو 16 هين کان 18 هين صديءَ تائين رهيو، ان دور ۾ جاني بيگ ترخان، باقي بيگ، ازيڪ تفرل بيگ ۽ عيسيٰ خان ترخان هتي دفن ٿيل آهن. هتي ڪيترن ئي بزرگن جون به مزارون آهن انهن مان سڀ کان اهم عبدالله شاهه اصحابي جي مزار آهي. اهڙي طرح قبرستان سان چار سئو سال پراڻي تهذيب وابسته آهي. 
هتي اوليائن جي مقبرن کان علاوه ڪيتريون ئي تاريخي مسجدون به آهن جن جا نالا هي آهن. مسجد شاهجهان: هيءَ مسجد ٺٽي جي سڀ کان مشهور ۽ وڏي جامع مسجد آهي هن مسجد جي تعمير تي 9 لک روپيا خرچ آيو هو. هن مسجد کي امير ابوالتجا امير خان مغل بادشاهه شهاب الدين (شاهجهان) جي حڪم تي تعمير ڪرايو هو. هن مسجد جي تعمير1644ع ۾ شروع ٿي ۽ 1647ع ۾ مڪمل ٿي. مسجد جي طرز تعمير سان مغلن جي تعميراتي ڪم جي اهميت جو پتو پوي ٿو. هن مسجد ۽ لاهور ۾ مغل دور جي اڏاوتن ۾ ڪافي هڪ جهڙائي آهي.لاهور جي شالامار باغ جيان هن مسجد جي باغ ۾ ڦوهارا لڳل آهن. مسجد جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جي مٿان گنبذن جو تعداد هڪ سؤ آهي. ٺٽو هڪ قديم تاريخي شهر آهي ۽ ڪيترائي غير ملڪي ۽ ملڪي سياح هن کي ڏسڻ اچن ٿا. هو شاهي مسجد جي فن تعمير مان جيترا متاثر ٿيندا آهن اهو ناقابل بيان آهي.
مسجد مظفر خان؛ مرزا غازي بيگ ترخان جي وفات بعد 1612ع ۾ مظفر خان کي ٺٽي جي جمعداري ڏني وئي ان نهايت خوبصورت ۽ دلڪش رنگن سان آراسته مسجد تعمير ڪرائي، جنهن کي سندس نالي پويان مسجد مظفر خان سڏيو وڃي ٿو. جامع فرخ؛ مرزا فرخ ارغون ترخان جو شمار مرزا شاهه حسين ارخون ترخان جي مشهور اميرن ۾ ٿئي ٿو. ان هي مسجدتعمير ڪرائي هئي.َ هي عاليشان مسجد عهد شاهجهاني ۾ ٻيهر تعمير ڪرائي وئي. مسجد خضر حيات: هيءَ مسجد ٺٽي جي وچ شهر ۽ بازار ۾ موجود آهي. هيءَ مسجد مير رزاق مصموري مغل شهنشاهه نورالدين جهانگير جي دؤر کان موجود آهي ۽ ان ئي ٺهرائي. مسجد امير خان: هن مسجد جو باني نواب امير بيگ ارغون ترستان خاندان مان هو. مرزا جاتي بيگ ترخان جي لشڪر ۾ امير بيگ کي خاص مقام حاصل هيو. ٺٽي جي بازار امير بيگ ان سان ئي منسوب آهي. اها مسجد ان تعمير ڪرائي. مسجد امير خسرو: ٺٽي جي ناظم امير خسرو 1588ع ۾ ٺٽي شهر کان ٻاهر اها مسجد تعمير ڪرائي، اڄ ان مسجد جو نانءُ نشان ناهي رهيو. 
ڪينجهر ڍنڍ ۽ هاليجي ڍنڍ: ٺٽي کان تقريبن 30 ڪلوميٽر پري پاڪستان جي خوبصورت ڪينجهر ڍنڍ موجود آهي. هيءَ ڍنڍ حيدرآباد روڊ تي واقع آهي. هيءَ قدرتي ڍنڍ ڪينجهر ۽ مضوعي ڍنڍ هاليجي ڪيترن ئي ميلن تي پکڙيل آهن. ڪينجهر ڍنڍ سان ٺٽي ۾ نور ڄام تماچي رومانوي داستان به منسوب آهي. سنڌ جو حڪمران ڄام تماچي ماهيگير قبيلي جي عورت نوريءَ تي موهجي پيو هو.نوري جي قبر اڄ ڪينجهر ڍنڍ اندر مٽيءَ جي دڙي تي موجود آهي.
مرزا عيسيٰ خان ترخان شاني مغليه دؤر ۾ ٺٽي جو گورنر هو. مڪلي ۾ واقع سندس مقبرو مغل دؤر جي سڀ کان وڏي ۽ عظيم الشان عمارت آهي. مقبرو تمام اوچو ۽ وڏو آهي، ان تي ڪنهن قلعي جو مک دروازو هجڻ جو گمان ٿئي ٿو. ان جي تعمير ۾ اٺ اٺ فٽ کان ڊگهن پٿرن تي خوبصورت (قرآني آيتون) ۽ خوبصورت گلڪاري ٿيل آهي جو ان کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويندا آهن. اها ٻه ماڙ عمارت آهي جنهن ۾ مٿين منزل عورتن لاءِ مخصوص هئي، مرزا عيسيٰ خان ترخان ۽ ان جو پوٽو مرزا عيسيٰ خان ترخان ثاني سنڌ جا گورنر ٿيا مرزا عيسيٰ خان ثاني کي 1627ع ۾سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. شاهجهان دؤر حڪومت ۾ هو ڪرنال جو قلعيدار هو. عيسيٰ خان ترخان ثاني جي وفات 1664ع ۾ ٿي، عيسيٰ خان ثاني جو والد مرزا جان بابا جو مقبرو به ڏسڻ وٽان آهي. مرزا جاني بيگ ترخان خاندان جو آخري فرد هيو. مرزا جاني بيگ ۽ ان جي پٽ مرزا غازي بيگ کي سندن وصيت مطابق مڪلي ٺٽي ۾ دفنايو ويو.