Friday 23 March 2018

سنڌي مضمون نويسي

مضمون نويسي به سنڌ ۾ انگريزن جي معرفت آئي. مضمون عام طرح سان هڪ درمياني طوالت واري نثري تحرير آهي. مضمون نثر جي هڪ اهڙي صنف آهي جنهن ۾ ڪنهن ادبي، فلسفيانه يا سماجي موضوع تي شخصي يا تاريخي نظر کان روشني وڌي وئي هجي. مضمون نگاريءَ ۾ انفرادي سوچ ۽ فڪر، ڪلام ۽ گفتگو جي انداز، ذاتي مشاهدي ۽ تجربن ۽ پنهنجي افتادِ طبع جو گهڻو دخل هوندو آهي

مضمون ۾ باقاعده ربط نه هوندو آهي. مضمون نگار ڪٿي ڪو واقعو بيان ڪندو آهي ته وري ڪٿي طنزو مزاج، ڪٿي ذاتي مشاهدو ته وري ڪٿي تخيلات ۽ منظرنگاريءَ ۾ گم ٿي ويندو اهي. مطلب ته سڀ هيلا استعمال ڪري مضمون کي وڌ کان وڌ دلچسپ بڻائيندو ويندو آهي. مضمون لکڻ دوران هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گهرجن

مضمون نثر ۾ هجڻ گهرجي
مضمون جي طوالت درمياني هجڻ گهرجي
مضمون جو تعلق موضوع جي خّارجي پهلو سان هجي
مضمون ۾ مضمون نگار جي شخصيت جو عڪس ظاهر هجڻ گهرجي
مضمون عام، سادي، سوادي ۽ دلچسپ ٻوليءَ ۾ هجي

سنڌي مضمون نگاريءَ جي تاريخ

سنڌي شاعريءَ جون سموريون صنفون گهڻو ڪري برصغير جي ٻولين کان متاثر آهن پر نثر جون لڳ ڀڳ سڀ صنفون مغربي ملڪن جي ادب کان متاثر آهن. سنڌي مضمون جي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو

پهريون دور (1861ع کان1900ع)

سنڌي مضمون نويسيءَ جي ابتدا 1861ع ۾ سنڌي صحافت جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٿي. پهرين سنڌي اخبار مرزا محمد صادق 1861ع ۾ جاري ڪئي. تنهن کانپوءِ ڪجهه ئي وقت ۾ ٻيون اخبارون نڪتيون جن ۾ سنڌي مضمون ڇپجڻ لڳا. ”سرسوتي مخزن“ ۽ ”جوت“ جا مضمون ”هيري جون ڪهاڻيون“ ۽ ”گُل ڦُل“ جي نالي سان شايع ڪيا ويا. مرزا قليچ بيگ هن دور جو نمايان مضمون نگار ۽ ترجمه نگار هو. هن دور جا مضمون گهڻو ڪري سماجي، اخلاقي، تعليمي ۽ سير سياحت تي مشتمل هئا

ٻيو دور (1900ع کان 1947ع)

سال 1900ع تائين ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون وجود ۾ اچي چڪيون هيون جنهن جي نتيجي ۾ مضمون نويسي ڪافي ترقي ڪئي ۽ هر قسم جا سنجيده، فلسفيانه ۽ طنزومزاح تي مشتمل مضمون لکيا ويا. هن دور جي مضمون نگارن ۾ شمس الدين بلبل، ڄيٺمل پرسرام، محمد هاشم مخلص، مولانا دين محمد وفائي، منگهارام ملڪاڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر داود پوٽو ۽ محمد اسماعيل عرساڻي شامل آهن. هن دور ۾ هيٺيان مشهور مضمونن جا مجموعا شايع ٿيا

چڻنگون_تيرٿ سنت
ادبي گنچو_نارائڻ داس ڀمڀاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻي
ادبي آئينو_ليکراج عزيز
ڳوٺاڻي چهر ۽ انار دانا_نارائڻ داس ملڪاڻي
سدا گلاب_لال چند امر ڏنو مل
درسِ عمل_عثمان علي انصاري

ٽيون دور (ورهاڱي کان اڄ تائين)

برصغير جو ورهاڱو سنڌي ادب تي تمام گهڻو اثرانداز ٿيو. ورهاڱي سبب جيڪي سنڌي هندوستان لڏي ويا سي نه فقط ناميارا اديب هئا پر سنڌي پريس پڻ انهن وٽ هئي. انهن جي وڃڻ جي ڪري سنڌ جي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. جيڪا بي سروساماني پيدا ٿي اُن کي سياسي ڪشمڪش ۽ معاشي بدحالي ويتر وڌائي ڇڏيو

ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب جي ٻين صنفن سان گڏوگڏ مضمون نويسيءَ جي صنف کي به نقصان رسيو. مضمون نگاريءَ جي بقا جا آثار تڏهن پيدا ٿيا جڏهن ڪجهه رسالا جهڙوڪ ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ شايع ٿيڻ لڳا. تنهن کانپوءِ ٻيا رسالا ۽ اخبارون پڻ سنڌي مضمون شايع ڪرڻ لڳا

هن دور جي شروعات ۾ محمد اسماعيل عرساڻي، ڪريم ڏنو راڄپر ۽ عطا حسين موسوي بهترين مضمون نگار هئا. تاريخي مضمونن ۾ چيتن ماڙيوالا نمايان هو. اُن کانپوءِ علي محمد راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ڪيترائي تاريخي مضمون لکيا

سنڌي مضمون ايڪيهين صدي عيسويءَ ۾

سنڌي مضمون نگاري ايڪيهين صدي عيسويءَ ۾ اڳ کان وڌيڪ ٿي رهي آهي پر بد قسمتيءَ سان انهن جو معيار ماضيءَ جهڙو ناهي رهيو. اڄڪلهه ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا سنڌي مضمون شايع ڪن پيا جن ۾ مان مکيه هي آهن

ماهوار سهڻي
ماهوار سوجهرو
ٽه_ماهي مهراڻ
عبرت ميگزين
روزاني ڪاوش، عبرت، هلال پاڪستان وغيره

Thursday 22 March 2018

انٽرنيٽ ڪڏهن ۽ ڪئين وجود ۾ آيو

”انٽرنيٽ جو باني ڪير آهي ۽ انهي کي ڇا جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي
اها ڄاڻ گهٽ ماڻهن کي هوندي، جڏهن ته انهي رابطن واري نظام کي ٺاهيندي،
30 سال ٿي چڪا آهن، انٽرنيٽ جو پهريون نالو ”آرپنيٽ“ هيو.
برطانيه سان تعلق رکندڙ ويلش سائنسدان ڊونلڊ ڊيوس مواصلاتي رابطي
”آرپنيٽ“ کي 1960ع ۾ ڊيزائين ڪيو هو، جنهن کي صرف آمريڪي دفاعي کاتي
جي رابطن لاءِ استمعال ڪيو ويندو هيو، جنهن کي وسيع ڪرڻ لاءِ
آمريڪي يونيورسٽين ۽ ريسرچ سينٽرن ۾ ان تي ڪم ڪيو ويو، خاص طور تي
يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۽ اسٽين فورڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاران
انهي نيٽ ورڪ کي جديد ۽ فعال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سن 1973ع ۾ ”انٽر پروٽوڪول ڪميونيڪيشن سسٽم“ کي وڌيڪ وسيع
۽ طاقتور ڪرڻ جو ڪم ٿيو جنهن کانپوءِ انهي مواصلاتي رابطي سان
ڪميونيڪيشن واري دنيا ۾ انقلاب اچي ويو، انٽرنيٽ جو نظام پهريان کان
موجود رابطن واري نظام جي ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هيو،
برطانوي سائنسدان ٽِم برنلي 6 سالن کانپوءِ انهي رابطي کي استعمال
ڪندي 1989ع ۾ ” انٽر لنڪ هائپر ٽيڪسٽ ڊاڪيومينٽس“ ايجاد ڪيو
جنهن بعد ۾ ” ورلڊ وائڊ ويب“ جو نالو ماڻيو، جڏهن ته 1983ع ۾ پهرين جنوري تي
انٽرنيٽ نظام کي باقائده طور استعمال ڪيو ويو هيو جيڪو هن وقت
سستو مواصلاتي رابطن وارو نظام بڻجي چڪو آهي،
۽ ڪروڙين ماڻهو انهي ذريعي پنهنجو ڪم ڪن ٿا.
ان حوالي سان پهرين جنوري کي ”فليگ ڊي“ جو نالو به ڏنو ويو.
جڏهن ته آمريڪي دفاعي کاتي مواصلاتي رابطن واري نظام
کي ”انٽرنيٽ پروٽوڪول ڪميونيڪيشن سسٽم“ ۾ تبديل ڪيو ويو،
پر انٽرنيٽ واري شروعاتي نظام ٺاهيندڙ ڊونلڊ ڊيوس کي پاڻ اها توقع نه
هوندي ته سندس ٺاهيل مواصلاتي رابطن وارو نظام اڳتي هلي ايترو
وسيع ۽ فائدي وارو ٿيندو ۽ ”آرپنيٽ“ ”انٽرنيٽ“ ۾ تبديل ٿي ويندو

Wednesday 21 March 2018

اياز سومري جو موت ۽ ڪجھ تلخ سوالَ…!پروفيسر ساجد سومري جو هي مضمون ضرور پڙهندا

.

هاڻي هاڻي خبر پئي اٿم ته پ پ جو اهم اڳواڻ اياز سومرو صاحب آمريڪا جي ڪنهن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

انا للالله وانا اليھ راجعون.

يقينن هڪ انسان جي وڇوڙي تي فطري طور ڏک پهچي ٿو.

پر سڀني انسانن جي موت پڄاڻان انهن جي سماجي رتبي ۽ عهدن جي اعتبار کان مخصوص ذميواريءَ واري خصوصي مسند جي ڪري سندن مشروط احتساب جو به سماج ۽ تاريخ اندر سوال اٿي ٿو.  جنهن تي قرآن شريف به زور ڏيندي نظر اچي ٿو ۽ لطيف سائين به چيو هو ته ؛

تنهين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري…!

ڪالھ مير هزار خان وقت کان اڳ بي موت مري ويو، اڄ اياز سومرو به بي موت مري ويو. پر سوال اهو اۡھي ته هي جاگيردار طبقي جا
پيرَ
ميرَ
وڏيرا
ڀوتارَ
منسٽرَ
ايم پي اي
۽ ايم اين اي آخر پنهنجي زندگيءَ ۾ وطن کي
قوم کي
انسان کي
ياد ڇو نه ٿا ڪن؟؟

هن مهل اسان اياز سومرو کي آخر ڪهڙي سبب جي ڪري سماج ۽ تاريخ ۾ ياد ڪريون؟؟

۽ سٺن لفظن ۾ آخر ڇا لئه ياد ڪريون؟؟؟

آخر ايازسومرو سماج ۽ تاريخ لاء اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏئي ويو ؟ جنهن سبب  کيس ياد ڪندي اسان جي اکين ۾ ڪي پاڻ مرادو لڙڪ تري اچن…!

ها هو گهر ڀاتين لاء ته ڪروڙين اربين روپيا ٺاهي ويو. ملڪيتون ٺاهي ويو. پنهنجي ڀائرن کي سياسي اثر رسوخ جي ڪري ايس پي بڻائي ويو. پر سنڌ کي آخر ڇا ڏئي ويو؟؟؟ ؟

سنڌي قوم کي ڇا ڏئي ويو؟؟؟

سماج ۽ تاريخَ کي ڇا ڏئي ويو؟؟؟؟؟

اسيمبلي ۾ ڪهڙي ڏينهن سنڌ جي قومي مسئلن تي ڪو هڪ به يادگار بل پاس ڪرائي سگهيو؟

جنهن کي ياد ڪندي اسان کيس ڪو سرخ سلام پيش ڪريون!

سالن کان هر دؤر جي هر ٽينئوئر واري اربين روپين جي بجيٽ مان ڪهڙو لاڙڪاڻي کي ڀلا پيرس بڻائي ويو؟  جو اسان کيس ڪو قومي سلام پيش ڪريون؟

ڪهڙي سنڌ جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن لاء ڪا هڪ دفعو به اسيمبلي ۾ يادگار تقرير ڪئي هئائين؟؟؟؟

ڪهڙي ڏينهن سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي چچريل لاشن تي ڪو ردعمل ڏيندي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪري ويو؟؟

پوري زندگي ۾ ڪهڙي ڏينهن سي پيڪ جي مخالفت ۾ ڪو مؤقف رکيو؟

ڪهڙي ڏينهن سنڌ اسيمبلي يا قومي اسيمبلي ۾ ڌارين جي آبادڪاري تي ڪو آواز اٿاريو؟؟؟

ڪهڙي ڏينهن بلاول ۽ زرداري آڏو ڪو سنڌ پرست عوام دوست مؤقف رکندي احتجاج ڪري اٿيو؟؟؟

ڪهڙي ڏينهن سنڌ جي پيٽ بکايل ٻارن لاء ڪو ڳڀي ماني لاء اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو؟؟

سنڌ جون مائرون ٻچن سميت خودڪشيون ڪنديون رهيون پر اياز سومري ڪهڙي ڏينهن اسيمبلي ۾ هيٺين پيڙهيل طبقي لاء ڪو خاص قانون ٺاهڻ لاء ڪو بل پيش ڪيو يا آواز اٿاريو؟؟؟

ٿر ۾ معصوم سنڌي نياڻيون پيئڻ جي پاڻي ڍڪ لاء تڙپن ٿيون ڪهڙي ڏينهن ايازسومري انهن لاء سنڌ حڪومت تي ڪو پريشر وڌو ته اگر ٿر ۾ پاڻي جو مسئلو حل نٿا ڪريو ته آئون استعفي ٿو ڏيان؟؟؟

يار اسان آخر ڪڏھن زندگي جو فلسفو سمجهندا سين؟؟؟؟
اسان آخر ڪڏھن هڪٻئي کي سچ چئي ڪو صحتمند سماج اڏيندا سين؟؟؟

اڄ روئڻ ٿو اچي ته صوبائي توڙي وفاقي اسيمبلي کان سينيٽ تائين اهڙو ڪهڙو ڪو هڪڙو سنڌ جو نمائندو آهي جنهن وٽ سنڌ جي ماڻهن لاء ڪو درد هجي ؟؟؟؟

جيڪو به ان اليٽ ڪلاس ۾ وڃي ٿو ته اهو اڳين ڀوتارن کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿو ثابت ٿئي.

اياز سومرو به ايئن مڊل ڪلاس مان مٿي ويو جيئن خورشيد شاھ ميٽر ريڊر مان وڏو ارب کرب پتي ليڊر ٿيو آهي جيڪو اڄ سنڌ جي نوجوانن کي ڇولا کپائڻ لاء بڪواس ٿو ڪري ته وڃي ڇولا ڪپايو نوڪريون ناهن .  ڇو پڻن جي جاگير آ ڇا سنڌ؟؟؟؟

ڪالھ مولا بخش چانڊيو موٽر سائيڪل تي چڙهي گهمندو هيو جيڪو اسان سان گڏ قاسم آباد ۾ وسڪيون پيئندو هيو اڄ اليٽ ڪلاس جو اهو سوئر ٿي ويو آهي جو کيس نه سنڌ ٿي نظر اچي ، نه وطن ٿو نظر اچي، نه انسان ٿو نظر اچي .نه ئي انسانن جو ڪو درد ئي کيس نظر ٿو اچي…!!

اڄ ان مولابخشّ چانڊئي سان مون جهڙي پراڻي اديب دوست جي ملاقات به ناممڪن آهي ته عام ماڻهو سان هي ٺڳ ڪيئن ملندو؟
۽ ڪهڙو عام ماڻهوء جو ڪم ڪندو؟

بس هنن ٺڳن جي اڳيان پويان سوين ڪرپٽ ٺيڪيدار ڪرپٽ آفيسر ۽ ڪرپٽ ٽينڊر ڪلارڪ موجود آهن ڇو ته هي سڀ گڏجي عوامي بجيٽ جو ٻيڙو ٿا ٻوڙن ۽ هرهڪ حراميء وٽ هر هڪ شھر ۾ الڳ الڳ بنگللا آهن پر مون جهڙو 19 گريڊ جو ماڻهو هڪ ڪمري جو گهر به نٿو وٺي سگهي. ته عام بيورزگار ماڻهو جو ڇا حشر هوندو؟؟؟؟

پر آخر ڇو؟؟؟؟

اهڙو ڪهڙو اسيمبلي ميمبر ٿيڻ تي ماڻهو جو مٿو خراب ٿو ٿي وڃي جو کائنس انسانيت موڪلائي ٿي وڃي .ايتري تائين جو کائنس موت به وسري ٿو وڃي ته يار مرڻو به آهي.ڪو ته وطن قوم ۽ انسان لاء به ڪم ڪجي رڳو زرداري جي ڪمداري ته نه ڪجي…!

قيوم سومرو ڪالھ رستم شڪارپور جي هڪ ننڍي ڳوٺ جو موٽر سائيڪل تي چڙهي گهمندڙ عام رواجي ڊاڪٽر هيو. پر ڪراچي سينٽرل جيل ۾ اهڙي ڪا خاص زرداري جي خدمت ڪيائين جو هاڻ سڄي ملڪ جي سينيٽرس جي خريد و فروخت جو اهو زرداري جو ٺيڪيدار لڳو ٿو وتي جيڪو اربها روپيا روڪ کڻي ڪنهن مهل ڪوئٽا جا ميمبر ٿو خريد ڪري ته ڪنهن مهل ڪي پي ڪي ۾ ميمبر خريد ڪرڻ پهچي ٿو وڃي.

هنن ڪرپٽ مڊل ڪلاس جي نو دولتين جو ڪو احتساب ڪرڻ وارو ڪونهي ته رات و رات اوهان ڪيئن ارب پتي ٿي ويا؟؟؟؟

سو مونکي ڪير ڪيترون به گاريون ڏي پر لکبو سچ ته هي سنڌ جو اسيمبلي ميمبر ،هي عوامي نمائندو اصل ۾ عوام جو سودو ڪري .قوم وطن جو سودو ڪري ذاتي عياشيون ڪري ٿو. گهر ڀاتين لاء اربين روپين جي ملڪيت ٺاهي ٿو پر وٽس انسانيت جوقوم جو
وطن جو ذرو به احساس ناهي…!

ان ڪري آئون انهن جي موت تي به انهن کي معاف نٿو ڪري سگهان
هي تاريخ جا مجرم آهن

ها ايازسومرو به تاريخ جو مجرم آهي . اسان کيس ڪنهن به صورت معاف نٿا ڪري سگهون…!

اڃا اياز سومري جو لاش دفن به ناهي ٿيو، ڏسان ڪيئن ٿي کيس حرام جي ملڪيت منهنجي تنقيد کان بچائي سگهي ؟؟

جنهن ڪارڻ هن وطن قوم ۽ انسانيت کي به وساري ڇڏيو. موت کي به وساري ڇڏيو.…!

سو هاڻ
جيڪو به مير هزار
جيڪو به اياز سومرو
جيڪو به سردار
جيڪو به پير مير
جيڪو به اسيمبلي ميمبر
جيڪو به سنڌ جو غدار مرندو ته هي پروفيسر اڪيلي سر کيس تدفين کان اڳ ئي قومي غدار قرار ڏئي سچ ضرور لکندو.

ڇو ته اهي ڪروڙين سنڌي معصوم ماڻهو به انسان ئي آهن جيڪي 21 صدي ۾ به بجلي پاڻي گئس روزگار صحت ۽ امن کان وانجهيل رهن ٿا .ڇو ته هي انهن جي بجيٽ کائي ٿا وڃن.  ان ڪري هنن کي معاف نه ڪندس 

جيئن تاريخ بي رحم ٿيندي آهي
تيئن مون کي به بي رحم ٿيڻو پوندو

هن جو لاش لنڊن يا نيويارڪ مان ٿو موٽي پر مان هن ذليل نّظام جي ڪري  پنهنجي مٺڙي امان جو لاش صرف چند لک روپيا نه هئڻ ڪري ڪراچي مان کڻي موٽيو هيس ڇو ته مون وٽ ايترا پئسا ڪونه هيا جو امان جو آغا خان ۾ وقتائتو آپريشن ڪرائي سگهان ها.…!

۽ امان منهنجي هٿن ٻانهن مان هلي وئي پر مان ڪجھ به ڪري نه سگهيس ڇو ته مون وٽ پئسو ڪونه هيو…!

ايئن روز منهنجي جيجل سنڌ جي ڪيترين ئي مائرن جا لاش واپس ٿا اچن جن وٽ علاج جا پئسا ناهن.
روز ڪيترن نياڻين جا لاش ٿا گهر موٽن جن جي ڀائرن وٽ ڀيڻن جي علاج لاء پئسا ناهن.

ڇو هي ستر سالن جي بجيٽ ۾ هر تعلقي هيڊ ڪوارٽر اندر هڪ آغا خان ليول جي سرڪاري خرچ واري اسپتال به نٿا ٺهرائي سگهن'؟؟؟

سو مان جڏهن ڪنهن اليٽ ڪلاس جو موت ڏسندو آهيان ته مونکي ڪو رحم ناهي ايندو. اچڻ به نه کپي.  ڇو ته اسان جو ڪلاس ڪيئن چيچلائي چيچلائي جيئي ۽ مري ٿو؟؟ اهو درد ڪڏهن ڪو اسيمبلي ميمبر سمجهي ئي نٿو سگهي.…!

هنن کي جيئن وڻي تيئن جيئن
پر هنن جي موت جو ڏينهن اسان جو ڏينهن آهي
ان ڏينهن هنن کي اهو سچ چئبو جو سندن سڄي زندگي سواليه نشان بڻجي رهجي ويندي…!

اسان لاء عظيم اهو آهي جيڪو انسان لاء جيئي انسان لاء مري.
جيڪو سنڌ لاء جيئي ۽ سنڌ لاء مري…!

سنڌ اول سنڌ آخر َ…!

منهنجي ڌرتيء جو ڪوبه غاصب
ڪو به  غدار نه  بخشيو ويندو…!