Sunday, 21 January 2018

روزاني ً  پورهيو ً  ڄامشورو جي ٿورن سان 22/1/2018

نئين ٽهي جو نوجوان سماجي ورڪر "ڪي بي وڪيجو " خدابخش پالاري

جميل خانزاده لوهاراڻي /ٿاڻو بولاخان

ڪوهستان جي سونهاري  مانائتي مٽيءَ جوڌا، ارڏا، بيباڪ، بهادر، سماج جي لا پتوڙيندڙ ،  سُکن سچارا، مَئي مارڻ وارا، خود کي خاڪ ڪندڙ ۽ ڪيئي املهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا  آهن ، سنڌ جي تاريخي ختي ڪوهستان  ۾ هميشه اهڙا جاکوڙي ، هڏڏوکيءَ، همدرد شخص، سماجي ورڪر، ٻين لاءِ جيئندڙ، سماجي ڪمن ۾ زندگي گذاريندڙ شخص پيدا ٿيا آهن جن هميشه ٻين لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي آهي انهن ۾ ڪنهن پارٽي سان واسطو رکندڙ ڪارڪنن، ورڪر اڳواڻ هجن يا سماجي ورڪر، سوشل سياسي علمي ادبي اڳواڻ هجن استاد ڊاڪٽر پروفيسر وڪيل هجن انهن هميشه خدمت کي پنهجو فرض سمجهيو آهي انهن شخصيتن مان هن نئين ٽهي جو نوجوان سماجي ورڪر  " ڪي بي وڪيجو " خدابخش پالاري پڻ آهي،  هن نوجوان مُهم جُو ۽ ٿر جهڙي رُڃ ۾ زندگيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن تي ڪجهه قدر روشني وجهڻ کان اڳ، سندس حالاتِ زندگيءَ تي، هڪ مختصر طائرانه نظر وجهجي ، خدابخش پالاري جو جنم 1990ع ۾ نوري آباد جي هڪ ننڍڙ ڳوٺ فضل پالاري ۾ ٿيو ، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان مڪمل ڪري وڌيڪ پڙهڻ لاء ڪراچي جي دنبه ڳوٺ ويو  جتان ميٽرڪ مڪمل ڪري انٽر جهمپير مان ڪيو ، جڏهن ته بي اي جي ڊگري ڪوٽڙي ڪاليج مان حاصل ڪئي ، خدابخش پالاري هن وقت هڪ پرائيوٽ اين جي اوز ۾ استاد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين شاعر ۽ سماجي ورڪر پڻ آهي ، شاعري ۾ . هن تقريبن سڀني صنفن تي لکيو آهي جهڙوڪ بيت،چوسٽا،هائيڪا،گيت،نظم ،وائي ۽ گهڻو غزل لکيو اٿس. سندس جي لکيل مواد جو مجموعو لڳ ڀڳ هڪ سو هوندو جن مان ڪجه مواد  ريڊيو حيدرآباد فيبا ۽ ٻين ڪيترن ئي ريڊيو اسٽيشن اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چُڪو  آهي  ،خدابخش پالاري جو لکيل هڪ غزل سنڌ جي مشهور گلوڪار الله ڏني خاصخيلي جي  موبي پٽ پڻ ڳايو ، خدابخش پالاري هن وقت ڪوهستان ۾ ڪم  ڪندڙ ڪيترن  ئي  سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل آهي   پاڻ اڄ به دنيا جي ٻين ڪيترن ئي جنجهٽن کان آجو ٿي ڪري انهيءَ سرگرمين رُڌل آهي   خدابخش پالاري کان  پڇيل هڪ سوال جي جواب پاڻ  ۾ ٻڌايو ته منهنجي زندگي جو مقصد صرف مسڪين ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ سماجي خدمت سان منهنجي روح جو رشتو آهي، ننڍپڻ کان وٺي منهنجي جيون ۾ سماجي خدمت وارو عنصر توڙي جذبو رهندو اچي پيو ، پيري مريديءَ بابت ٻڌايائون ته غريبن، بيواهن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندڙ منهنجي لاءِ مرشد وانگر آهن. هڪ چواڻي آهي ته ”علم ريءَ فقيري جي واريءَ منجهه پروڻ“ ان ڪري علم کان بغير نه ته پاڻ کي سڃاڻي سگهجي ٿو، نه ئي حق حاصل ڪري سگهجي ٿو سڀني انسانن کي علم جو ذوق ۽ شوق ضرور رکڻ گهرجي. دعا، دوکي ۽ ڪنهن جي مجبوري مان فائدو حاصل ڪرڻ کان پاڻ کي پري رکجي ته جيئن انسانيت جو معراج ماڻي سگهجي ۽ ان لاءِ صوفي درس و تدريس سان لڳاءُ رکڻ ضروري آهي ته جيئن سنڌ مان ڏک ڏولاپا ۽ بيحسيون هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن ۽ بيحسين کي جنم ڏيندڙ نظام خلاف شاهه عنايت شهيد واري جستجو ۽ واٽ وٺڻ هر نيڪ دل انسان تي لازم آهي

Thursday, 18 January 2018

ڪوهستان جي خوبصورتي تي مختصر نظر

ڪوهستان جي خوبصورتي تي مختصر نظر ،،

جميل خانزاده لوهاراڻي /ٿاڻو بولا خان

ڌرتي قدرت واري سهڻي ۽ خوبصورت بنائي آهي قدرتي تخليق ۽ حسناڪين کي ڏسندي انساني عقل بلڪل دنگ رهجي وڃي ، اهڙي طرح پڻ سنڌ ڌرتي تخليق ۽ حسناڪين جو عڪس آهي ، هونهن تہ سڄي سنڌ سهڻي آهي پر خاص ڪري ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ٿاڻي بولاخان جا ڪوهستاني علائقا جيڪي فطرتي حسن ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن ، ڪوهستان جي ايراضي 45 هزار چورس ميلن کان به مٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هڪ ميل جي علائقي ۾ ست ماڻهو رهن ٿا. ڪوهستان قديم آثارن جي لحاظ کان گهڻو مشهور آهي، بزرگن اوليائن ۽ اصحابن جا مقبرا قدرتي پاڻي جا چشما وڏا وڏا جبل مهمان نوازي پڻ ڪوهستان جي حسن جو حصو آهن ، ٿاڻي بولاخان کان اُتر طرف ستر ڪلوميٽرن تي تونگ درگاه ڄام لوهار واري چوڪنڊي قبرستان بابت ليکڪن لکيو آهي ته قبرستان 16هين صدي عيسوي کان 18هين صدي عيسوي جو لڳي ٿو ، هن قبرستان ۾ 399ٽي سو نوانوي چوڪنڊي نموني مختلف پٿرن ۽ مختلف نموني جي اکر ۽ لکتون پڻ قبرن تي موجود آهن ، قبرون ڪي ساديون ته ڪن تي اڪر ٿيل آھي. ٻن کان وٺي سورنھن پٿرن جي سليبن تائين قبرون ملن ٿيون، جيڪي مٿاڇري کان 12 فوٽ مٿي آھن. ھتي پورڻ جو نمونو -ٽن- طريقن جو ملي ٿو. ھتي ڪن قبرن ۾ ھڪ کان مٿي مردن پورڻ جو -پتو- پوي ٿو، جو ھڪ کان مٿي ھڏاوان، پڃرا مليا آھن. ڪن قبرن ۾ ٺڪراٺو ۽ -اناج- جا داڻا به مليا آھن. ھڪ کان وڌيڪ پوريل مردن واريون 31 قبرون آھن. ھي قبرستان ڪيترن ئي ايڪڙن تي ڦھليل آھي. 1991ع ۾ ھن قبرستان تي 5 لک روپيا خرچ ڪري، ڪريل قبرستان جي سليبن کي ٻيھر جوڙي قبرون ٺاھيون ويون ۽ پڻ جھنگ وغيره صاف ڪيو ويو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ ڄام آري بدو جي بادشاهي ۾ مغلن جي دور ۾ سيوهڻ کان وٺي نديء جي ساڄي ڪپ تائين گادي جو هنڌ تونگ هو ، ڄام آري بدو ڄام لوهار جو والد هو ، ڄام آري بدو کان پوء برفت قبيلي جو پڳدار ڄام لوهار ٿيو هو ، ڄام لوهار انتهائي دل جو سخي ۽ فقيراڻي طبيعت جو انسان هو ، راڄ ڀاڳ ۽ برفت قبيلي جي پڳ پنهنجي ڀائرن حوالي ڪري پاڻ گوشي نشيني اختيار ڪئي ، پوء پڳ حمل خان تي آهي جيڪو ڄام لوهار جو وڏو ڀاء هو جنهن جي خاندان ۾ ، حملاڻي ، آهن ، حمل خان جي خاندان مان مختلف ور وڪوڙ ۽ وقت کائيندي جڏهن پڳ سندس ئي خاندان مان ڪانڀو خان تي آهي هي شخصيت انتهائي طاقتور ۽ سگهاري شخصيت هئي جنهن مغل بادشاهن کي سيوهڻ ۽ ٺٽي وارن هنڌن تي وڏا نقصان رسايا جنهن بعد مغل بادشاه ڪانڀو خان کي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ ڪانڀو خان کي جاگيرون ۽ ۔ ملڪ ۔ جو خطاب ڏنو، جنهن بعد نومڙئي قبيلي جي سردار کي ، ملڪ ، سڏيو ويندو آهي ، جيڪو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي ٿو ، ملڪ سردار خان کان ٿيندو ساڳئين ئي حمل خان جي خاندان مان ملڪ سڪندر خان ۽ پوء سندس فرزند ملڪ اسد سڪندر خان جيڪو هن وقت هن قبيلي سان گڏ ڪيترن ئي ذاتن جو سرواڻ آهي ، ڳالهه هلي پئي ڪوهستان جي قديم آثارن ۽ خوبصورتي بخشيندڙ مهاڳن جي ، ساڳئين ئي چوڪنڊي تونگ واري قبرستان کان اولهہ طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قدرتي پاڻي جو چشمو پڻ آهي جيڪو مقامي ماڻهن مطابق پنج سو سال کان به پراڻو آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين وهندو اچي پيو ، هتان جي مقامي ماڻهن جو گذر سفر پڻ هن مان ٿئي ٿو ، قدرتي چشمي جي ڀرسان هندو مذهب جو پوڄا گهر پڻ آهي جيڪو ، رتن ناٿ ، جي نالي سان سنڌ توڙي هند ۾ مشهور آهي ، جيڪو شايد چشمي جي قيام کان ڪيترائي سال پوء ئي وجود ۾ آهيو ، ساڳئين ئي تونگ ۾ اوڀر طرف ڪجهہ مفاصلي تي کيرٿر نيشنل پارڪ پڻ آهي جيڪو ڪوهستاني علائقي ڪرچات سان لڳندڙ ۽ سندس نالي پويان مشهور آهي پر جيڪا خوبصورتي تونگ واري علائقي مان نظر اچي ٿي ، شايد ٻئي ڪنهن هنڌان نه اچي ، اوڀر طرف آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هي جبل خاص ڪري برساتن ۾ سياحن جي نظرن جو مرڪز بڻيل هوندو ،. کير ٿر جبل ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون ماٿريون آهن، جيڪي وسڪاري کانپوءِ سرسبز ۽ وڻندڙ ٿيو پون. برسات جي وسڪاري کانپوء کيرٿر ۽ ِ پورو ڪوهستان سائو رئو ڍڪيندو آهي. ڪيترائي اڻ پوکيل قدرتي خودرو گاهه، ٻوٽا، وليون، اڀري پوندا آهن. وڻن ٽڻن ۾ ساهه پئجي ويندو آهي. پيرون، سڱريون، ڏونرا، کٽاليون، ڪوڊير، منڊيري، ڱانڱيون، منگها، چٻڙ، سنگهراٽيون، ليار، مليرو، گولاڙا، کنڀيون، ڊامڻ، ڇهيو، جل، ڊڀ، کنب، للر، مانڌاڻو، ٽوهه، لاڻي،ڳاڱا، کٽالي مُنگھا ليار ، کٽالي ، گوهنار ، وغيره جام ٿيندا آهن ، جبل ۾ موجود جانور سرهہ ، گڊه ، هرڻ ، ۽ ناياب نسل جا پکي پڻ آهن ، جنهن کي جنگلي جيوت کاتي پاران محفوظ ڪرڻ لاء زبردست انتظام ٿيل آهي ، ڪوهستاني علائقي جي مشهور نئين بارڻ آهي جيڪا پڻ کيرٿر جبل مان نڪري ٿي ، ڪوهستاني ماڻهن جي زندگي شهري زندگي کان بلڪل الڳ آهي ، مهمان نوازي هتي جي ماڻهن جي تاريخي ۽ قديم روايت آهي ، هي سندن ايمان آهي ته ماني موليٰ جي آهي. داڻي داڻي تي مهر لڳل آهي. ، ڪوڏر ، ڪهاڙي ، اجرڪ ۽ پٽڪو پهريل هي ڪوهستان باشنده سنڌ جي ثقافت کي ڪيترين ئي سالن کان اوجاگر ڪندا اچن ، گهرن ۾ عورتون گج يا ڪنجري پائينديون آهن ، ڪوهستاني مردن سان گڏ هتان جون عورتو به محنتي ۽ هنر ڪش آهن ، ڦڙن مان ، تڏا ،ڇتر ، ٻوهارا، هٿ جو ڀرت ڀريل رليون، موتين جي پوچ جو ڪم وهاڻا، سڳيون ،ڪنڊلا ۽ گهگهو خوبصورتي جي ڪري گهڻو مشهور آهي ، ڪوهستاني مالوند ماڻهو پنهنجي ٻني ، وني لڄ ، ۽ مال کي جان کان به مٿي ڀانئيندا آهن ، برسات پوڻ کان پوء هتان جي باراني زمين پوکڻ جي لائق ٿيو پوي ، جنهن ۾ اڪثر ڪري مکيه پوکون تر، مڱ، جوئر، ۽ گوار پوکيندا آهن . برساتن کا پوء اڪ، ٿوهر، گگر، ٻير، ڪنڊي، ٻٻر، کور، نانگ ڦڻ، پٽ ڪنوار ۽ ٻين وڻڻ ۽ ٻوٽن ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويندو آهي. نانگ ڦڻ جنهن جو گل خوبصورت ٿئي ٿو ۽ پچڻ کانپوءِ ان جو ميوو به سوادي ٿئي ٿو ٽوهٽينگ جي ٻوٽي ريتيلي جاءِ تي جام ٿئي ٿي جنهن جي پاڙ کي سڪائي، پسائي اڇو سوهيرو ٺاهيو ويندو آهي. گهڻا ماڻهو پاڙ مٿان کل لاهي سرمي داني وانگر اکين ۾ ڦيرائيندا آهن. پهرئين ان جو ڄر ستين آسمان تائين پهچايو ڇڏي ۽ ڳوڙهن نڪرڻ کانپوءِ اکين ۾ ٿڌاڻ لهي ايندي آهي. جهُور هتي گهڻو ٿئي ٿو جنهن جو گل ته خوبصورت آهي پر پاڻ ته اهڙو قاتل زهر آهي جو اٺ جهڙو جانور به ان کان پاسو ڪري. اٺ کي ”جهُور“ کان پري رکڻ لاءِ ننڍي هوندي ئي هن جي پنن جو واس ڏيندا آهن. جيئن ننڍائي کان ئي هن جي زهر جو ڌپ سندس دماغ تي ڇانئجي وڃي ته وڏو ٿي هن کي ويجهو نه وڃي. ڪوهستاني ماڻهن جو چوپايو مال سان وڏو چاه هوندو آهي ، گهڻو ڪري ، ٻڪريون ، رڌون ، گئون ، وڏي تعداد ۾ پاليندا آهن ، برسات نه پوڻ سان چوپايو مال کي وڏو نقصان رسندو آهي ، برسات جي وسڻ کانپوء مالوند ماڻهن جي چهرن تي گم ٿي ويل مرڪ واپس موٽندي آهي جيڪا ڪنهن عيد جي خوشي کان گهٽ ناهي هوندي ، ڪوهستاني سگهڙ لوڪ ادب جا پارکو فن جي حوالي سان جڳ مشهور آهن ، خاص ڪري سياري جي موسم ۾ جڏهن سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان پوء ٿڪ لاهڻ لاء شام داري اوطاقن تي وڏا مچ ٻاري ڪچهريون ڪندا آهن ته آس پاس جي علائقن مان ننڍا ، وڏا ، ٻار پوڙها ، پڪا اچيو ڪچهري جا مور بنجدا آهن، ڪچهري ۾ مقامي فنڪار ، ڏور ، بيت ، ڳجهارتون ، ڪاڻهيون ، قصا ، راڳ ، بانسري ، ڌنبورو ، چڻگ ، ۽ مورا ٻدائي محفل ۾ ايندڙ ماڻهن کان ڌاد وصول ڪندا آهن ، جيتوڻيڪ هاڻوڪيون برساتون ڪوهستان ۾ گهٽ وسيون آهن پر دل ۾ آس ۽ اميدون پالڻهار ۾ رکيو ويٺا آهن ، بارگاهه الهاهي ۾ دعا آهي ، اسان جو ملڪ پاڪستان سنڌ اسان جي جند سدا سرسبز ۽ آباد رهي ، ڪوهستان ۽ ڪوهستاني مسڪرائيندا رهن ، آمين

ملڪ اسد سڪندر خان جي سياسي سفر تي نظر ،،،،

ملڪ اسد سڪندر خان جي سياسي سفر تي نظر ،،،،

جميل خانزاده لوهاراڻي /ٿاڻوبولاخان

ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر خان جي  سياسي ڪيريئر تي نظر گهمائجي ته پاڻ سياست ۾ هميشه سوڀارا رهيا آهن هر دفعي ڪاميابي سندس ئي حصي ۾ آهي ۽ مخالفن کي هميشه شڪست جو ئي منهن ڏسڻو پيو  ، ضلعي ڄامشوري جي تاريخ تي نظر ڪجي ته سائين جي ايم سيد ، پير علي محمد شاه راشدي ، شفيق مهيسر ، حاجي صديق شورو ، ڊاڪٽر سڪندر شورو ، سيد جلال محمود شاه ، سيد زمان شاه ، غلام نبي پرين شورو ، ڪامريڊ سليمان ڀلائي ، نواب عبدالغني ٽالپر ، پير مجيب شاه ، حميد جتوئي ، لياقت جتوئي ، نبن خان لنڊ ، پير مظهرالحق ، منور ٻٽ ، امير بخش جوڻيجو ، حاجي ظفر خان لغاري ، ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو وفاقي توڙي پارليامينٽ ۾ وڃڻ لاء چونڊون وڙهي کٽيندا ۽ هارائيندا رهيا آهن، پر ملڪ اسد سڪندر خان واحد ليڊر آهي جنهن جي سياست ۾ پير پائڻ سان هن وقت تائين ناقابل شڪست رهيا آهن
هن وقت ڄامشوري ضلعي جي سڀ کان سگهاري طاقت جو نالو به ملڪ اسد آهي ،
ملڪ اسد سڪندر خان جي ڪاميابين جو راز ڪنهن  سگهاري پارٽي يا ڪنهن طاقتور ڌرُ  جو هٿ نه بلڪہ ضلعي ڄامشوري جي   عوام سان سندس جي ڪيل حسن سلوڪ ۽ بهترين اخلاق جي موٽ آهي ، ۽ پاڻ اهو واضح لفظن ۾ چوندا آهن ته مان قلندر جو فقير آهيان ۽ منهنجي ڪاميابين جو راز صرف اوهان ماڻهن جي مونسان خلوص سچي محبت آهي ،
ملڪ اسد سڪندر خان هڪ بهترين ۽اعليٰ پايي جي سياستدان هجڻ سان گڏوگڏ  لڳ ڀڳ 98 قومن جا سردار پڻ آهن جيڪي قومون نه رڳو ضلعي ڄامشوري پر سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موجود آهن جيڪي سندس هڪ اشاري تي پنهنجون جانيون به سندس تان قربان ڪرڻ لاء هروقت تيار هونديون آهن ، ان کان علاوه ڪيتريون ئي غير قومون به کيس سردار تسليم ڪنديون آهن ۽ پنهنجي مسئلان جي حل لاء کيس  ئي صادق امين مڃينديون آهن ،  ملڪ اسد سڪندر امن جو رکوالو ۽ مذهبي رواداري جو قائل آهي جنهن جو اعليٰ مثال ڪوهستان مان صاف صاف ملي ٿو دنيا ۾ جتي انسانن هٿان انسان جانورن جيان قتل ٿي رهيا اُتي سندس نگري ۾ انسان ڇا پر جانورن تي به وار ڪرڻ هڪ وڏو ڏوه سمجهو ويندو آهي ،
پاڻ مذهبي انتها پسندي افراتفري ۽ نفرت ڦهلائيندڙ ڳالهين کان سخت نفرت  ڪيائون  ، پوري دنيا ۾ جتي مذهبي انتها پسندي چوٽ تي چڙهيل آهي جتي هندستان ۾ هندو انتهاپسندن هٿان مسلمان قتل ٿيندي ٻڌو ٿا ته اُتي گهڻو ڪري پوري پاڪستان ۽ سنڌ مان به اهي خبرون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ته اڄ گهوٽڪي ۾ هندن جي مندر کي نامعلوم ماڻهن باه ڏني يا ڪنهن هندو نياڻي کي وحشي درندن زيادتي جو نشانو بنايو پر ڪوهستان خاص ڪري اهڙن ناپاڪ واقعين کان پاڪ رهيو آهي جتي هندو مسلم هميشه پاڻ ۾ پيار محبت ۽ ايڪي ٻڌي سان رهندا اچن ٿا نه رڳو هندو درم پر ڪوهستان ۾ موجود اقليت ۾ ايندڙ ڪيتريون ئي برادريون پنهنجي مذهبي طور طريقن تي پنهنجي آزاد زندگي گذارين ٿيون ،
اُهي سردار جي صاحبيءَ ۾ پاڻ کي محفوظ تصور ڪن ٿا، نه ته باقي سنڌ مان ڪيترائي هندو ڀائر مختلف آزارن سبب پرڏيهه پلاڻي ويا آهن. مطلب ته هيءُ ماڻهو پنهنجي ماڻهن جو ڀرجهلو آهي، هُن کي پنهنجي علائقي سان بيپناهه محبت آهي،
ملڪ اسد سڪندر خان پنهنجي  سياسي  سفر جو آغاز  پنهنجي والد مرحوم محترم ملڪ سڪندر خان جي وفات کانپوء سن  1985ع ۾ 19  سالن جي عمر ۾ ڪيو ، پاڻ پهريون ڀيرو پي ايس 52 تان  پير زمان شاه جيلاني جي سامهون اليڪشن لڙيا ، ۽ پنهنجي ڪيرئير جي پهرين ئي ميچ ۾ مخالف کي شڪست ڏئي ڪاميابي کي ڀلڪار چيائين ،  ملڪ اسد سڪندر وري ٻيهر 22سالن جي عمر ۾ آڪٽوبر 1988ع اين اي 177 تان چونڊ وڙهيو جنهن ۾ پڻ  هاڻوڪي ڄامشوري ۽ اڳوڻي دادو ضلعي جي عوام کيس وري ٻيهر ڀرپور موٽ ڏيندي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو ، ملڪ اسد سڪندر خان جي سياست ۾ پير رکڻ سان ئي ڪاميابي سندس رڳن ۾ سمائجي وئي ، ۽ پاڻ ڪاميابي جي جهنڊي کي ايڏو ته مضبوطي سان پڪڙيو جو هن وقت تائين ڪنهن به مخالف کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو ، مسلسل ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪندي رهيو ملڪ اسد سڪندر نومبر 1990ع ۾ اين اي 177 تان 24 سالن جي عمر ۾  ٽيون دفعو ملڪ جي قداور ۽ نالي واري قانوندان عبدالحفيظ پيرزادي کي شڪست ڏئي نه رڳو دنيا کي حيران ڪيو پر ان شڪست تي خود پيرزادو پاڻ به حيران ۽ پريشان ٿيو ،  1990ع ۾ ملڪ اسد سڪندر خان کي شڪست ڏيڻ لاء ننهن کان چوٽي جو زور لڳايو ويو مهراڻ بينڪ جي چئيرمين يونس حبيب ان وقت جا 25ڪروڙو ملڪ اسد کي شڪست ڏيڻ لاء جاري ڪيا ، جنهن جو اعتراف يونس حبيب پڻ پاڻ نجي ٽي وي جي دوران پروگرام ڪيو هو ان هوندي به قسمت جي ديوي ملڪ اسد تي مهربان رهي
، جئين ڪرڪيٽ راند ۾ مسلسل ٽن بالن تي بالر وڪيٽون وٺي هيٽرڪ ڪندو آهي ائين ئي ملڪ اسد سڪندر خان پنهنجي  سياسي سفر ۾ مسلسل لاڳيتو ٽي دفعا پنهنجي سياسي مخالفن کي  شڪست ڏئي پنهنجي ڪيرئير جي پهرين هيٽرڪ مڪمل ڪئي ، پاڻ وري ڇوٿون ڀيرو نومبر 1993ع ۾ 27 سالن جي عمر ۾ اين اي 177 تان چونڊ وڙهيا ۽ مسلسل ڇوٿين ڀيري به ڪاميابي پنهنجي نالي ڪيائين ، جنوري 1997ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جيلاني خاندان جي پير زمان شاه جيلاني سان مدمقابل ٿيو  هي پير زمان شاه جيلاني اهو ساڳيون ئي پير زمان شاه جيلاني هيو جنهن کي ملڪ اسد سڪندر خان 85ع واري پنهنجي پهرين اليڪشن ۾ شڪست ڏني هئي پير زمان شاه هڪ ڀيرو ٻيهر 12 سالن کانپوء پنهنجو پلاند وٺڻ لاء سندرو ٻڌي ميدان ۾ لٿو پر قسمت جي ديوي وري به ملڪ اسد سڪندر تي مهربان رهي ،  ملڪ اسد سڪندر خان جا پي پي سان اختلاف هجڻ  ڪري  آزاد ميمبر جي حيثيت سان هيو جڏهن ته پير زمان شاه جيلاني پي پي جي ٽڪيٽ تان ملڪ اسد سان مدمقابل هيو ،ملڪ اسد سڪندر خان هڪ ئي وقت قومي جي اين اي 177 ۽ صوبائي جي پي ايس 52  جي سيٽن تان ڪامياب ٿيو ،بعد ۾ قومي جي اين اي 177  پنهنجي ساٿي پير بخش خاصخيلي جي حوالي ڪيائين ، ۽ اين اي 177 جي ٻيهر ضمني چونڊون ٿيو جنهن ۾  پڻ ملڪ اسد سڪندر جي سپورٽ سان پير بخش خاصخيلي ڪامياب ٿيو جڏهن ته پير زمان شاه جيلاني کي شڪست ملي، مئي2001ع ۾ مڪاني ادارن وارين چونڊن ۾ پاڻ هڪ آزاد اميدوار جي حيثيت سان پي پي جي شفيق مهيسر کي شڪست ڏئي 35 سالن جي عمر ۾ ضلعي ناظم دادو بنيو
ان وقت ڄامشورو دادو ضلعي ۾ شامل هو ،
نومبر 2002ع جي چونڊن ۾  گريجوئيشن شرط هجڻ ۽ ضلعي ناظم هجڻ ڪري پاڻ اليڪشن وڙهي نه سگهيو پر قومي جي اين اي 231 تي نواب عبدالغني ٽالپر کي جڏهن ته صوبائي جي پي ايس  72 تي آصف کي شاه سپورٽ ڪري ڪامياب ڪرايو ، 14 ڊسمبر 2004ع ۾ دادو کي ٽوڙي ڄامشورو ضلعو بنايو ويو ، ملڪ اسد سڪندر  2005ع ۾ ضلعي ناظم ڄامشورو  بنيو ، ملڪ اسد سڪندر ضلعي ناظم ٿيڻ بعد نئين ٺهندڙ  ضلعي ڄامشوري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ،
فيبروري 2008ع جي چونڊن ۾ پاڻ ضلعي ناظم ڄامشورو هجڻ ڪري اليڪشن لڙهي نه سگهيا جڏهن ته سندس جي سپورٽ سان قومي جي تڪ اين اي 231 تي نواب عبدالغني ٽالپر کي ۽ صوبائي جي پي ايس 72 تي ڊاڪٽر ديارام ايسراڻي کي ڪامياب ڪرايو ،
مئي 2013ع جي چونڊن ۾ ضلعي جي قومي تڪ اين اي 231 تي پ پ پاران ملڪ اسد سڪندر، ايس يو پي پاران سيد جلال محمود شاھ، ايم ڪيو ايم پاران پير زمان شاھ جيلاني ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران سليمان ڀلائي ۾ مقابلو ٿيو، صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 71 ڪوٽڙي تي پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، ايس يو پي جي سيد جلال محمود شاھ ۾ مقابلو رهيو، ڄامشورو ضلعي جي صوبائي سيٽ پي ايس 72 ٿاڻو بولا خان تي پ پ جي فقير داد کوسو ۽ ن ليگ پاران ملڪ چنگيز خان مقابلو ٿيو، ڄامشورو ضلعي جي سيوهڻ واري صوبائي تڪ پي ايس 73 تي پ پ اميدوار حسنين شاھ، ن ليگ اميدوار رئيس حبيب الله رند ۽ فنڪشنل ليگ اميدوار سردار چاڪر خان شاهاڻي ۾ مقابلو ٿيو، جڏهن ته قومي جي اين اي 231 تان  ملڪ اسد سڪندر خان ڪامياب ٿيو ، صوبائي جي پي ايس 72 تان فقير داد جڏهن ته پي ايس 71 تان ڊاڪٽر سڪندر شورو ڪامياب ٿيو پي ايس 73 تان حسنين شاه ڪامياب ٿيو ، ملڪ اسد سڪندر خان پاڪستان جو اهو واحد ليڊر آهي جنهن جي سياست ۾ قدم رکڻ سان هن وقت تائين سوڀارو رهيو جيڪا پڻ هڪ تاريخ آهي  ، نومبر 2014ع جي لوڪل باڊي چونڊن ۾ ملڪ اسد سڪندر جي ڪوششن سان پي پي ضلعي ڄامشوري مان ڪلين سوئپ ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ  ملڪ شاهنواز خان کي بنا مقابلي ڊسٽرڪٽ چيئرمين چونڊرايو جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي ٻولاڙي ۽ ڪوٽڙي ٽائون ڪميٽي ڄامشورو ۽ ٿاڻوبولاخان ۽ ٽائون ڪميٽي مانجهند ۾ پنهنجا حمايتي چيئرمين ۽ وائس چيئرمين چونڊرايا ،
ماضي جيان هلندڙ دور ۾  به ڪجه وقت پهرين  پارٽي قيادت سان ملڪ اسد سڪندر جا اختلاف سامهون آيا جيڪي گهڻي شدت اختيار ڪرڻ کان پوء حل به ٿيا، پر ان باوجود پي پي جي هڪ گروپ پاران ضلعي ڄامشوري مان ملڪ اسد سڪندر خان جي  متبادل ڳولڻ ۽ ملڪ اسد سڪندر خان کي ايندڙ چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ لاء جتي نوان چهرا سامهون آئڻ ۾ مصروف آهي ته اُتي  وري پُراڻن چهرن کي پڻ منظر تي آڻي رهي آهي ، پي پي هڪڙي پاسي ڪوهستان جي جهوني سياستدان پير آفتاب شاه کي ملڪ اسد سڪندر خان سان مقابلي لاء سامهون آندو ته وري پاسي ملڪ اسد جي پراڻي ساٿي صالح محمد برهماڻي جڏهن ته ملڪ چنگيز خان پهرئين ملڪ اسد جي مخالفن واري فهرست ۾ شامل هيو ، ملڪ اسد سڪندر خان جي متبادل آندل پي پي پاران  پير آفتاب شاهه جيلاني عوام کان 40 سال پري رهڻ ڪري عوام جي دلين مان ايترو ته نڪري چڪو آهي جو ساڳي جاءِ تي اچڻ ۾ کيس مشڪلاتون پيدا ٿيندس ۽ وري ملڪ چنگيز خان به ايترو سياست ۾ مقبول ناهي نه وري ڪڏهن کيس موقعو مليو آهي. ان به عوام وٽ ڪو اچڻ وڃڻ جو رابطو نه رکيو  آهي ،ڊاڪٽر سڪندر شورو پڻ ملڪ اسد سڪندر جي سپورٽ سان ئي ڪامياب ٿيندو آهي ،  پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڊاڪٽر سڪندر شورو ڀلي پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪنگ سان مقابلي جو شوق ڪندو هجي پر ڪنگ کي هارائڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هوندي  اُن کان اڳ به ڪوهستاني ڪنگ خلاف ڪيترائي اتحاد ٺهيا ۽ بينظير ڀٽو جي ڪنهن وقت ۾ پ پ به هن کي ٽڪيٽ نه ڏني پر تنهن هوندي به ڪوهستاني ڪنگ آزاد بيهي پنهنجون سيٽون وڏي اڪثريت سان کٽيون هيون. ملڪ اسد جنهن کي ڪوهستاني ڪنگ سڏيو وڃي ٿو، ان مختلف سياسي پارٽين ۾ رهي ڪري سياست جا رنگ روپ ڏٺا آهن. جيڪڏهن هن ڀيري پ پ هن کي نظرانداز ڪيو ته پوءِ ڄامشوري مان پ پ کي شڪست ڏسڻي پئجي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڄامشوري ضلعي جو عوام ملڪ اسد سڪند کي چاهي ٿو ۽ جيڪڏهن هو پ پ سان واڳيل آهي ته ان جو پارٽي کي وڏو فائدو پهچندو،

Saturday, 23 December 2017

پاڪستان جو آئين


پاڪستان جو آئين ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽي آئين لاڳو ٿي چڪا آهن: پهريون آئين 1956ع؛ ٻيو آئين 1962ع ۽ ٽيون آئين 1973ع ۾ لاڳو ٿيو، جيڪو سڀني جي اتفاق سان ذوالفقار علي ڀُٽي تيار ڪرايو. 1973ع وارو آئين هن وقت به لاڳو آهي، جنهن ۾ تازو ارڙهين ترميم ذريعي اپريل 2010ع ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون. موجوده رائج آئين ۾ فوجي آمريتن جي مداخلت سبب اڪثر رڪاوٽون به پيش آيون ۽ آئين معطل ٿيندو رهيو. آئين موجب رياست جو سربراهه صدر هوندو آهي، جڏهن ته انتظامي اختيار وزيراعظم وٽ هوندا آهن.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان آزاديءَ هند 1947ع جي حڪمنامي تحت گورنمينٽ آف انڊيا جي 1935ع واري ايڪٽ ۾ ڪجهه ترميمون ڪري ان کي عبوري آئين طور لاڳو ڪيو. ان کي ملڪ جي پهرين عبوري آئين جو نالو ڏنو ويو.
پاڪستان جي ٺهڻ کان ٽي ڏينهن اڳ 11 آگسٽ 1947ع تي اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت عبوري حڪومت جي قانون واري وزير جوگنيدر ناٿ مندل ڪئي. سندس تعلق بنگال سان هو ۽ هو هندو شيڊيولڊ ڪاسٽ جو هو. هن اجلاس ۾ قائداعظم محمد علي جناح کي ان جو صدر چونڊيو ويو. 11 سيپٽمبر 1948ع تي قائداعظم جي وفات بعد مولوي تميزالدين کي قومي اسيمبلي جو صدر چونڊيو ويو.

قرارداد مقاصد سنواريو

آئين سازي ۾ آگسٽ 1947ع کان 1948ع تائين ڪا پيش رفت نه ٿي سگهي. مارچ 1949ع ۾ وزيراعظم لياقت علي خان ملڪ جي پهرين آئين ساز اسيمبلي مان قررداد مقاصد منظور ڪرائي ورتي، هن ٺهراءُ جو تت هن ريت هو.

سموري ڪائنات جي حڪومت الله کي حاصل آهي ۽ ان جي طرفان پاڪستاني عوام کي جيڪي اختيار سپرد ڪيا ويا آهن، سي ان وٽ مقدس امانت آهن، جن کي الله تعاليٰ پاران مقرر حدن ۾ رهندي استعمال ڪيو ويندو.
پاڪستان جو طرز حڪومت وفاقي هوندو.
رياست ۾ حڪمراني جو اختيار عوام جي نمائندن ذريعي استعمال ڪيو ويندو.
آئين ۾ جمهوريت، مساوات، رواداري، سماجي انصاف جا اصول اسلام جي عين مطابق هوندا.
اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ کين مذهبي ۽ ثقافتي آزادي هوندي.
پاڪستان جي شهرين کي بنيادي حقن جي ضمانت حاصل هوندي.
پاڪستان ۾ عدليه مڪمل طور آزاد ۽ خودمختيار هوندي.
پاڪستان جي آزادي ۽ سلامتيءَ جو تحفظ ڪيو ويندو.
هن ٺهراءُ کي آئين ۾ دين جي طور شامل ڪرڻ منظور ڪيو ويو. هن ٺهراءُ بعد اها ڳالهه سامهون آئي ته ايندڙ آئين اسلامي نوعيت جو هوندو.

بنيادي اصولن واري ڪميٽي سنواريو

قرارداد مقاصد جي منظوري کان پوءِ 12 مارچ 1949ء تي مولوي تميز الدين خان جي اڳواڻي ۾ 24 ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جيڪا بنيادي اصولن واري ڪميٽي سڏجي ٿي. هن ڪميٽيءَ کي قرارداد مقاصد جي روشنيءَ ۾ پاڪستان لاءِ آئين جا بنيادي اصول طئي ڪرڻ جو ڪم سونيپو ويو. بنيادي اصولن واري ڪميٽيءَ آئين جي بنيادي ڍانچي جي تياري لاءِ ٽي سب ڪميٽيون ٺاهيون. 1- وفاق ۽ اختيارين جي ورڇ واري ڪميٽي، 2- عدليه بابت سب ڪميٽي، 3- حق راءِ دهي بابت سب ڪميٽي، انهن کان علاوه هڪ خاص سب ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي، جنهن کي تعليمات اسلامي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. اها ڪميٽي اسلامي عالمن تي ٻڌل هئي. هن ڪميٽيءَ ۾ مولانا سيد سليمان ندوي، مفتي محمد شفيع، پروفيسر عبدالخالق مفتي، جعفر حسين، ڊاڪٽر حميد الله ۽ مولانا ظفر احمد انصاري شامل هئا. هن ڪميٽيءَ جو ڪم اهو هو ته قرارداد مقاصد ۽ ٻين سب ڪميٽين جي پيش ڪيل معاملن تي پنهنجي راءِ ڏين. پاڪستان جي آئين سازيءَ جي تياريءَ جي واٽ ۾ بي شمار مشڪلاتون آڏو هيون. ان ۾ هيٺيون وڌيڪ قابل ذڪر هيون.
ملڪ جي ٻن حصن اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي وچ ۾ هڪ هزار ميلن جو مفاصلو هو. پهرين اهو مسئلو نبيرڻ ضروري هو ته آئين وفاقي طرز جو هجي يا وحداني ۽ اهو به ته صوبن کي ڪهڙا ڪهڙا اختيار ڏنا وڃن. اوڀر پاڪسستان جي آبادي، اولهه پاڪستان جي سمورن صوبن جي آباديءَ کي ملائڻ بعد به وڌيڪ هئي. ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون ۽ لکيون وڃن ٿيون. ان مسئلي کي حل ڪرڻ به ضروري هو.
انهن ڪميٽي 7 سيپٽمبر 1950ء تي عبوري رپورٽ پيش ڪئي. ان رپورٽ ملڪ جي مجوزه آئين ۾ قانونيه پارليامينٽ لاءِ ٻه ايوان تجويز ڪيا. هڪ ايوان ۾ وفاق ۾ شامل وحدتن کي نمائندگي ڏيڻي هئي. جڏهن ته ٻيو ايوان عوام جي سڌن ووٽن جي ذريعي ٺاهڻو هو. ٻنهي ايوانن ۾ اختلاف، صدر جي چونڊ ۽ ان جي معزولي ۽ بجيٽ جي منظوري لاءِ ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس ٿيڻ ضروري هو. ٻنهي ايوانن لاءِ برابريءَ جا اختيار تجويز ڪيا ويا. ڪميٽيءَ اها به رٿ ڏني ته ڪابينا ٻنهي ايوانن آڏو جوابده هجي.
رپورٽ تي اوڀر پاڪستان ۾ هنگاما ٿيا. اوڀر پاڪستان جي رهواسين کي خدشو هو ته جيڪڏهن رپورٽ تي عمل ٿيو ته سندن اڪثريت اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي. اوڀر پاڪستان جي سياستدانن ان سوال تي احتجاج ڪيو، ۽ ان ۾ بنيادي تبديلين تي زور ڀريو ويو. ان ڪري لياقت علي خان 21 نومبر 1950ء تي ان رپورٽ تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ نئين سر تجويزن ڏيڻ لاءِ چيو.
اهڙي طرح آئين ساز اسيمبلي نيون تجويزون گهرايون. هڪ سب ڪميٽي انهن تجويزن تي غور ڪرڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي. انهن تجويزن تي ٻڌل ٻيو مسودو 22 نومبر 1952ء تي خواجه ناظم الدين آئين ساز اسيمبلي ۾ پيش ڪيو. هن مسودي ۾ به رٿيل قانونيه لاءِ ٻه ايوان تجويز ڪيا ويا هئا. مٿئين ايوان (اپر هائوس) جي ميمبرن جو تعداد 120 رکيو ويو. اوڀر پاڪستان مان 60 ۽ باقي اولهه پاڪستان جي سمورن صوبن مان چونڊڻا هئا. هيٺئين ايوان (لوئر هائوس) لاءِ 400 ميمبر ٿيڻا هئا. جن مان 200 اوڀر پاڪستان مان ۽ باقي 200 سرحد، بلوچستان، پنجاب، بهاولپور ۽ قبائلي علائقن مان چونڊجڻا هئا. ٻئي مسودي ۾ لوئر هائوس کي اصل اختيار سونپيا ويا هئا ۽ اپر هائوس جي حيثيت رڳو مشاورتي ايوان جي هئي. سمورا مالي بل به لوئر هائوس ۾ پيش ٿيڻا هئا.
هن فارمولا ۾ به اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جي مختلف صوبن جي وچ ۾ مساوات جو فارمولو اختيار ڪيو ويو. پر هن ڀيري ان تي پنجاب اعتراض ڪيو ۽ باقي صوبن تي اوڀر پاڪستان جي دائمي بالادستي قائم ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ان رپورٽ تي به غور اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. هاڻي هڪ طرف ملڪ ۾ آئيني تعطل پيدا ٿي ويو هو. ٻئي طرف صوبا وڌيڪ زور و شور سان اختيار گهرڻ لڳا هئا. جيڪو محمد علي بوگرا فارمولا سڏجي ٿو.
لياقت علي خان جي قتل کان پوءِ خواجه ناظم الدين وزيراعظم مقرر ٿيو. سندس تعلق بنگال سان هو. گورنر جنرل غلام محمد کي خدشو ٿيو ته خواجه ناظم الدين جون همدرديون اوڀر پاڪستان جي عوام سان نه ٿي وڃن، تنهن ڪري غلام محمد خواجه ناظم الدين جي حڪومت غير آئيني طريقي سان ختم ڪري محمد علي بوگرا کي آمريڪا مان گهرائي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو

بوگرا فارمولا سنواريو

محمد علي بوگرا ڇهن مهينن اندر يعني آڪٽوبر 1953ء تي اسيمبليءَ آڏو آئيني فارمولا پيش ڪيو جيڪو بوگرا فارمولا سڏجي ٿو. هن فارمولا تحت قانونيه جا ٻه ايوان تجويز ڪيا ويا. اپر هائوس جي ميمبرن جو تعداد 50 مقرر ڪيو ويو ۽ ان ۾ پنجن يونٽن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏني وئي. هن فارمولي جي قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته ان ۾ برابري وارو اصول برقرار رکيو ويو. جيڪڏهن ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي ته اتي اوڀر پاڪستان مان 175 ۽ اولهه پاڪستان مان به اوترائي ميمبر هجن ها. هن فارمولي ۾ ٻنهي ايوانن لاءِ هڪ جيترا اختيار رکيا ويا.
آئين سازي آڏو اهو مسئلو درپيش هو ته پاڪستان جي آئين ۾ مرڪز بااختيار هجي يا صوبن کي وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياري ڏني وڃي. ان ڳالهه تي اختلاف راءِ موجود هو. اوڀر پاڪستان وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياريءَ جو خواهشمند هو. جيڪي گروپ صوبائي خودمختياريءَ جا حامي هئا. انهن جي راءِ هتي ته مرڪز کي رڳو ٽي کاتا (پرڏيهي معاملا، بچاءُ ۽ ڪرنسي) ڏنا وڃن. باقي سمورا اختيار صوبن کي ڏنا وڃن. ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو مضبوط مرڪز جا حامي هئا، تن جو خيال هو ته عصبيت ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مرڪز بااختيار ۽ سگهارو هجي. انهن ٻن متضاد خيالن مان هڪ ٽين راهه ڪڍي وئي. اختيارن کي ٽن حصن يعني مرڪزي، صوبائي، گڏيل لسٽ ۾ ورهايو ويو. مرڪز کي پرڏيهي معاملا ڪرنسي، بئنڪنگ، مواصلات، پرڏيهي، واپار جا کاتا ڏنا ويا. مرڪز کي ڏنل اختيارن جو تعداد 48 هو. جڏهن ته ٽي اختيار گڏيل هئا. زبان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اردو ۽ بنگالي ٻنهي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي رٿ ڏني ويئي.

1956ء جو آئين سنواريو

پهرئين آئين ساز اسيمبليءَ جي خاتمي کان پوءِ 23 جون 1955ء تي نئين آئين ساز اسيمبلي چونڊي وئي. چوڌري محمد علي ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي ويو. هن اسيمبلي پنهنجي افتتاحي اجلاس ۾ اولهه پاڪستان جي صوبن جي حيثيت ختم ڪري ون يونٽ ٺاهيو، ون يونٽ جو مقصد اوڀر پاڪستان (بنگال) جي اڪثريت کي ختم ڪري اولهه پاڪستان جي برابر ڪيو ويو. ان سان هڪ طرف بنگال کي نقصان ٿيو ته ٻئي طرف اولهه پاڪستان جي صوبن کي به خاص طور تي سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان کي به وڏو نقصان ٿيو. چيو وڃي ٿو ته ون يونٽ جو مسودو حسين شهيد سهرورديءَ ٺاهيو هو. جيڪو 30 سيپٽمبر 1955ء تي عمل ۾ آيو. چوڌري محمد علي کي نئين آئين لاڳو ڪرڻ جي ڏاڍي تڪڙ هئي. 9 جنوري 1956ء تي اهو آئين اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو. 29 فيبروري 1956ء تي پاس ڪيو ويو ۽ گورنر جنرل جي منظوريءَ بعد 23 مارچ 1956ء تي لاڳو ڪيو ويو.
1956ء جي آئين جون خاص ڳالهيون: 1956ع جو آئين وڏي حد تائين اسلامي هو. مثلاً ان ۾ هي شقون به شامل هيون:

ملڪ جو صدر لازمي طور مسلمان هوندو.
قرآن ۽ سنت جي منافي قانون سازي نه ڪئي ويندي.
موجوده غير اسلامي قانونن کي مرحليوار اسلامي سانچي ۾ آندو ويندو.
هي آئين وفاقي سڏجي ٿو، پر اهڙو وفاق جيڪو ٻن صوبن اولهه ۽ اوڀر پاڪستان تي ٻڌل هو ۽ ان ۾ باقي صوبن سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جي ڌار ڪا به بنيادي حيثيت نه هئي، صدر کي هنگامي حالتن ۾ بنيادي حق معطل ڪرڻ جو اختيار ڏنل هو. مرڪز کي اهڙا اختيار ڏنا ويا جو هو انتظامي ۽ قانون سازيءَ ذريعي صوبن جي اختيار تي ڪنٽرول ڪري سگهي. انهيءَ ۾ وڏي حد تائين صوبن جا اختيار گهٽايا ويا. ملڪ کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. بظاهر حق بالغ دهي کي مڃيو ويو هو، پر بنگال جي اڪثريت کي نه مڃيو ويو هو. اردوءَ سان گڏ بنگالي کي به قومي زبان جي حيثيت ڏني ويئي.
بنگال جي اڪثريت واري پوزيشن ۽ اولهه پاڪستان جي صوبن جي حيثيت ختم ٿيڻ تي ملڪ جي ٻنهي حصن ۾ احتجاج ۽ سياسي ڀڃ ڊاهه شروع ٿي، چوڌري محمد عليءَ کانپوءِ حسين شهيد سهروردي وزيراعظم ٿيو، پر سندس حڪومت ڪل 13 مهينا هلي. اسماعيل ابراهيم چندريگر 1957ء ۾ گڏيل حڪومت ٺاهي، جيڪا رڳو 54 ڏينهن هئي. گورنر جنرل غلام محمد جي بيماري جو فائدو وٺندي اسڪندر مرزا صدارت تي قبضو ڪيو.


1962 وارو آئين سنواريو

جنرل ايوب خان جو ڏنل آئين، ان جي بنيادي خصوصيت اها هئي ته ان ۾ صدارتي طرز حڪومت رائج ڪئي وئي هئي ۽ ماڻهن کي سڌي ووٽ جو حق نه ڏنو ويو هو. هن آئين جي آرٽيڪل هڪ ۾ پاڪستان کي اسلامي جمهوريه جي بدران رڳو جمهوريه پاڪستان لکيل هو. بعد ۾ اسلام پسند جماعتن طرفان اعتراض وارڻ تي هڪ ترميم ذريعي ملڪ کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. ڪنهن به قانون کي اسلامي يا غيراسلامي قرار ڏيڻ لاءِ مشاورتي ڪائونسل جوڙي وئي. ملڪ ۾ صدر لاءِ مسلمان هجڻ لازمي قرار ڏنو ويو. ملڪ جي صدر، اسيمبليءَ توڙي ميمبرن کي بنيادي جمهوريتن جي 80 هزار ميمبرن ذريعي اڻ سڌي طرح چونڊڻ جو سرشتو جوڙيو ويو. ملڪ جي ٻنهي صوبن کي 80 هزار يونٽن ۾ ورهايو ويو. هن آئين ۾ صدر کي غير معمولي اختيار ڏنا ويا ۽ مرڪزي وزيرن جي مقرري، اعليٰ فوجي عهدن، گورنر، ايڊووڪيٽ جنرل، سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري، قومي مالياتي ڪميشن جا ميمبر مقرر ڪرڻ وغيره جا اختيار به صدر کي ڏنا ويا. صدر کي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائڻ ۽ ان کي ٽوڙڻ جا به اختيار حاصل هئا. ڪجهه بل اهڙا هئا جيڪي صدر جي اڳواٽ منظوريءَ بنا قومي اسيمبليءَ آڏو پيش نه ٿي ٿي سگهيا. صدر کي اسيمبليءَ مان پاس ڪيل ڪنهن به بل کي ويٽو ڪرڻ جو اختيار هو ۽ اهو اختيار آمريڪي صدر کي مليل اختيارن کان به وڌيڪ هو. نئين آئين ۾ ون يونٽ کي برقرار رکيو ويو، قانونيه جو رڳو هڪ ايوان قومي اسيمبليءَ ۾ ئي هو. -ان- جي ميمبرن جو تعداد 156 هو ۽ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان لاءِ هڪ جيترا ميمبر رکيا ويا. جن جي چونڊ اڻ سڌن ووٽن يعني بنيادي جمهوريت جي ميمبرن جي ذريعي ٿيندي هئي.
صدر ايوب جو ڏنل هي آئين 8 جون 1962ء تي لاڳو ٿيو 29 مارچ 1969ء تي رد ٿي ويو. جڏهن سندس خلاف تحريڪ هلي ته سندس حڪومت وڃڻ سان گڏ هي -آئين- به هليو ويو ۽ جنرل يحيٰ خان ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي.

1973ء وارو آئين سنواريو

پاڪستان جي آئيني تاريخ ۾ جاگرافي ۽ بنگالين جي اڪثريت ڏاڍي پيچيده بڻيل هئي. ڊسمبر 1971ء ۾ بنگلاديش ٺهڻ بعد به اهي ٻه پيچيدگيون دور نه ٿي سگهيون. نئين پاڪستان ۾ وري پنجاب وڏو صوبو هو، جنهن جي ڪل آبادي باقي ٽنهي صوبن کان وڌيڪ هئي. ان ڪري پنجاب هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جو حق (حق بالغ راءِ دهي) مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر ننڍن صوبن کي اختيار ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. هن پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ڌار ڌار نسل ۽ زبان ڳالهائيندڙ رهواسي هئا. ان ڪري زبان ۽ اختيارين جي ورهاست وارو سوال جيئن جو تيئن رهيو. اٽڪل 15 سالن کان وڌيڪ عرصو زوريءَ مڙهيل ون يونٽ به وڌيڪ پيچيدگيون پيدا ڪيون. پاڪستان جي معيشت ۽ سياست ۾ اسلام جو رول ڪهڙو هجي، ان جو تعين ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو. اهو مونجهارو شروع وارن سالن ۾ به هو، پر بنگال جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو. ڇاڪاڻ جو مذهبي جماعتون هميشه اوڀر پاڪستان جي ڀيٽ ۾ اولهه -پاڪستان- ۾ وڌيڪ سرگرم ۽ فعال رهيون هيون. يحيٰ خان ون يونٽ ختم ڪري يعني صوبا بحال ڪري چڪو هو. هاڻي پنجاب هڪ پاسي هو ته باقي ٽي صوبا يعني سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ٻئي پاسي هئا. انهن ٻن مونجهارن سان گڏ ٽيون مونجهارو اهو هو ته صدر جو ڪهڙو ڪردار هجي. ذوالفقار علي ڀٽو صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو هو پر هو چونڊيل نمائندو هو، ان ڪري هن ان اسيمبليءَ سان رجوع ڪيو، جيڪا 1970ء وارين چونڊن ۾ چونڊجي آئي هئي، بنگال جي ڌار ٿيڻ بعد اولهه پاڪستان ئي بطور پاڪستان هو، ان ڪري اولهه پاڪستان جي چئني صوبن سان واسطو رکندڙ ميمبرن تي ٻڌل قومي اسيمبلي هئي. هي پاڪستان جي ٽئين -آئين ساز اسيمبلي- هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اڪثريت حاصل هئي.
اسيمبلي کي نئون آئين ٺاهڻ ۾ ڇهه مهينا لڳا. هن آئين ٺاهڻ ۾ سنڌ جي مشهور قانوندان ۽ پيپلز پارٽيءَ جي رهنما حفيظ پيرزادي جون ڪوششون شامل هيون. ڀُٽي صاحب جي ڪوشش سان پيپلز پارٽي ۽ ملڪ جي ٻين اهم جماعتن جي وچ ۾ مفاهمت ٿي وڃي. 20 آڪٽوبر تي سمورين جماعتن جي اتفاق راءِ سان هڪ نئون آئين جوڙيو ويو، جنهن مطابق وفاقي پارليامينٽ ٻن ايوانن تي ٻڌل هئي، آئين ۾ ملڪ کي فيڊريشن مڃيندي صوبن کي به ڪجهه اختيار ڏنا ويا. حڪومت جو سرشتو صدارتي جي بدران پارلياماني رکيو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي کي اختيار وڌيڪ هئا، صدر جي حيثيت علامتي رکي ويئي. ملڪ جي قيام جي 26 سالگرهه تي، 14 آگسٽ 1973ء ۾ اهو آئين لاڳو ٿي ويو، بعد ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون ويون. جنرل ضياءُ الحق ۽ پوءِ جنرل پرويز مشرف جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري آئين معطل ڪيو ته انهن پنهنجا عبوري آئيني حڪم جاري ڪيا ۽ آئين بحال ٿيڻ تي ان ۾ ترميمون ڪيون. هن وقت 1973ء وارو آئين اڻويهين ترميم سان ملڪ ۾ لاڳو آهي