Friday, 10 November 2017

آهي ننڍڙو مگر، ڄام شورو نگر​ آ وڏو پر اثر، ڄام شورو اسان جي پرينءَ جو شهر​

​ڄام شورو

لجپت راءِ ڀيل (آخري سال)​

ڄامشورو سنڌ ۾ پنهنجي هڪ نرالي حيثيت رکي ٿو، سنڌ جي ڪهڪشان ۾ ستارن جي ميڙ جهڙو آهي. جتي پيار ۽ محبت جا ستارا ٽمڪن ٿا.​
زندگي گذارڻ جو حسين سپنو، جيڪو جواني ۾ ڪر موڙي اٿندو آهي، ان حسين سپني جي ساڀيان هئي ڄام شورو. ڄام شوري جو عڪس جڏهن هتي پڙهندڙ منهنجي شهر جا شاگرد چٽيندا هئا ته پڪاسو جي ڪينواس تي چٽيل شاهڪار مصوري جي عڪس جيان لڳندو هو. هي سنڌ جو علمي، ادبي ۽ سياسي مرڪز آهي، هتي نون ايندڙن لاءِ هڪ عجيب ڪشش رکيل آهي. نوجوانن جي ڌرتي ڄام شورو پنهنجي اندر ۾ هزارين تاريخون ۽ لقاءَ سانڍي ويٺي آهي. ڪوئي ڪنهن جي نيڻن جو نشانو بڻيو هوندو، ڪوئي ڪنهن جي ذلفن جو اسير ٿيو هوندو ته ڪوئي ڪنهن جو غلام بڻجي پوري حياتي ان کي ارپي ويٺو هوندو ۽ ان جي نه ملڻ جي آس سانڍي هليو ويو هوندو.​
ڏاڍو عجيب شهر آهي، ڪنهن جون جهوليو گلن سان ڀري ٿو ته ڪنهن کي ڪنڊن جي سيج تي سمهاري ٿو ڇڏي.ڪنهن کي لڙڪ، ڪنهن کي مرڪ، ڪنهن کي سپنا ته ڪنهن کي فقط حسين يادون ارپي ٿو. هتي حسين شامون گھزاريندڙ دنيا جي ڪهري به ڪنڊ ۾ ڇو نه هليو وڃي پر ڄام شوري جون هوائون هن جي من اندر ۾ پيون گهلنديون رهنديون.​
هي هاسٽل جون راتيون، هي ڪيمپس جا ڏينهڙا، حياتيءَ ۾ ڪڏهن وساري نه سگهبا.​
اها حقيقت به آهي ته ڦوهه جوانيءَ جا ڪجهه سال هتي گذرن ٿا، جڏهن ماڻهو دماغ بدران دل سان سوچيندو آهي، ڪنهن جي به پرواهه ناهي هوندي، تڏهن هي شهر زندگيءَ جو نه ٽٽڻ وارو حصو محسوس ٿيندو آهي. هتان جون مست هوائون ۽ ڪيمپس ۾ گذاريل ڏينهن، دوستن سان بسر ڪيل خوش گوار لمحا، پيار، قرب هميشه ياد رهجي وڃن ٿا. هتي گذاريل پل پل، هر گهڙي زندگيءَ جي هر موڙ تي ياد ايندي آهي.... ۽ جڏهن وڇوڙو پيار جي گهر ۾ گهڙي ڌاڙو هڻي ٿو ته اکين جي پنبڙين ۾ لڙڪ به نٿو ڇڏي، هر شيءِ کڻي وڃي ٿو.​
هي شهر، سڪ، سونهن، سچائيءَ جو شهر، ماڻهو ڀلا ته ڀلائي جو شهر، ڪڏهن ٿي ويندو آهي جدائيءَ جو شهر، منهنجو شهر آهي يا دشمن جي خدائيءَ جو شهر.​
منهنجا به هتڙي چار سال گذري ويا آهن، هر هڪ پل من اندر ۾ سمائجي ويو آهي. سياري جون سرد راتيون پيو هلن، ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، ڪنهن جون يادون منهنجي وجود کي لوڏي رهيون آهن، زندگي ڌنڌلي نظر اچڻ لڳي آهي، مونکي هي نگر ڇڏي وڃڻو آهي، ڪچهريون، ڪانفرنسيون، ادبي مقابلا، امتحان جون تياريون، هاسٽل تي هل هنگاما، ڪينٽين تي چانهه جا ڪٽ، ڦاٽڪ تي ڪڙاهيون کائڻ، سڀ ڪجهه ڇڏي هليو وڃڻو آهي..... اکيون ڀرجي آيون آهن، ان احساس سان، فقط حليم باغيءَ جون هي سٽون اڳيان ڦرن پيو.​
سفيدن جي ڇانو ۾ سورج لٿو پئي دلڙي​
ائين چيو، ڄام شورو ڪيئن ڇڏيون.....​
اهي حساس لمحا جڏهن اکين ۾ ڪر موڙي اٿن ٿا ته دل چاهيندي آهي ته هاسٽل جو ڪمرو بند ڪري ويهي رڙيون ڪري روئان ۽ وڇوڙي جا المياتي آلاپ آلاپيان، ديوارن ڊاهي ڇڏيان، ڊسمبر کي روڪي بيهاري ڇڏيان، هميشه جي لاءِ.......​
ڊسمبر تو بن ڪهڙو​
وفا جا ورق اڏرن ٿا​
ڪٿان جا فرق الرن ٿا​
اڌوري عاشق جهڙو​
ڊسمبر تو بن ڪهڙو​
پر ڄام شورو مسافر خاني مثل آهي، هتي ڪنهن جو به مستقل ٺڪاڻو ناهي، پوءِ ڀي هتان ڪجهه لمحا اکين ۾ چورائي کڻي وينداسين، علم جي ان سوجهري سان غلاميءَ ۽ وڏيرا شاهيءَ خلاف بغاوت جو علم بلند ڪنداسين، سماجي برابريءَ لاءِ پتوڙينداسين، جيڪا خوشبو ڄام شوري اسان جي روح کي سونپي ان جي پرچار ڪندي باقي زندگي بسر ڪنداسين، ساڳي خوشبو پنهنجي سماج ۾ ڦهلائي وٺنداسين، ڇو ته ڄام شوري اسان کي جيئڻ جا اصول سيکاريا، محبتن جا بي بها خزانا اسان جي دلين ۾ رکي ڇڏيا، جيڪي ڪڏهن کٽڻا ناهن، هميشه سانڍي رکبا، اهو آهي وچن، ڄام شوري سان.....................​
آهي ننڍڙو مگر، ڄام شورو نگر​

آ وڏو پر اثر، ڄام شورو اسان جي پرينءَ جو شهر​

Thursday, 9 November 2017

سائين محمد ابراهيم جويو-

پروفائيل

آگسٽ 13_1915ع_______نومبر 09_2017ع
ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو 13 آگسٽ 1915ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، 1927ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، 1930ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن 1934ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ 20 رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب 1938ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. 1940ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس 1941ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو.
محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ 14 سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال 1946ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم. اين. راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. 1947ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين 200 رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. 1951ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1954ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي 1961ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (56-1955) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. 1963ع کان 1967ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ 1967ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس 1968ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر 1969ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ 1971ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. 1972ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ 12 آگسٽ 1973ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ 56-1954 واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
1973ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. 1973ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان 20 ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو 1982ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب 1997ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ 1998ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن 1998ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به 2000ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي.
جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي 22 جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي آهي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (1964ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
محمد ابراهيم جويي جي ڇپيل طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ڪجهه اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي. :
(1). اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (1945ع)، (2). Save Sindh, Save the Continent (1945)، (3). ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (1969ع)، (4). ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (1972ع)، (5). وحشي جيوت جا نِشان ‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (1976ع)، (6). سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري
بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: 1976ع)، (7). ’فِڪر جي آزادي ‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون 1977ع)، (8). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (1977ع)، (9). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(1689-1850- هڪ مطالعو) (1978ع)، (10). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (1980ع)، (11). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (1980ع)، (12). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(1983ع)، (13). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (1984ع)، (14). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو 984ع)، (15). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (1983ع)، (16). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (1985ع)، (17). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (1990ع)، (18). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (1992ع)، (19). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (1995ع)، (20). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (1998ع)، (21). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (1999ع)، (22). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(2002ع)، (23). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (2003ع)، (24). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (2003ع)، (25). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (2008ع)، (26). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles, Letters (1942-2003), (2006).
ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي.
جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي 2009ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو.
محمدابراهيم جويي صاحب 9.نومبر 2017ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو 9 لڳي 56 منٽن تي وفات ڪئي.

Wednesday, 8 November 2017

ﺳﻨﮅﻱ_ پٽي ۽ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺗﻲ ﺭﻭﺷﻨﻲ

ﺳﻨﮅﻱ ﺍﻟﻒ - ﺏ ﺟﺎ ٽوٽل 52 ﺍﮐﺮ ﺁﻫﻦ،
ﺟﻦ ﺟﻲ ﺑﻴﻬڪ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﻫﻴﭡﻴﻦ ﺭﻳﺖ
ﺁﻫﻲ:
ﺍ ﺏ ﭒ ﭚ ﺕ ﭢ ٽ ﭞ ﺙ ﭖ ﺝ ﭲ ﺟﻬﻪ ﭶ ﭺ ﺡ
ﺥ ﺩ ﮄ ڏ ڊ ﮂ ﺫ ﺭ ڙ ﺯ ﺱ ﺵ ﺹ ﺽ ﻁ
ﻅ ﻉ ﻍ ﻑ ﭮ ﻕ ڪ ﮎ ﮒ ﮖ گهہ ﮚ ﻝ ﻡ ﻥ
ﮠ ﻭ هہ ء ﻱ.
ﺍﻧﻬﻦ ۾ 29 ﺍﮐﺮ ﺍﻫڙﺍ ﺁﻫﻦ ﺟﻴڪﻲ ﻋﺮﺑﻲ،
ﻓﺎﺭﺳﻲ ﺗﻮڙﻱ ﺳﻨﮅﻱ ۾ ﻫڪﺠﻬڙﺍ ﺁﻫﻦ؛
ﺍُﻫﻲ ﻫِﻦ ﺭﻳﺖ ﺁﻫﻦ :
ﺍ ﺏ ﺕ ﺙ ﺝ ﺡ ﺥ ﺩ ﺫ ﺭ ﺯ ﺱ ﺵ ﺹ
ﺽ ﻁ ﻅ ﻉ ﻍ ﻑ ﻕ ڪ ﻝ ﻡ ﻥ ﻭ ﻫﻪ
ﻋﻪ ﻱ .
ﺑﺎﻗﻲ 23 ﺍﮐﺮ ﺑﻠڪﻞ ﺟﺪﺍ ﺻﻮﺭﺗﻦ ۾
ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﺟﺎ ﺁﻫﻦ، ﺟﻴڪﻲ ﻫِﻦ ﺭﻳﺖ
ﺁﻫﻦ :
ﭒ ﭚ ﭢ ٽ ﭞ ﭖ ﺟﻬﻪ ﭶ ﭲ ﭺ ﭾ ﮄ ڏ ڊ ﮂ ڙ ﭮ
ﮎ ﮒ ﮖ ﮔﻬﻪ ﮚ ﮠ .
ﺍﻧﻬﻦ ﺍﮐﺮﻥ ۾ ﺳﺖ ﺍﮐﺮ ﺍﻫڙﺍ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ
ﮐﻲ ﺳﻮﺍﺀِ ﻧﺞ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ، ﭔﻴﻮ
ڪﻴﺮ ﺑﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﺍﭼﺎﺭﻱ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ، ﺍُﻫﻲ
ﻫِﻦ ﺭﻳﺖ ﺁﻫﻦ :
ﭒ ﭲ ﭶ ڏ ﮖ ﮚ ﮠ .
ﻣﺰﻳﺪﺍﺭ ڳالهه ﺗﻪ ﻫڪڙﺍ ﺳﺖ ﺍﮐﺮ ﺳﻨﮅﻱﺀَ
ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﺎ ﺍﻫڙﺍ ﺑﻪ ﺁﻫﻦ، ﺟﻴڪﻲ ﺍﻳڏﻱ
ﺳﺎﺭﻱ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﻟﻔﺎﺑﻴٽ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﻧﺎﻫﻦ، ۽
ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺟﺪﺍ ﺷڪﻞ ﺟﻮ ڪﻮﺑﻪ ﻭﺟﻮﺩ
ڪﻮﻧﻬﻲ، ﭘﺮ ﺍﺳﻴﻦ ڳاﻟﻬﺎﺋﮡ ﻣﻬﻞ ﺍﻧﻬﻦ
ﮐﻲ ﺍﭼﺎﺭﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ . ﺟﻴڪﻲ ﻫﻦ ﺭﻳﺖ
ﺁﻫﻦ :
ٽﺮ ڊﺭ ﻟﻬﻪ ڙﻫﻪ ﻣﻬﻪ ﻧﻬﻪ ۽ ﮢﻬﻪ .
ﻣﺜﺎﻝ ﻃﻮﺭ : ﭘﻲﺀُ ۽ ﭘٽ - ﭼﺎﻧﻬﻦ ۽ ﮐﻨڊ -
ﻣَﻠﻬﻪ - ﻭڙُﻫﻪ - ﺳَﻨِﻬﻲ - ﺳُﻤﻬُﻪ - ﻣﺎﮢﻬﻮ -
ﻭﻏﻴﺮﻩ .
ﻫﺘﻲ ﺳﻮﺍﻝ ﭤﻮ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﺍﺳﻴﻦ
ڪﺠﻬﻪ ﺍﮐﺮﻥ ﮐﻲ ” ﻫﻪ “ ﻫﺮﮢﻲ ﻣﻼﺋﻲ
ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺟﺪﺍ ﺻﻮﺭﺕ ﭠﺎﻫﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ،
ﭘﺮ ” ﮎ “ ﮐٽ ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﺍﮐﺮ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ
ﮐﻲ ﻧﻪ ” ﻫﻪ “ ﻫﺮﮢﻲ ﻣﻼﺋﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ، ۽
نڪﻮ ڪﻨﻬﻦ ٽٻڪﻲ ﺟﻲ ﺍﺿﺎﻓﻲ ﺳﺎﻥ ﺍﻥ
ﺟﻲ ﮄﺍﺭ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﻇﺎﻫﺮ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ، ۽
ﺳﺎڳئي ﺣﺎﻟﺖ ٽر ۽ ڊﺭ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ،
ﺍﻧﻬﻦ ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻮ ﻫﺌﮡ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﻻﺀِ
ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺋﻲ ﻻﺯﻣﻲ ﺁﻫﻲ .
ﻫﻦ ﺍﻟﻔﺎﺑﻴٽ ۾ ﻫڪڙﺍ ﺍﮐﺮ ﺍﻫڙﺍ ﺑﻪ ﺁﻫﻦ
ﺟﻴڪﻲ ﭔﻴﮣﺎ ۽ ٽﻴﮣﺎ ﻳﺎ ﭼﺌﻮﮢﺎ ﺑﻪ ﺁﻫﻦ،
ﺟﻦ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﭔﻮﻟﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﺮﺍﺑﺮ، ﭘﺮ
ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﮐﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ ڪﻮﻧﻪ ﻫﺌﻲ .
ﻟﻴڪﻦ ﺍُﻫﻲ ﺷﺎﻣﻞ ڪﻴﺎ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ، ۽ ﺍﺳﺎﻥ
ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﮑﮣﻴﻦ ۾ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ
ڪﺮﻳﻮﻥ ﭤﺎ، ﻣﺜﺎﻝ ﻃﻮﺭ !
ﺍﻟﻒ - ﻉ - ﺀ
ﺕ - ﻁ
ﺙ - ﺱ - ﺹ
ﺡ - ﻫﻪ
ﺫ - ﺯ - ﺽ - ﻅ
ﻕ - ڪ
ﻫﻨﻦ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﮐﺮ ﻫﻲ ﺁﻫﻦ .
ﺍﻟﻒ - ﺀ، ‏) ﺳﺎﮘﻴﻮ ﺍﮐﺮ ﺁﻫﻲ، ﻟﻴڪﻦ ﺷڪﻞ
ﺟﺪﺍ ﺟﺪﺍ ﺁﻫﻲ . ‏(
ﺕ - ‏) ﺙ ۽ ﺱ ﭔﻴﺌﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﮐﺮ ﺁﻫﻦ ‏( ﺯ -
۽ ڪ
ﻫﻦ ﺍﻟﻔﺎﺑﻴٽ ۾ ڏﻫﻪ ﺍﮐﺮ ﺍﻫڙﺍ ﺁﻫﻦ
ﺟﻴڪﻲ ” ﻫﻪ “ ﻫﺮﮢﻲ ﺳﺎﻥ ﭠﻬﻦ ﭤﺎ ﻳﺎ
ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻫڪ ٽﭕڪﻲ ﺟﻲ ﺍﺿﺎﻓﻲ ﺳﺎﻥ
ﻇﺎﻫﺮ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﺍُﻫﻲ ﻫﻦ ﺭﻳﺖ
ﺁﻫﻦ .
ﭚ - ﭢ - ﭞ - ﺟﻬﻪ - ﭾ - ﮄ - ﮂ - ﭮ - ﮎ - ۽ ﮔﻬﻪ
ﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﻥ ” ﮎ “ ﮐٽ ﺗﻲ ﺍﮘﻴﺌﻲ ﺭﻭﺷﻨﻲ
ﻭﮄﻱ ﻭﻳﺌﻲ ﺁﻫﻲ .
ﻫڪڙﺍ ٽﻲ ﺍﮐﺮ ﻧﺞ ﻋﺮﺑﻲﺀَ ﺟﺎ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ
ﺟﻲ ﺑﻠڪﻞ ﺍﻟﮗ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺍﻫﻲ
ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺗﻲ ﺣﺎﻭﻱ ﭤﻲ ﺭﻫﻴﺎ
ﺁﻫﻦ . ﻣﺜﺎﻝ ﻃﻮﺭ ﺥ - ﻍ - ۽ ﻑ .
ﺍِﻫﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺍﮐﺮﻥ ﮎ - ﮒ - ۽ ﭮ، ﺟﻲ
ﺟﺎﺀِ ﻭﺍﻻﺭﻱ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ . ﺣﻴﺮﺕ ﺟﻲ
ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺍِﻫﺎ ﺑﻪ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﺎ، ﮐﻮڙ
ﺳﺎﺭﺍ ﺳﻨﮅﻱ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺑﻪ ﺍﻧﻬﻦ
ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﺎ ﺁﻫﻦ . ۽ ﺟڏﻫﻦ
ڪﻮ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﭔﺎﺭ ﭘٽﻲ ﮐﮣﻲ ﭘڙﻫﮡ
ﻭﻳﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ﺍﻧﻬﻦ
ﺍﮐﺮﻥ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﺪﺍﺋﺸﻲ ‏) ﺳﻨﮅﻱ ‏(
ﺍﻧﺪﺍﺯ ۾ ﺍﭼﺎﺭﻱ ﭤﻮ . ﻣﺜﺎﻝ ﻃﻮﺭ ” ﺥ “ ﺧﭽﺮ
ﮐﻲ ” ﮎ “ ﮐﭽﺮ ﭼﻮﻱ ﭤﻮ، ” ﻍ “ ﻏﺎﻟﻴﭽﻮ
ﮐﻲ ” ﮒ “ ﮔﺎﻟﻴﭽﻮ ۽ ” ﻑ “ ﻓﺎﻧﻮﺱ ﮐﻲ
” ﭮ “ ﭰﺎﻧﻮﺱ ﭼﻮﻱ ﭤﻮ . ﺍﻧﻬﻦ ﺍﮐﺮﻥ ﮐﻲ
ﺳﻨﮅﻱ ۾ ﺍﭼﺎﺭﻳﻨﺪﻱ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﭔﺎﺭ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ
ﭘﻴﺪﺍﺋﺸﻲ ﺣﻖ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﭘﺮ
ﭔﺎﺭﻥ ﮐﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ڏﺍﮂﻱ ﺫﻫﻨﻲ ﺗڪﻠﻴﻒ
ﺑﺮﺩﺍﺷﺖ ڪﺮﮢﻲ ﭘﻮﻱ ﭤﻲ .
ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺍﺳﻴﻦ ﻫﺘﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﻟﻔﺎﺑﻴٽ ۽
ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺗﻲ ﺑﺤﺚ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻴﻮﻥ،
ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺍﻫﻮ ﭴﺎﮢﮡ ﺑﻪ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻻﺯﻣﻲ
ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﭠﻴﭟ ﺳﻨﮅﻱ ﻧﺎﻻ ڪﻬڙﺍ
ﺁﻫﻦ؟ ۽ ﺍﭲ ڪﻠﻬﻪ ﻭﺭﻱ ﺳﻨﮅﻱ ﻗﻮﻡ ﺟﻲ
ﻧﺎﻟﻦ ۾ ﻋﺮﺑﻲ ﻧﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ ﭘﺌﺠﻲ ﻭﻳﻮ
ﺁﻫﻲ . ﻫﻴﭟ ﭴﺎﮢﺎﻳﻞ ﻧﺎﻟﻦ ﻣﺎﻥ ﺋﻲ،
ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﺍﻟﻔﺎﺑﻴٽ ۽ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻲ
ﮀﻨڊﮀﺎﮠ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ . ﻫﻴﭟ ڪﺠﻬﻪ ﺳﻨﮅﻱ
ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﺳﻨﮅﻱ ﻧﺎﻻ ﭘﻴﺶ ڪﺠﻦ ﭤﺎ :
ﻗﻴﻤﺘﻲ ﻧﺎﻻ :
ﻣﺎﮢڪ - ﺳﻮﻧﻮ - ﭼﺎﻧﺪﻱ - ﺭﻭﭘﻮ - ﻫﻴﺮﻭ -
ﻣﻮﺗﻲ - ﻻﻟﻮ - ﺟﻮﻫﺮ - ﻫﺰﺍﺭﻱ - ﺍﻣﻮﻟﮏ -
ﭘﺪﻣﻮﻥ - ﺑﻮﻟﻮ - ﻧﭥﻮﻳﺎ - ﻧﺎﭤﻮ ﮘﻬﮣﻮ ۽
ﻗﻴﻤﺖ ﻭﻏﻴﺮﻩ :
ﭔﻮٽﻦ، ﻣﻴﻮﻥ ۽ ﻭﮢﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ :
ﭰﻮٽﻮ - ﻟﻮﻧﮓ - ﮔﻞ - ﭰﻠﻮ - ﺳﺮﻫﻮ -
ڪﻴﻮڙﻭ - ﺍڪ - ڪﺎﻧڊﻳﺮﻭ - ٽﻮﻫﻪ - ﺗﻠﺴﻲ -
ﭘﻴﺮﻭﻥ - ﭔﭕﺮ - ڪﻨڊﻭ - ڪﺮڙ - ﭰﻮﮖ -
ڏﺍڙﻫﻮﻥ - ﺍﻧﺐ - ﻣﻴﻮﻭ - ﻟﻴﻤﻮﻥ - ﮔﻼﺏ -
ﻭﻏﻴﺮﻩ .
ﺑﺎﺩﺷﺎﻫﻲ ﻧﺎﻻ :
ﺭﺍﭴﺎ - ﺷﺎﻫﻦ - ﻣﻴﺮ - ﺍﻣﻴﺮ - ﺳﻮﺭﻫﻴﻪ -
ﺑﻬﺎﺩﺭ - ﺷﻴﺮﻭ - ﻣﺎﻧﺠﻬﻲ - ﺭﺍﻭﺕ -
ﺳﻮﮂﻭ - ﺳﻮﭜﻮ - ﭰﺘﻮ - ﺩﻭﺩﻭ - ﺩﻭﻟﻬﻪ -
ڏﺍﻫﺮ - ڏﻫﺮﺍﺝ - ﺷﻬﺰﺍﺩﻭ - ﻣﻬﺮﺍﮠ - ﭴﺎﻡ -
ﻭﺭﻳﺎﻡ - ﺑﻬﺮﺍﻡ - ﻭﻏﻴﺮﻩ .
ﭘﻴﺎﺭ ﻭﺍﺭﺍ ﻧﺎﻻ :
ﻣﻨﭡﺎﺭ - ﺟﺎﻧﻲ - ﺳﭵﮡ - ﺳﻬﮣﻮ - ﭜﻮﺭﻭ -
ﺟﺎﻧﺐ - ﮂﻭﻟﻴﻮ - ﺩﻟﺪﺍﺭ - ﻧﻨﮃﻭ - ﺩﺍﺩﻭ -
ﻣﭡﻮ - ﭘﻮڙﻫﻮ - ﺳﭝﺎﮘﻮ - ﭘﺮﻳﻦ - ﭘﻴﺎﺭﻭ -
ﺭﺍﮢﻮ - ﺳﭽﻞ - ﺳڪﻴﻠﮅﻭ - ﺩﻟﺒﺮ - ﺳﺎﻧﻮﻝ -
ﻭﻏﻴﺮﻩ .
ﺟﻴﺘﻦ، ﭘﮑﻴﻦ ۽ ﻣﻨﺪﻥ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ :
ﭘﻮﭘٽ - ﻣﺎڪﻮڙﻭ - ﭜﻨﻮﺭﻭ - ﭼﺘﻮﻥ - ﻣِﭡﻮ -
ﻣﻮﺭﻭ - ﺳﺎﺭﻧﮓ - ﺳﺎﻧﻮﮠ - ﺑﺎﺩﻝ -
ﻣﻴﻨﻬﻮﻥ - ﻣﻠﻬﺎﺭ - ﺁﮔﻮ - ﮔﻮڙﻭ - ﻭﺍﺳﻦ -
ﮔﺎﺟﻲ - ﺑﻬﺎﺭ - ﭘﻮﻫﻮ - ﭤﮅﻭ - ﮔﻠﮡ - ﮔﻠﺰﺍﺭ -
ﮔﻞ ﺑﻬﺎﺭ ﻭﻏﻴﺮﻩ .
ﻫﻴﭟ ڪﺠﻬﻪ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﻋﺮﺑﻲ ﻧﺎﻻ
ﭘﻴﺶ ڪﺠﻦ ﭤﺎ :
ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻪ - ﻧﺼﺮﺍﻟﻠﻪ - ﻫﺪﺍﻳﺖ ﺍﻟﻠﻪ - ﺍﻣﺎﻥ
ﺍﻟﻠﻪ - ﺣﺰﺏ ﺍﻟﻠﻪ - ﻋﺒﺪﺍﻟﺠﺒﺎﺭ - ﻋﺒﺪﺍﻟﻐﻔﺎﺭ -
ﻋﺒﺪﺍﻟﺴﺘﺎﺭ - ﻋﺒﺪﺍﻟﻮﻫﺎﺏ - ﻋﺒﺪﺍﻟﺤڪﻴﻢ -
ﻋﺒﺪﺍﻟﺮﺷﻴﺪ - ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺨﺶ - ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎﻟﻢ -
ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻤﺮ - ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ - ﻣﺤﻤﺪ
ﻋﻠﻲ - ﻋﻠﻲ ﺑﺨﺶ - ﺣﺴﻴﻦ ﺑﺨﺶ -
ﺣﺴﻦ ﺑﺨﺶ - ﺍﻣﺎﻡ ﺑﺨﺶ - ﻏﻼﻡ ﺍﻟﻠﻪ -
ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ - ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ - ﻏﻼﻡ ﺣﺴﻴﻦ -
ﻏﻼﻡ ﻓﺎﺭﻭﻕ ﻭﻏﻴﺮﻩ :
ﻳﺎﺩ ﺭﮐﻮ ! ﺟﻴڪڏﻫﻦ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺳﻨﮅﻱ
ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ۾ - ﺡ - ﺥ - ﺹ - ﺽ -
ﻁ - ﻅ - ﻉ - ﻍ - ﻑ ۽ ﻕ - ﻣﺎﻥ ڪﻮﺑﻪ ﺍﮐﺮ
ﺍﭼﻲ ﻭﭸﻲ ﺗﻪ ﻓﻮﺭﻥ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﮀڏﮠ
ﮔﻬﺮﺟﻲ، ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ ڪﻨﻬﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ
ﺳﻨﮅﻱ ﺟﻮ ﺁﻫﻲ .
ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺍﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ ڪﻨﻬﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ
ﺳﻨﮅﻱ ﺟﻮ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ۽ ﻫﻨﺪﻭ ﺳﻨﮅﻱ ﺟﻮ
ﻫﺠﻲ ۽ ﻣﭥﻲ ﭴﺎﮢﺎﻳﻞ ڏﻫﻦ ﺍﮐﺮﻥ ﻣﺎﻥ
ڪﻮﺑﻪ ﺍﮐﺮ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻴﻞ
ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﺗﻪ ﮔﺮﺍﻣﺮ ۽ ﭔﻮﻟﻲ
ﺟﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻏﻠﻂ ﻟﮑﻴﻞ
ﺁﻫﻲ ۽ ﺍﻥ ﮐﻲ ﭠﻴﭟ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲ ۾
ﺩﺭﺳﺖ ڪﺮﻱ ﻟﮑﮡ ۽ ﭘڙﻫﮡ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ
ﺁﻫﻲ.

Tuesday, 7 November 2017

سادگي پسند عالم چنا جي قدآور آکاڻي

.
گنبذ بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ موجب( 1982 کان 1998 ) تائين پاڪستان جو عالم چنا دنيا جو سڀ کان طويل القامت( ڊگهو) شخص هئو. اطلاعات موجب وفات کان اڳ سندس قد 7 فوٽ 7 انچ هئو.
عالم چنه جو تعلق هڪ غريب سنڌي گهراڻي سان هو. ڪنهن به قسم جي آعلي تعليم حاصل نه ڪيائين. ان جي گهراڻي جا مرد مشهور صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جا معتقد هئا. ملازم به هئا. شروعاتي ننڍي وڏي مذدوري کان پوء عالم چنه زياده وقت اتي ئي سيوهڻ ۾ گذاريو. هن جي ذمه مزار جي ڪجهه حصن جي صفائي ۽ سنڀال هئي. روايتي طور تي صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جو عرس( ميلو) هر سال ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو هئو. ميلن تي هر سال سرڪس وارا به پنهنجي انداز سان وڏو تنبو لڳائي ٽڪيٽ رکي زائرين لاء دلچسپي جو سامان مهيا ڪندا هئا. جن ۾ انسانن ۽ جانورن جا ڪرتب ناچ راڳ يا مسخري وجهي ماڻهن کي وندرائيندا هئا. اهڙي هڪ سرڪس واري عالم چنه کي ملازمت جي آڇ ڪئي 1978 کان هو سرڪس سان منسلڪ ٿيو. مزار تي هفتي ۾ کيس 15 روپيه ملندا هئا سرڪس وارن کيس 160روپيه مهيني تي رکيو . اها پيشڪش هن فورا قبول ڪئي.
ائين عالم چنه مقامي اسٽار ٿي ويو. سرڪس سان هلندي هن سڄي سنڌ جو سفر ڪيو. ننڍڙي قد جا ٻه جوڪر ايندا هئا ڪرتب ڪندي عالم چنه جي انٽري ٿيندي هئي. هلندي جوڪرن کي جهٽي ڪلهي تي ويهاريندو هئو. ائين محسوس ٿيندو هو ته هڪ ديو کان ڀڄڻ جي ڪوشش پيا ڪن. ماڻهو گهڻو داد ڏيندا هئا. 1981 ۾ هڪ آدم شناس ماڻهو عالم چنه کي سرڪس ۾ ڏٺو. گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ جي ايڊيٽر کي خط لکيو. خط سان گڏ ڪجهه تصويرون به موڪليون. ڪجهه مهينن اندر گنيز جا ڪجهه آفيسر ڪراچي آيا، جتان سيوهڻ پهچي انهن عالم چنه سان ملاقات ڪئي، قد جي ماپ ڪئي جيڪو ست فوٽ ست انچ هئو ۽ برطانيه پهچي کيس دنيا جو قدآور ترين شخص قرار ڏئي گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ درج ڪيو. هي خبر پهرين سنڌي اخبارن ۾ پوءِ اردو ۽ انگريزي پريس ۾ اها خبر ڇپي. آخرڪار سرڪاري ٽي وي( پي ٽي وي ) تي رات جو 9 واري بليٽن ۾ اها خبر نشر ٿي. اهڙي طرح عالم چنه راتون رات قومي کان ٻين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي. جتي ويندو هو ميڊيا، نمائنده ۽ تماشائي سندس پيڇو ڪندا هئا. جنهن انداز ۾ کيس جلدي شهرت ملي ان مان پريشان ٿي سرڪس ڇڏي مزار تي اوقاف جي مستقل ملازمت اختيار ڪئي.
عالم چنه ان وقت به مزار تي ملازم هئو جڏهن 1983 ۾ جنرل ضیاء الحق جي آمريت خلاف سنڌ ۾ جدوجهد پئي هلي.
هن جدوجهد ۽ مظاهرن کي چند 'غدارن' جي ڪارستاني قرار ڏيڻ لاءِ ضيا سنڌ صوبي جي اهم جاين جي دوري جو فيصلو ڪيو. پر سندس هيلي ڪاپٽر جتي به لٿو پئي اتي مسلسل احتجاج، مظاهره، پٿر ۽ لعنتون پئي مليس. سيپٽمبر 83 کان پوءِ ضياء الحق هڪ اهڙي جڳھ تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو جتي ڪشيدگي عروج تي هئي. يعني دادو
مشيرن چيس ته اتي هو فخر سنڌ عالم چنه سان فوٽو سيشن ڪري.
سيوهڻ ۾ اڌ درجن پوليس وارا ڪجهه آفيسر خاموشي سان عالم چنه جي گهر پهتا. مزار تي نه ويا ڇو ته مزار ضيا مخالف ڪارڪنن جو مرڪز بڻجي چڪو هو. عالم چنه کي ٻڌايو ويو ته پوليس اهلڪار تنهنجي گهر تي بيٺل آهن، هي غير سياسي ما ڻهو پريشان ٿي ويو مزار کان ڪونه چريو . ان وچ ۾ هڪ پيغام رسان کيس ٻڌايو ته صدر هٿان کيس ايوارڊ ملڻو آهي. اهو وصول ڪرڻ لاءِ ڪراچي هلبو. هي گهر طرف آيو آفيسرن سان مليو ۽ هلڻ جي حامي ڀري. ٻئي ڏينهن شام جو ڪراچي هلڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.
جيئن ئي آفيسر روانا ٿيا، سنڌي قوم پرستن، گهر وارن ۽ دوستن سان سندس ملاقات ٿي، احوال ٿيا. سڀني کيس جهليو ته اصل ملاقات نه ڪجو اسين سڀ سنڌي ضياء جي ظلم جو شڪار آهيون. عالم چنه ڪلها لوڏي نه وڃڻ جي حامي ڀري. ٻئي ڏينهن حسب دستور مزار تي آيو. شام تائين ٻاهر نه نڪتو. افسران آيا، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳوليندا رهيس نيٺ مايوس ٿي خالي هٿين ڪراچي واپس ٿيا.
الائي ڇو ۽ڇا ضيا کي ٻڌايو ويو، پر هن مشهور سنڌي سان ضياء کي ملڻ جو جنون برقرار رهيو. 1985 ۾ وري کيس عالم چنه سان تصوير ڪڍائڻ جو شوق جاڳيو. ان وقت تائين عالم چنه هڪ حقيقي اسٽار بڻجي چڪو هو. ٻاهرين ملڪن مان کيس تقريبن جون دعوتون ملڻ شروع ٿي ويون. هي ساڳي طرح مزار تي ويندو رهيو. مارچ 85 تي کيس سيوهڻ ۾ ملڻ ڪجهه آفيسر آيا( هن دفعي پوليس وارا نه هئا)،کيس 23 مارچ تي ضياء الحق هٿان يوم پاڪستان جي پريڊ تي چوري ايوارڊ وصول ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. 21 مارچ تي ڪراچي پوء اتان هوائي سفر ذريعي اسلام آباد نيو ويو. تقسيم ايوارڊ جي تقريب دوران هزارين ماڻهن سامھون هن ضياء کان ايوارڊ وصول ڪيو هڪ فوٽو گرافر ان لمحي کي قيد ڪيو.
پاڪستان جي سڀني نمايان اخبارن برطانيه جي ڊيلي ٽيليگراف به اها خبر ۽ تصوير شايع ڪئي ظاهر آهي ته ضيا ننڍي قد جو هو ايوارڊ ملڻ وقت ۾ عالم چنه کي ڪافي جهڪڻو پيو. سنڌي پريس زبردست تبصرو ڪيو ته " سنڌ هاڻ به ضياء الحق کي ننڍو سمجهي ٿي"
1988 ۾ ضياء جي موت بعد به عالم چنه جي شهرت عروج تي پهچي وئي
بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف به سندس مان ڪيو سرڪاري خرچ تي يورپ آمريڪا، خليجي ملڪن جا دورا ڪيائين.
خير سان 1989 ۾ شادي ڪيائين 1990 ۾ کيس هڪ پٽ جو اولاد ٿيو.
سندس صحت وڌيڪ وزن هجڻ سبب خراب ٿيڻ شروع ٿي. هو اڪثر شڪايت ڪندو رهندو هئو ته مان عام زندگي ۾ ڏاڍو خوش هئس. پنهنجي درگاهه جي فقيري ۽ سرڪس جي زندگي جو ذڪر ڪندو رهندو هو. کين ڪافي قيمتي تحفا به ملندا هئا پر هن مزار جي حاضري نه ڇڏي.
1998 ۾ سندس گڙدا ناڪاره ٿيڻ شروع ٿيا. حڪومت وقت کيس علاج لاءِ سرڪاري خرچ تي آمريڪا موڪليو. اتي اسپتال ۾ هو ڪوما ۾ هليو ويو جلد ئي وفات ڪري ويو. ان وقت سندس عمر 45 سال هئي. مرحوم سيوهڻ ۾ مدفون آهي.
عالم چنه جي 27 سالہ پٽ کي پنهنجي بابا جي دلي خواهش کي پوري ڪرڻ جو عزم آهي ته سيوهڻ ۾ هڪ يونيورسٽي هجي. ان لاءِ هو حڪومت وقت، ارباب اختیار کي اپيلون ڪندو رهي ٿو.
هي مضمون ڊان اخبار 25آڪٽوبر 2015 تي سنڊي ميگزين ۾ شايع ٿيو. ليکڪ نديم ايف پراچہ