Tuesday, 31 October 2017

بي گهر جمنا

اهو ڪو گهڻو پراڻو دور نه هو، جڏهن جهانگير جي زنجير عدل جو آواز سڌو سنئون بادشاهه تائين پهچندو هو ۽ قانون مطابق تڪڙو انصاف فراهم ڪيو ويندو هو. هي اُهو دور هو، جڏهن جديد سهولتون نه هيون. سواريءَ لاءِ جانور استعمال ٿيندا هئا ۽ خبر پهچائڻ ۽ پيغام جي رسائيءَ لاءِ به جانور ۽ ڪبوتر ڪم
ايندا هئا. مهينن جا مهينا سفر ڪري ماڻهو هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين رسندا هئا. پر بادشاهن جي پيغام رسائيءَ جو سرشتو فعال هو. تاريخ چوي ٿي ته عام ماڻهو ننڍن مسئلن لاءِ نه ته به ڪجهه ضروري ڪمن، انصاف ۽ مدد لاءِ آڌي رات جو به زنجير عدل کي لوڏي، بادشاهه کي سڏي وٺندا هئا ۽ بادشاهه پاڻ انهن جون شڪايتون ٻڌندو هو. شايد ان دور ۾ بادشاهه گهڻو معروف نه هئا. انڪري عوام انهن لاءِ اهميت رکندڙ هو. يا ته وري انهن کي ان ڳالهه جو به احساس هو ته عوام ۾ مقبوليت وڌائڻ لاءِ عوام جون دليون کٽڻ ۽ انهن کي ڪجهه انصاف ڏيڻ ضروري بڻجي ٿو. اڄ جي تيز رفتار دور جي ڀيٽ ۾ اهي بادشاهه عوام بابت گهڻا باخبر هئا. اڄ جڏهن پيغام رسائيءَ جا تيز ترين ذريعا اسان وٽ موجود آهن، پر ڪو غريب پنهنجو آواز وقت جي حڪمرانن تائين پهچائي نٿو سگهي. هڪ غريب عورت جيڪا 90 سالن جي ڄمار ۾ پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان احتجاج ڪري ٿي، پر ان جو احتجاج ۽ آواز رڳو اخبار جي پنن ۾ لڪل رهجي ٿو وڃي. واڳ ڌڻين تائين پهچي ئي نٿو. هڪ پيرسن عورت، جيڪا مهيني کان دربدر رلي ٿي، رستن تي دانهي ٿي. هوءَ ماءُ جنهن کي پيرسنيءَ سبب پٽ گهر مان ڪڍي ٿا ڇڏين، هوءَ ميڊيا کي ٻڌائي ٿي ته پٽ گهر ۾ رهڻ نٿا ڏين. هوءَ ڊي آءِ جي ۽ ڪمشنر حيدرآباد تائين پنهنجو آواز پهچائڻ ٿي چاهي، پر سندس آواز بلند ٿئي ٿو ۽ پولارن ۾ گردش ڪندو رهجي ٿو وڃي. هن جو ڪمزور آواز تيز ترين اطلاعات جي سهولتن کان پو به حڪومت تائين نه ٿو پهچي سگهي.
        زندگيءَ جي ڊرامي ۾ ماءُ جو ڪردار رڳو ايترو ئي هجي ٿو، جو هوءَ پنهنجي زندگيءَ جون سڀ سهولتون اولاد کي ارپي، پيدا ڪري، پرورش ڪري، تعليم ڏياري، اولاد خاص طور پٽ، جڏهن ڪنهن مقام تي پهچن ٿا ته کين جيڪا شيءِ گهر ۾ سڀ کان وڌيڪ فالتو ٿي نظر اچي، اها ماءُ هجي ٿي. گهر جي فالتو سامان کي اڇلائڻ کان پهرين ماءُ کي اڇلايو ٿو وڃي. جمنا، جيڪا هن وقت پنهنجي گهر کان بيدخل ڪئي ويئي آهي. ان جهڙيون گهڻيون عورتون آهن، جيڪي اکيون کولين ٿيون پيءُ جي گهر ۾، اکيون بند ٿيڻ تائين پنهنجي ڇت ۽ پنهنجي زمين ڏسڻ کان محروم ٿيون رهن. عورت جيڪا گهر جو سڀ ڪم ڪندي، گهر جي ڪنڊ ڪنڊ کي چمڪائڻ کان پو به ڪڏهن به گهر جي مالڪ نٿي بڻجي سگهي. هن جي نصيب ۾ نه هڪ ڪمرو آهي نه ئي هڪ گهر آهي. سڄي عمر مسافرن جيان گذري ٿي ۽ پنهنجي پوري توانائي، محنت ۽ صلاحيت ان گهر کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ ٿي گذري ۽ گهر جي مالڪ سڏرائڻ جو حق نٿي رکي. گهر جو مالڪ سدائين مرد ئي هجي ٿو. طاقت جي ورهاست رشتن جي نالي ڪئي ويئي آهي. رڳو نالا تبديل ٿيندا آهن. حڪمرانيءَ جا اختيار سدائين مرد وٽ ئي ٿا رهن. رشتن جي جوڙجڪ ۾ عورت پنهنجي محبت ۽ محنت ٻئي ورهائي ٿي، پر بدلي ۾ ڪجهه به نٿو ملي.
90 سالن جي جمنا ته اپيلون ڪري رهي آهي، جنهن کي خبر نه آهي ته اعليٰ اختيارين تائين پهچڻ لا گس ڪهڙو آهي. عام ماڻهو ميڊيا جو سهارو وٺن ٿا، جنهن کي اڄوڪي دور ۾ تڪڙو پيغام جي رسائيءَ جو طريقو سمجهيو وڃي ٿو. پر اعليٰ اختيار رکڻ وارا روز ٿيندڙ احتجاجن، بک هڙتالن ۽ اپيلن تي ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. احتجاج بس هڪ رسم جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن، جن کان اعليٰ اختيارين وارا به واقف هوندا آهن، پر انهن کي ڌيان ڏيڻ جي لائق نٿو سمجهيو وڃي. حقيقت کان اکيون پورڻ، سچائيءَ کي نظرانداز ڪرڻ انهن جو آخري هٿيار بڻجي چڪو آهي. هڪ فرد جيڪي حق رکي ٿو، اهي هن وقت واضح ناهن. ڏوهه ۽ گهر جو مسئلو پاڻ ۾ گڏ وچڙ سمجهيا ٿا وڃن. عورت سان واسطو رکندڙ ڏوهه گهڻو ڪري "گهر جو مسئلو" "گهريلو معاملو" جي ليبل هيٺ ڏوهن واري خاني مان خارج ڪيا ٿا وڃن. عورت تي تشدد ڪيو وڃي، ماريو وڃي، ڀلي روڊن رستن تي، گهرن ۾ يا ڪورٽن جي سامهون ماريو وڃي، پر اهڙا ڏوهاري سزا کان بچي ٿا وڃن.        رشتن جي خوبصورت ڄار ۾ ڦاٿل عورت، جڏهن ظلم خلاف احتجاج ڪري ٿي ته هوءَ يڪدم سماج ۽ خاندان مان فارغ سمجهي وڃي ٿي. پنهنجن پيارن هٿان استحصال جو شڪار ٿيندڙ عورت، جڏهن بيوس بڻجي قانون طرف نظر ڦيرائي ٿي ته قانون به ان کي تحفظ ۽ انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿو نظر اچي. پنهنجي پاڻ تي ظلم برداشت نه ڪندڙ، يڪدم گهر کان محروم بڻجي ٿي وڃي. اسان وٽ حڪومت پاران اهڙي ڪابه پناهگاهه ناهي، جتي عورت قانون جي رسائي ۽ انصاف ملڻ تائين پنهنجي جان بچائي رهي سگهي. حيدرآباد جهڙي وڏي شهر ۾ به عورتن لاءِ ڪابه پناهه ناهي، "ش" کي سندس مڙس تشدد ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو، ٻارن کي ماريائين. "ش" صبح کان رات تائين رستن تي ڌڪا کائيندي رهي. شام تائين پوليس، ٿاڻن جون حدون جاچيندي ۽ ماپيندي رهي ته هن عورت جو ڪيس ڪهڙي ٿاڻي جي حد ۾ درج ٿيندو، نيٺ نتيجو اهو نڪتو، جو کيس چيو ويو ته هي گهر جو جهيڙو آهي. ان ۾ قانون جو ڪوبه عمل دخل ناهي. "ش" کي گهر نه مليو، نه هن کي مڙس گهر ۾ اچڻ ڏنو، نه وري مائٽن ۾ سک سان رهي سگهي.
        دارالامان ننڍا جيل خانا آهن، جن ۾ عورتن جي ڪابه سماجي زندگي نٿي هجي. پڙهيل لکيل عورت جنهن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به هوندي آهي، اها به ڪنهن مجرم ۽ قيديءَ جيان زندگي ٿي گذاري. معاشي طرح پاڻڀرو ٿيڻ يا پنهنجي زندگي پنهنجي مرضيءَ سان گذارڻ جو اختيار عورت وٽ ناهي هوندو. اهڙا ادارا جتي عورت پناهه حاصل ڪري ۽ معاشي، سماجي سرگرميون جاري رکي سگهي، فعال ناهن. ويهه سالن جي "راحيلا" چوي ٿي ته، "بابا مون کي اسڪول نٿو موڪلي، آئون اسڪول وينديس، پڙهنديس، بابا منهنجو ڪمرو ٺهرائيندو، پوءِ گهر وينديس."
        راحيلا اهي جملا ڪنهن آزاد فضا ۾ رهندي نه پئي چوي، هوءَ ته ڪنهن نفسياتي اسپتال جي سلاخن پويان ڳالهائي رهي آهي. راحيلا چوي ٿي ته "بابا چوي ٿو ته ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ جي ضرورت ناهي، کين رڳو مذهبي ڪتاب پڙهڻ گهرجن."
        ڊاڪٽر مطابق راحيلا نفسياتي مريض آهي، گهر ۾ هن کي صبر ۽ چپ جو سبق پڙهايو پئي ويو. راحيلا کي ننڍا ڀائر ڀينرون تنگ ڪندا هئا ۽ هوءَ انهن تي ڪاوڙ ڪندي هئي. راحيلا شاعري به ڪري ٿي، هوءَ رڳو پنجين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪري سگهي. روايتي چپ چاپ ڇوڪرين کان مختلف، پنهنجي گهر ۾ پنهنجو ڪمرو گهرندڙ کي چريائپ جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي. هوءَ اڄ به منتظر آهي ته "بابا سندس ڪمرو ٺهرائيندو ته پوءِ هوءَ گهر ويندي."
        بيخبريءَ جي دنيا ۾ خبر رکندڙ مجرم بڻجي ٿو وڃي. اڻڄاڻ ماڻهن ۾ ڄاڻ رکندڙ ڏوهاري آهي. پنهنجو گهر، پنهنجو اجهو گهرندڙ عورت به اڄ يا ڏوهاري بڻجي جيل ٿي وڃي، يا پاڳل بڻجي سلاخن جي پويان ٿي وڃي. راحيلا جي ان حالت جي ذميواري ڇا سندس گهر ۾ رهندڙ مائٽن جي ناهي؟ سندس والد پاران مڙهيل حد کان وڌيڪ پابندين هن کي پاڳل پڻي جي دائري ۾ قيد ڪري ڇڏيو. شايد گهڻيون راحيلائون آهن، جن جون اکيون خواب ڏسن ٿيون، ارمان پالين ٿيون، پر اهي پورا نٿا ٿين. اڻپورين خواهشن ۽ ارمانن جي بار هيٺان هوءَ پنهنجي دعا جي سگهه ۽ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت به وڃائي ٿيون ويهن. انساني دماغ ڪيترو ٻوجهه برداشت ڪري سگهي ٿو؟ شايد انڌن ٻوڙن جي سماج ۾ آواز رکندڙ ماڻهن جو انجام سقراط جهڙو ئي ٿئي ٿو. اڻڄاڻ ۽ ڄاڻ رکندڙن جو گڏجي رهڻ ممڪن ئي نٿو هجي، سقراط جيان زهر جا پيالا پيڻ سولو آهي، پر ڄاڻ رکندي اڻڄاڻ بڻجڻ ۽ خبر هوندي به بيخبر ٿي زندگي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سماج ۾ اڀرندڙ احتجاجن جو آواز ۽ اپيلون آخر ڪير واڳ ڌڻين تائين پهچائيندو. گهر ۾ عورت جي هجڻ وارو تصور رڳو پرڪشش جملي کان سواءِ ڪابه حيثيت نٿو رکي. مرد جي مرضي آهي ته هو ڪنهن به وقت عورت کي گهر کان بي گهر بڻائي ڇڏي، هو هر رشتي ۾ اختيار جون واڳون پاڻ وٽ ٿو رکي. پيءُ، ڀاءُ، مڙس، پٽ جو هر روپ حڪمراني ۽ اختيار جو اهڃاڻ هوندو آهي ۽ حڪومت ۽ رياست به اهڙو ئي ذهن رکي ٿي. هڪ صدي جي ويجهو ڄمار گذارڻ کان پوءِ به اڄ جي جمنا رستن تي بي پهچ روئيندي ٿي رهي. رات جي اونداهيءَ ۾، سندس گهر ۾ ڪجهه پهر گذاري ٿي، جتان صبح اڀرڻ شرط هن جا بااختيار مالڪ پٽ، کيس ڌڪا ڏيئي ڪڍي ٿا ڇڏين، پوءِ هوءَ آهي ۽ پريس ڪلب جا آباد رستا ۽ بي ڪوڪ آواز ۽ بي پهچ احتجاج آهن.

جهنگ جو ننگ ۽ بيضن جا چور - خالد ڪنڀار

جهنگ جي ماڻهن جا ڪي ڪي ڪم وري اهڙا اونڌا آهن، جو ماڻهو پنهنجي منهن ويٺو ڏند ڪرٽيندو ته هي ڪن ڇا ٿا؟ پنهنجي منهن ويٺو وڦلندو آڏيون ابتيون هڻندو ته.. جهنگ جو خيال ڪو نه اٿن، سو ننگ جي حيا وري ڌوڙ ڪندا. پر جهنگ ۾ جيڪا چوس پئجي وئي سا پئجي وئي. پوءِ عادت آهي عضوو، سا تا حيات رهندي. هزار حيلا بهانا ڪريو، حرام جو پنهنجي عادت کڻي ڇڏين. جهنگ جي اڪابرن جو عقل به بي اثر ٿيو وڃي. اهي اونڌا ڪم آهن. وڻ ٽڻ جو ذيان، پکي پکڻ ۽ جانور جو شڪار، ڪنهن جهنگ جي پسوءَ تي ڪهل کائڻ بنا ظلم ڪرڻ، اهي جهنگ ۾ اونڌا ڪم ڪندڙ سڏجن ئي شڪاري ٿا. ٻيون ڳالهيون ته رهيون پرتي، پر هرڻن جي ٻچن کي روڙيو کڻي رڇ ۾ هڻن. پر وڏو پاپ ته اهو ٿا ڪن جو ڊيل جي بيضن ۽ ٻچن تان به ٽارو نٿا ڪن. پوءِ ڊيلن جي وڻن ۾ ڪيهو ڪيهه ٿي هجي. ڊيلون ۽ مور، جيڪي نانگ جا جهنگ ۾ سڀ کان وڏا ويري آهن، جي ڀلا ڪنهن نانگ جي ڊيل يا مور تي نگاهه پئي ته روڙ ڪڍي وڃي ڪنهن وڻ ٻوٽي ۾ پناهه وٺندو. جي ڪو وڻ ٻوٽو ويجهو نه هوندس ته روڙ ڪري ويندو ٻر ۾.. پوءِ ٻِر ڪنهن جو به هجي. ڪوئي جو هجي ڳوهه جو هجي، نانگ ڍري وڃي پناهه وٺندو. جي ڪنهن ڀيڻي ڀيڙو نه ٿيو ته مور روڙي اچي رسندو، پوءِ چنهنب سان جهليندو پڇ مان ۽ اڏامندو مٿي، جيترو مور مٿي اڏي سگهي ٿو، اوترو اڏامي اتان نانگ کي چهنب مان ڪڍندو ۽ نانگ اچي پٽ تي ڦهڪو ڪندو. نانگ ڌڪ کائي سهمون ٿئي، تيستائين وري جهٽ ڏئي اڏامندو مٿي، ائين ٻه ٽي ڌڪ ڏنائين ته نانگ جي حياتي پوري. اهو جي هڪڙو مور هوندو ته، جي هوندا ٻه ته هڪڙو ڇڏيندو ٻيو کڻندو، بس نانگ ٽن چئن ڌڪن ۾ پورو. انهيءَ نانگ جي ماري، مور لئه شڪاري شتاب آهي. مور پاڻ ته شڪاريءَ جي وجهه ۾ نٿو اچي، ٻيو شڪاري به مور ۽ ڊيل کان انهيءَ ڪري ٿو پاسو ڪري، جو جهليندي ئي مور جي دل ٽٽي پوي ٿي ۽ اتي ئي مريو وڃِي. سو وڏو مور ۽ ڊيل، شڪاريءَ جي ڪم جا ناهن.  شڪاريءَ جو سچو شڪار مور جا ٻچا ۽ بيضا هوندا آهن.
هونئن پاڻ واري ٿر ۾ گهڻو مور رهي ٿو. اتي واري جهنگ جا ماڻهو چون ٿا ته ڊيل جي بيضا ڏيڻ جي موسم پُور وسڪارو آهي. مينهن وسي اُڪامندا آهن، گاهه ڦُٽندا آهن. مور ۽ ڊيلون مستيءَ ۾ اينديون آهن، پوءِ ڊيلون سگها ئي بيضا ڏينديون آهن ۽ جڏهن ڇانهان پچي راس ٿيندا آهن، تڏهن انهن جون ڪُريون (ٻج) ڊيلن جا ٻچا کائيندا آهن، پر مهراڻي واري ڪَس ۾ اهاڙ ڏيندڙ شڪارين جو ته اهو چوڻ آهي ته جڏهن ڪڻڪن جا ڀيلاڙ ٿيندا آهن، تڏهن به مهراڻي واري ڪَس ۾ ڊيلون بيضا ڏينديون آهن. ڪَس جي شڪارين جو چوڻ آهي ته جڏهن ڊيلون ۽ مور ڍئو ۾ هوندا آهن، تڏهن لڳ ڪندا آهن. هڪڙي ڊيلَ ست کان يارنهن بيضا ڏيندي آهي، مور وري جهنگ کان گهڻو گهريلو پکي آهي.  بس جنهن به ڳوٺ جي پاسي ۾ مور هوندا ته وڏي اسُر جو هِتان جنڊ هلڻ شروع ٿيندا، هوڏانهن مور چونئري ۾ پيا ڦيرا ڏيندا. جنڊ تي ويٺل ڏوڪري جي هٿن مان داڻا چڳي ويندا، ٻار جي هٿ ۾ ٽڪر ڏٺئون ته ويو.. سو مور ۽ ڊيل ٿر جي ڳوٺن جا ڀاتي آهن. گهريلو پکي هجڻ جي ڪري مور جو ڪو آکيرو به ناهي هوندو. رات جو وڻن جي ٽارين تي ۽ ڏينهن جو گهرن ۾ وڻن تي به ڳوٺ کان گهڻو پري نه، پر ويجهو ئي مال جي واڙن مان پاڻي پيئڻ به سولو.. نه ته گهر ۾ پيل ڀريل دلو به اونڌو ڪندي دير ڪو نه ڪندا. انهيءَ ڪري بيضا به ڳوٺ جي ويجهو ڏيندا آهن. وڌ ۾ وڌ گهڻو پري تڏهن به ڪنهن وسنديءَ کان ٻه ڪلوميٽر پرتي ۽ ڏيندا به اتي جتان پير واٽ هوندي، پوءِ کپي مال هجي يا ماڻهوءَ جو، پر انهيءَ جي ڀر ۾ ڏيندا. اتي ڊيل ڇا ڪندي، جو ڪو ٻوٽو اهڙو ڳوليندي، جنهن هنڌ اڌ ڪاڙهو اڌ ڇانءَ هجي. جي رڳي ڇانءَ هوندي ته شڪاري چون ٿا ته بيضا ڦٽندا ڪو نه، خراب ٿي ويندا. اتي ننڍڙي کڏ کوٽي، ٿورا ٿورا هلڪا ڪک رکي اتي بيضا ڏيڻ شروع ڪندي. چوويهه ڏينهن ڪڪڙ وانگر آري تي ويهندي آهي. ڊيل آهستي آهستي ٻچا چُڳائيندي چُڳائيندي اٺاويهه ڏينهن تائين ڳوٺ ۾ پهچي ويندي. جي ڊيل ٻچن يا بيضن واري هوندي ته جهنگ ۾ باز کي اڏندو ڏسندي ڪوڪون ڪرڻ شروع ڪندي، جي هوندا ٻچا ته ڪوڪن مان سمجهي ڪنهن ٻوٽي ۾ لڪي ويندا ۽ شڪاري جيڪو جهنگ ۾ هوندو، اهو ڪوڪن مان سمجهي ويندو ته اها ڊيل ٻچن واري آهي يا بيضن واري آهي. ڪوڪون ڪندڙ ڊيل کي خفتي ٻه ٽي منٽ ڇڏي ڏيندو. جي صبح جو ٽائيم هوندو ته اوڏيءَ مهل پير کڻندو ابتا.. وڃي بيضن تي پهچندو. جي شام هوندي ته وري صبح جو اتان ابتا پير کڻندو. جي ڀلا اڃا ڊيل سڀ آنا لاهي دنگ ناهن ڪيا ۽ ڪو شڪاري پٽيل آنا کڻي ويو ته انهيءَ ڏينهن انهيءَ سيم ۾ ڊيل جي ڪيهو ڪيهه هوندي، پر پوءِ رهيل آنا انهيءَ ساڳئي جاءِ تي ڪو نه لاهيندي، وري وڃِي نئون ٻوٽو ڳوليندي. جي شڪاري ڏٺو اڃا بيضن جو رنگ اڇو آهي ته هوشيار شڪاري ڪو نه کڻندو، چوندو اڃا ڪچا آهن. پر جي صفا لالچي هوندو ۽ بي رحم هوندو ته اهي به کڻي ايندو ڪپهه ۾ ويڙهي، ڪنهن هنڌ تي رکي ڇڏيندو، پر اهو شڪ وارو ڪم آهي، پر جي بيضا ميٽا هوندا ته دير ئي ڪو نه ڪندو
کڻي اچي ڪنهن آري واري ڪڪڙيءَ جي هيٺان رکي ڇڏيندو. جي ڪڪڙ جي آري ۾ ويهڻ ۾ دير هوندي ته ميٽا بيضا به ڪپهه ۾ ويڙهي رکي ڇڏيندا. هونئن ته جيستائين ڊيل بيضا پئي لاهيندي، اوترا ڏينهن بيضا لاهي هلي ويندي چُڳڻ، پر پندرنهن ڏينهن کان پوءِ پڪو آرو هوندو. 21 ڏينهن ۾ ڇهه ڏينهن پڪو آرو هوندو، جنهن ۾ نه ڪجهه کائيندي نه ڪجهه پيئندي، آري تي ئي هوندي. نور ڊيل جا آنا کائي سگهي ٿو، پر آري تي ويٺل ڊيل جي مٿان جيڪڏهن گدڙ آيو ته ڊيل کي کائي ويندو. جيڪي بيضا ڪڪڙ ڦوڙيندي آهي، انهن ۾ شڪارين جو چوڻ آهي ته جي ٽرڙي ڪڪڙ هوندي، ته ڊيل جي ٻچن کي ڊوڙائيندي، پر جي اصيل هوندي ته ڪو نه ڊوڙائيندي. ڊيل جي ٻچن مان نر ماديءَ جي خبر ايئن پوندي آهي، جو جي ٻچو نر هوندو ته کنڀ نڪرڻ شروع ئي مس ٿيندا، جو کيڙو ڪندو.
باقي مور جو ٻچو جهلڻ ڏکيو آهي، جي ٿورو وڏو هوندو ته وڻ تي چڙهي ويندو، ڀلي پيو شڪاري ڊوڙي. جهلڻ ڪو نه ڏيندو، جي ڀلا جهلي به ويو ته ايڏي مور جي ٻچي جي دل ڦاٽي پوندي. جي صفا ننڍڙو هوندو ته هڪڙو ته هٿ سان جهلي وٺبو. ڊوڙندڙ ٻچي کي گهڻو ڪري هٿ سان جهلي وٺندا آهن. جي ڀلا ڍري ويا ٻچا ڪنهن وڻ ۾ ته هڪڙي پاسي رڇ هڻي ٻئي پاسي کان هوڙ ڪندا، ٻچا سڀ رڇ ۾ ڦاسي پوندا. پوءِ شڪاري انهن ٻچن کي نر مادي جي جوڙي ڪري وڪرو ڪندا. هن جي چوس ئي اها آهي.
انهن اونڌن ڪمن جي روڪ روڪان ڪري ته ڪري سگهجي ٿي، پر جي جهنگلي جيوت وارو کاتو چاهي. پر اهي ويچارا ته هرڻن ۽ روجهن جو شڪار نٿا روڪرائي سگهن. سو وري بيضن جي چوري ۽ مورن جي ٻچن جي وڪري تي ڪهڙو تحرڪ وٺندا! اها ته سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. سو جهنگلي جيوت کاتي وارن کان وڌيڪ جهنگ جي ننگ جي حفاظت ڳوٺاڻن کي ڪرڻ کپي. جي ڳوٺ ڌڻي مڙس ٿي بيهي ته ڪنهن پکيءَ جي آکيري جو ڪک بـه ڪيڏانهن نه ويندو.

آصف علي زرداري اداڪار کان سياستدان تائين -

آصف علي زرداري جي ايڪهٺ هين جنم ڏينهن حوالي سان لکيل ( 26 جولائي 1955ع )
آصف علي زرداري اداڪار کان سياستدان تائين -
ذوالفقار قادري

ضروري نوٽ :(منهنجي ڪوشش رهي آھي تہ ڪنهن تي تهمت ٖ بهتان ٖ الزام تراشي بجا۽ تاريخ جي تلخ حقيقتن کان پڙھندڙن کي آگاه ڪيان ٖ منهنجي ڳالهہ حرف آخر ناهي پر ان جو جواب ٺوس ثبوتن سان ڏنو وڃي تہ خوشي ٿيندي) ڊسمبر 1982ع جي اها سرد ۽ جهڙالي شام اڄ بہ گهڻن زردارين کان ناهي وسري جڏھن موري لڳ واقع زردارين جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ سيٺ مولا بخش زرداري جي اوطاق تي رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجي اڪيلي سڪيلڌي پٽ آصف سان راڄ سان ملڻ آيو ٖ سلام زرداري ٖ ڳوٺن جي نيڪ مردن جو رئيس حاڪم علي زرداري ۽ آصف سان تعارف پئي ڪرايو ٖ ڊاڪٽر لائق زرداري ٖ رئيس غلام رسول زرداري ٖ حاجي ارباب زرداري۽ ٻيا موجود هئا ٖ اتي حاجي ارباب زرداري ٖ آصف علي زرداري کي چئي ڏنو تہ رئيس جو اڪيلو پٽ آھين ٖ ڪا پيڙھي پيدا ڪرڻ لا۽ هاڻي کڻي شادي ڪر ٖ تنهن تي آصف زرداري ٖ حاجي ارباب کي چئي ڏنو تہ “ مون کي ڪو سنڱ ئي نہ ٿو ملي “ ان بعد ماني لڳي تہ حاجي ارباب زرداري ساڳي ڳالهہ رئيس حاڪم علي زرداري کي چئي تہ “ رئيس تون پيءٗ آھينس ٖ هاڻي هن غريب جي کڻي شادي ڪرا۽ “ تنهن تي رئيس حاڪم علي زرداري ٖ حاجي ارباب زرداري کي چيو “ پاڻ جوان مڙس آ ٖ جڏھن چوندو شادي ڪرائيندو سانس ٖ زوري تہ شادي ڪونہ ڪرائيندس “ سو وري اهي ڏينهن شاه محمد شاه ٖ قمر الزمان راڄپر ٖ اسان جي ليکڪ دوست انعام شيخ جي وڏي ڀاءٗ ايڊووڪيٽ امان الله شيخ کان بہ نہ وسريا آھن جڏھن اهي سڀ دوست ولي خان ۽ شير باز مزاري سان گڏ اين ڊي پي ۾ هئا ۽ رئيس حاڪم علي زرداري ٖ ذوالفقار علي ڀٽي سان بيوفائي ڪري اين ڊي پي ۾ شامل ٿي چڪو هو ٖ ذوالفقار علي ڀٽي کي جنرل ضياء ڦاهي ڏئي چڪو هو ٖ هڪ ڏينهن حيدرآباد واري داؤد خان پٺاڻ جي جڳهہ تي اين ڊي پي جو اجلاس هو ٖ جڏھن رئيس حاڪم علي زرداري جو وارو آيو تہ هن ڀٽي کي بد شد ڳالهايو ڀٽي تي وڏا ڇوهہ ڇنڊيا ڳالهہ جڏھن چڙھندي پئي وئي تہ اجلاس ۾ شاه محمد شاه ٖ قمر راڄپر ٖ امان الله شيخ کان برداشت نہ ٿيو ۽ رئيس حاڪم علي زرداري کي چئي ڏنائون تہ “ رئيس ڀٽو هاڻي ڦاهي چڙھي ويو ٖ مئل ماڻھو کي بد شد ڳالهائڻ سونهين نہ ٿو ٖ تون تہ رڳو ڀٽي کان فائدا ورتا ٖ تو کي ڀٽي ڪهڙي تڪليف ڏني ٖ ڪهڙو تون جيل وئين يا روپوش ٿئين يا ڀٽي مال ملڪيت کسي ٖ اسان تہ ڀٽي جي سرڪار وارو سڄو عرصو يا روپوش رهيا سي يا جيلن ۾ رهيا سي ان هوندي بہ اسان کي اها ڳالهہ قبول ناهي تہ ڪو مئل ماڻھو کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٖ هنن جو اهو چوڻ رئيس حاڪم علي زرداري صفا ڪاوڙجي پيو ٖ شاه محمد شاه ٖ قمر راڄپر ۽ امان الله شيخ کي چيائين “ اوهان ڀٽي جا ايجنٽ آھيو “ داود خان پٺاڻ جي گهر آخر وڏو گند ٿيو رئيس ڪاوڙجي هليو ويو ٖ وري جي ڏسجي تہ ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن ولايت مان بارايٽ لا ڪري موٽيو هو تہ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچراري سان گڏ ان وقت جي مشھور قانوندان ۽ وڪيل ڏنگو مل رامچنداڻي جي لا فرم کي جوائن ڪيو هئائين ٖ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ حاڪم علي زرداري جي پهرين ملاقات بہ رام چنداڻي جي آفيس ۾ ئي ٿي هئي جتي رئيس حاڪم علي زرداري ڪراچي جي ڪجهہ متنازعہ پلاٽن ۽ جائداد جي ڪيسن جي حوالي سان آيو هو اها واقفيت دوستي ۾ تبديل ٿي وئي ٖ حاڪم علي زرداري سنڌ جي انهن وڏيرن مان هو جنهن ان زماني ۾ شو بزنس ۾ سيڙپڪاري ڪئي ۽ ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ريگل چوڪ وٽ واقع قائم مشهور جاڙين سينيمائن بمبينو ۽ اسڪالا جو مالڪ پٹ ھو ، رئيس حاڪم علي زرداري انهن سينيمائن جو مالڪ ڪيئن بڻيو اهو بہ هڪ وڏو دلچسپ قصو آهي ٖ رئيس حاڪم علي زرداري فلم لائين ۾ هڪ پيشڪار ٖ نمائش ڪار ۽ تقسيم ڪار طور مشھوري ماڻي هالي ووڊ ٖ بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ جي هر نئين فلم جي نمائش ڪراچي ۾ سندس ئي سينيمائن ۾ ٿيندي هئي ٖ نورجهان ٖ شميم آرا ٖ مسرت نذير سميت ان وقت جون مشهورشو بزنس جون شخصيتون سندس مهمان هونديون هيون حسين چهرن ۽ وڏن ماڻھن جي ميزباني سندس ڪمزوري هوندي هئي اهو ئي سبب هو جو رئيس حاڪم علي زرداري ٖ ذوالفقار علي ڀٽو جي دوستي جو فائدو وٺندي بمبينو سينيما جو افتتاح ذوالفقار علي ڀٽو معرفت صدر ايوب خان کان ڪرايو هالي ووڊ جي ٻن عالمي ايوارڊ يافتہ فلمن “ لارنس آف عربيہ “ ۽ “ قلوپطرہ “ جي پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين نمائش بہ بمبينو سينيما ۾ ٿي هئي ٖ حاڪم علي زرداري جي پهرين گهر واري بلقيس جي ويجهي عزيزه ملڪہ سلطانہ آفندي پنهنجي فلم “ منزل دور نهين “ پوء ان جو نالو " سالگرہ " رکیو ویو ھو ، ٺاهي هئي تہ ان ۾ وحيد مراد جي بچپن جو رول آصف علي زرداري ادا ڪيو هو ٖ ان فلم جو هدايتڪار زاهد علي خان هو ۽ اها فلم “ نبيلہ “ بينر هيٺ 14 فیبروری 1969ع تي ڪراچي جي “ پلازه “ سينيما ۾ نمائش لاء پيش ڪئي وئي هئي ان فلم ۾ چائلڊ اداڪار آصف علي زرداري ٖ وحيد مراد ٖ شمیم آرا ،صوفيہ بانو ٖ سجاد ٖ حنيف ٖ روزينہ ۽ ٻين ڪم ڪيو پر اها فلم ناڪام وئيٖ ۽ جڏھن حاڪم علي زرداري بمبينو سينيما ۾ هالي ووڊ جي مشھور فلم “ زواگو ياملي“ جي نمائش ڪئي تہ ذوالفقار علي ڀٽو جي لا۽ هڪ مخصوص اسپيشل شو رکيو ويو جنهن ۾ صرف ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي شريڪ حيات بيگم نصرت ڀٽو ۽ ستن ورهين جي نياڻي بينظير جنهن کي پيار منجهان پنڪي بہ چوندا هئا ۽ پنجن ورهين جي پٽ مير مرتضئ ٖ سميت شريڪ ٿيو هو ٖ رئيس حاڪم علي زرداري جي پنجن ورهين جي پٽ آصف علي زرداري جي تصور ۾ بہ نہ هيو تہ جن مهمانن کي فلم ڏيکارڻ لا۽ سندس پيء حاڪم علي زرداري ڪيتري عرصي کان جتن پئي ڪيا ۽ انهن جي آمد تي سندس والد خوشي ۾ نہ پئي ماپيو ٖ انهيء خاص مهمانن جي ستن ورهين جي نياڻي بينظير هڪ ڏينهن سندس شريڪ حيات بڻجي وينديٖ رئيس حاڪم علي زرداري جي پهرين شادي قائد اعظم محمد علي جناح جي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جي باني حسن علي آفندي جي ڏوهٽي بلقيس ميمڻ سان ٿي ٖ بلقيس جی والد محمد حسين ميمڻ جي نوڪري سنڌ جي جيل کاتي ۾ ھئي انهن ڏينهن ۾ سندس پوسٽنگ حيدرآباد سينٽرل جيل تي هئي سو رئيس حاڪم علي زرداري ۽ بلقيس جو نڪاح ۽ رخصتي بہ موجوده سينٽرل جيل حيدرآباد جي احاطي ۾ ٿي ٖ بلقيس مان رئيس حاڪم علي زرداري کي هڪ پٽ آصف علي زرداري ۽ ٽي نياڻيون عذره ٖ فريال ۽ فوزيه ٿيون ٖ ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن پاڪستان پيپلز پارٽي جوڙي تي ان وقت نوابشاه ضلعي جنهن ۾ ان وقت نوشھرو فيروز بہ شامل هو رئيس غلام مصطفئ جتوئي تہ پي پي پي ۾ شامل ٿي چڪو هو پر نوابشاه ۾ وڏيرن جي مقامي تضاد سبب نوابشاه جي پراڻي جتوئي - سيد سياسي تڪرار سبب نوابشاه جا شاه سيد پي پي پي ۾ شامل نہ ٿيا ٖ 1970ع وارين چونڊن ۾ ڀٽي صاحب نوابشاه جي سيدن جي مقابلي ۾ رئيس حاڪم علي زرداري کي پ پ پ ٽڪيٽ ڏني ۽ هو چونڊن ۾ کٽي ايم اين اي بڻجي ويو ٖ اڳتي هلي 1973ع جي آئين جي منظوري وقت آئين تي صحيح ڪرڻ واري مسئلي تان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ رئيس عبدالحميد جتوئي ۽ فريال ٽالپر جي سهري ۽ مير منور ٽالپر جي پيءٗ مير علي بخش ٽالپر درميان اختلاف ٿي پيا ٖ وري ٿوري عرصي ۾ مير رسول بخش ٽالپر ۽ ڀٽي صاحب درميان اختلاف ٿيا رئيس عبدالحميد جتوئي ٖ مير علي بخش ٽالپر وارا ولي خان وارن جي اين ڊي پي جو ساٿ ڏنو پر رئيس حاڪم علي زرداري ان وقت پ پ پ ڇڏي جڏھن ذوالفقار علي ڀٽي کيس مارچ 1977ع وارين چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ نہ ڏني تہ حاڪم علي زرداري بہ ولي خان ٖ بيگم نسيم ولي خان ۽ شير باز مزاري سان جوڙ ھڻي اين ڊي پي شامل ٿي ويو ٖ پي پي پي کي ڇڏڻ بعد نوابشاه ۾ سندن سياسي اثر اهو وڃي بيٺو جو جنرل ضياء جڏھن بلدياتي چونڊون ڪرايون تہ آصف علي زرداري ٖ الاهي بخش ڏاهري وارن سان گڏجي نوابشاه شھر مان ڪاونسلر جي سيٽ تي بيٺو پر ڪاونسلر جي سيٽ تان بہ هارائي ويو ان بعد جنرل ضياء 1985ع ۾ غير جماعتي چونڊون ڪرايون رئيس حاڪم علي زرداري ۽ آصف علي زرداري قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي نوابشاه واري تڪ تان بيٺا پر ٻئي ڄڻا نوابشاه جي سيدن جي هٿان پنهنجون ضمانتون رد ڪرائي هارجي ويا ٖ وري فريال ٽالپر صاحبہ جو ور مير منور ٽالپر جنرل ضياء جي مجلس شورئ جو وڃي ميمبر بڻيو هو ٖ اچو تہ هاڻي تقدير جي فيصلن تي نظر وجهون رئيس حاڪم علي زرداري کي سهڻين ٖ سٺين ٖ حسين ۽ مشھور چهرن ۽ شخصيتن سان تعلق جو جنون جي حد تائين شوق رهيو سو جڏهن هن جي نظر ڊاڪٽر زرين ٽمي بخاري تي پئي تہ سندس مٿان موهت ٿي پيو اها ويجهڙائپ آخر شادي جي تعلق ۾ تبديل ٿي وئي “ ٽمي بخاري “ شادي بعد “ ٽمي زرداري “ بڻجي وئي ٖ رئيس حاڪم علي زرداري کي ٽمي زرداري مان ڪو بہ اولاد نہ ٿيو ڊاڪٽر زرين زرداري پنهنجي سينيمائن جي ڪلارڪ پو۽ مينيجر مظفر هاشمي جي ننڍي پٽ اويس کي پنهنجو پٽ بڻائي پاليو جيڪو اڄ ڪلهہ اويس مظفر ٽپي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو اهو ڊاڪٽر زرين عرف ٽمي زرداري جو پاليل آھي . ڊاڪٽر زرين وري ذوالفقار علي ڀٽو جي سڳي ننڍي ڀيڻ منورالاسلام جنهن کي ڀٽو فيملي جا اڪثر ٻار پيار منجهان “ آنٽي منا “ چوندا ھئا ان جي ويجهي ساهيڙي بہ هئي ٖ جنرل ضياء جي دور ۾ ڀٽو خاندان وڏن المين مان گذريو ٖ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي ٖ مير مرتضئ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي جلاوطني وري ٻنهي پٽن جي زندگي کي “ الذوالفقار“ جی سرگرمین سبب جنرل ضياء جي ايجنٽن کان جان کي لاحق خطرن ٖ مٿان قيد بند ، نظربندين جي صعوبتن بيگم نصرت ڀٽو کي نهوڙي وڌو ھو ، هڪ زال ۽ ماءٗ جي حيثيت ۾ ھن گهڻو ڪجهہ ڀوڳيو وري بينظير ۽ صنم جي صورت ۾ جوان ڌيئرن جو فڪر مٿان وري انهن ڏينهن ۾ شاهنواز ڀٽو جي فرانس ۾ پراسرار شھادت جهڙن صدمن بيگم نصرت ڀٽو کي ڦڦڙن جي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو صدمن مٿان صدما ٖ ڀٽو خاندان جي اهڙن المين جو رئيس حاڪم علي زرداري جهڙي چالاڪ ماڻھو ڀرپور فائدو ورتو ٖ رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجي ننڍي گهرواري ڊاڪٽر زرين “ ٽمي “ زرداري کي اشارو ڏئي ڇڏيو تہ هاڻ بہ تنهنجي ساهڙي منورالاسلام ڪم نہ آئي تہ پو۽ ڪڏھن ڪم ايندي سو ڊاڪٽر زرين زرداري پنهنجي سهيلي ۽ ڀٽي صاحب جي سڳي ڀيڻ “ منور الاسلام عرف منا “ سان آصف ۽ بينظير صاحبہ جي رشتي جي ڳالهہ ڇيڙي ٖ منور الاسلام مڪمل طور هڪ وفادار ساهيڙي جو ڪردار ادا ڪندي ان پلان ۾ ڊاڪٽر زرين زرداري جو ساٿ ڏنو ۽ آخر هڪ ڏينهن منورالاسلام پنهنجي بيمار ڀاڄائي بيگم نصرت ڀٽو تي زور ڀريو تہ ڀاءٗ ذوالفقار علي ڀٽو شھيد ٿي ويو ٖ شاهنواز شھيد ٿي ويو تون پاڻ ڪينسر جهڙي مرض سبب بيماري جي بستري تي آھين پنهنجي اکين سان پنهنجي نياڻين جون خوشيون ڏسي وڃ ٖ بينظير ڀٽو سان جڏھن سندس شادي جو ذڪر ڪيو ويو تہ هن پهرين شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ٖ بينظير ڀٽو صاحبہ پنهنجي جڳ مشھور آتم ڪهاڻي ڪتاب “ ڊاٽر آف ايسٽ “ “دختر مشرق “ ۾ پڻ لکيو آھي
تہ جڏهن امڙ ۽ پڦي مون سان شادي جو ذڪر ڇيڙيو تہ مون بنهہ انڪار ڪري ڇڏيو وري مون کي پري کان آصف ڏيکاريو ويو مون کي هن ۾ ڪا بہ متاثر ڪندڙ اهڙي ڳالهہ نظر نہ آئي جيڪا منهنجي ذهن کي آصف سان شادي ڪرڻ طرف مائل ڪري سگهي ٖ ٻئي طرف منهنجي پڦي منهنجي ماءٗ کي ايترو مجبور ڪيو جو مون کي پنهنجي ماءٗ جي لڙڪن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا ۽ مون شادي لا۽ ها ڪري ڇڏي ٖ دنيا ۾ ماٽيلي ماءٗ جي روين بابت ڪئين قصا ڪهاڻيون مشهور آهن پر الله پاڪ سڀني کي ڊاڪٽر زرين ٽمي زرداري جهڙيون ماٽيليون مائون ڏئي جنهن آصف علي زرداري جهڙي بگڙيل وڏيرڪي نوجوان کي بينظير جهڙي عالمي پائي جي زيرڪ سياستدان ڪنوار پرڻائي ڏني اهو پنجن سالن جو آصف علي زرداري جنهن پنهنجي پيءٗ جي بمبينو سينيما ۾ صرف ڀٽي جي فيملي لا۽ ٿيندڙ انگريزي فلم “ زواگو ياملي “ جي شو دوران ستن ورهين جي پنڪي کي حسرت مان ڏسندو ئي رهيو هو پو۽ وقت جي ستم ظريفي چئجي يا تاريخ جو جبر اهو آصف نہ صرف بينظير جو ور بڻجي ويو بلڪہ جنهن پارٽي جي ٽڪيٽ لا۽ ڪنهن زماني ۾ سندس والد حاڪم علي زرداري ڀٽي کي جتن پئي ڪيا اهو آصف علي زرداري پو۽ انهيء ئي پارٽي جو بيتاج بادشاه بڻجي ويو. سچ چيو اٿن تہ وقت وڏو بادشاه آھي -